خود ئي کيل ٿياسين ۽ خود ئي مداري،غزل..خيال سنڌي

خود ئي کيل ٿياسين ۽ خود ئي مداري،
.اسان دوست ائين حياتي گذاري

اسان جي محبت جو معصوم ٻالڪ،
.چيڀاٽي وئي تنهنجي ڄڃ جي آ لاري

ٻڌي ڇڏ ٻڌي ڇڏ ايسين سنڌ رهندي،
.اڇو کير ڏي پئي جيسين مينهن ڪاري

اسان پنڇي آهيون ٻٽي ڏينهن مهمان،
.اسان جي ضرورت صرف هڪڙي ٽاري

اُڃو شل مرين ۽ سُڪن تنهنجا تڙ سڀ،
.او ماري تو ماري آ هرڻي اُڃاري
 
Back
Top