اسان جڏهن به داخله وغيره لا فوٽو ڪڍرائيندا آهيون ته فوٽو اسٽوڊيو وارا مون جهڙي ڪاري کي الائي ڪهڙا ٽولاستعمال ڪري بلڪل گورو ڪري ڇڏيندا آهن ، يار اهو ڪيئن ٿيندو آ؟
سائين....اوهان کي ياد هوندو ته پاڪستان جي چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ سنڌين خلاف نسلي متڀيد رکندڙ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم جيڪو پنهنجن لڇڻن سبب ڏاهپ کان وانجھو، بدافعالو ۽ ٻٽاڪي ليکيو ويندو هو تنهن جي اصل تصوير اخبارون ۾ شايع ٿيندي هئي ته سندس منهن ڪارو هوندو هو پر شابس هجي ڪمپيوٽر آپريٽرن کي جن بعد ۾ سندس ڪاريَ منهن کي اڇو ڪري ڇڏيوجيڪو سندن وس ۾ هو البت سندس ڪاري دل کي اڇو ڪرڻ ڪنهن جي به وس ۾ ڪونه هو ـ تن ڏينهن ۾ مان آن لائين انگريزي اخبار سنڌ ٽُه ڊي ڊاٽ نيٽ ڪڍندو هوس جنهن تي جنرل مشرف جي دور ۾ 26 جولاءِ 2006 تي بندش وڌي وئي هئي ۽ اهڙي خبر بي بي سي به ڏني هئي، تنهن ۾ مون ڊاڪٽر ارباب رحيم جون ڪاريَ منهن ۽ اڇي منهن واريون تصويرون گڏ اپ لوڊ ڪيون هيون ـ