جڏهن پنهنجي گهروارن ي سڪ لڳندي آهي ته هي درد ڀريو ڪلام ٻڌندو آهيان۔ سوچيم ته سنگت سان شيئر ڪريان ۔ هي ڪلام خاص طور تي انهن جي لاءِ آهي جيڪي پنهنجي گهر ۽ گهروارن کان پري آهن۔ http://www.youtube.com/watch?v=ExNhLeQI6wI
جواب: سکي پيا ملين کي ته چئجانءِ چاندني تو سوا نه ٿيندي ۔۔۔ واه ادا واه ۔۔۔ هاڻ خبر پوئي ٿي نه ته جدائي ڇا ٿيندي آهي؟ پرهه پري آ، پتو نه آهي ۔۔۔ جيئان زندگيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون گهارڻ ڪيئن ٿيندو آهي؟ ۔۔۔ انجي خبر جدائيءَ کان پوءِ ئي پوندي آهي ۔۔۔
جواب: سکي پيا ملين کي ته چئجانءِ مٺا ادا عبدالوهاب قمبراڻي شال جُڙيو هُجين مهان شاعر شيخ اياز جي شاعري مٿان وري شفيع فقير جي سُرن سان لبريز سرگم اصل رنگ لڳائي ڇڏئي ۔ لک لائق تنهنجا قمبراڻي ڪنڌ ڪوٽ وارا پر شايد هاڻي اسلام آباد وارا توکي به هي گيت اصل اندر ۾ وڍ وجهندو هوندو ڇاڪاڻ ته ڪٿي ڪنڌ ڪوٽ ڪٿي اسلام آباد، مطلب دل دلبر دلبر پئي ڪري