پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران نامور شاعر سائين ادل سومري سان رهاڻ جي رپورٽ
رپورٽ: آصف نظاماڻي
سنڌُ جي نامور ۽ من گهريي شاعر ادل سومري جي 61 هين جنم ڏينهن جي نسبت سان 15 آگسٽ 2014ع جي شامَ پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ساڻس هڪ شاندار ۽ پروقار رهاڻ رچائي وئي. خيرپور جيم خاني جي نئين تعمير ٿيل عاليشان عمارت جو ڇٻراٽو انهيءَ شامَ رنگن ۽ روشنين ۾ جڳمڳائي رهيو هو. سِجُ لهندي ئي ادل سومري جي شاعري ۽ شخصيت سان پيار ڪندڙ دِليون تقريبَ ۾ پهچڻ شروع ٿي ويون. اسٽيج تي هلڪي آسماني رنگَ جو بينر ۽ ان جي هڪ پاسي، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پاتل ادل سومري جي تصويرَ مُرڪي رهي هُئي جڏهن ته بينر جي پيشانيءَ تي ادل سومري جو شعر لکيل هُيو:
هونئن ته منهنجي شعرَ ۾ خاميون گهڻيون
سونهن جو آهي ذڪر اگهجي ويو
اها شامَ نسبتن ٿڌڙي شامَ هُئي، هوا گهلي رهي هُئي ۽ هر آيل مهمان جي چپن تي مُرڪ ۽ دلين ۾ خوشيءَ جو احساس جاڳي پيو هو. اسٽيج سيڪريٽري نامياري شاعر ۽ ٽماهي ”پوپٽ“ جي اعزازي ايڊيٽر، امر اقبالَ پنهنجي خوبصورت آواز ۽ اندازَ سان تقريبَ جو آغاز ڪيو. سڀ کان پهريائين محفل جي مورَ ادل سومري کي اسٽيج تي سڏيو ويو جڏهن ته بعد ۾ نامياري ليکڪ/ڪالم نگار ڊاڪٽر مجيد چانڊيو، نامياري شاعره ڊاڪٽر نجمه نور ۽ نامياري شاعر ڊاڪٽر سليمان سولنگيءَ کي خاص مهمانن جي حيثيت سان اسٽيج تي ويهاريو ويو. تقريبَ جي ميزبان پوپٽ پبلشنگ هائوس جي چيئرمين ۽ نامياري سفرنامه نِگار قربان منگيءَ کي پڻ اسٽيج تي مهمانن سان گڏ ويهاريو ويو.
مهمانن کي اسٽيج تي ويهارڻ کان پوءِ ڪيڪُ ڪٽڻ جي رسم ادا ڪئي وئي. ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو“ جي جھونگار سان گڏ سموري پنڊالَ جا هَٿَ مُسلسل تاڙين جي صورت ۾ ٽڙندا رهيا. ڪيڪ ڪٽڻ کان پوءِ اڻ ڳڻين مهمانن اسٽيج تي اچي اَدل سومري کي اجرڪ، سنڌي ٽوپيون، ڪِتاب، ڪيڪَ، مٺائي، گلدستا، خوشبوءَ جون بوتلون ۽ ٻيون سوکڙيون پيش ڪيون. تازو چينَ کان موٽندڙ قربان منگيءَ، چين مان ادل لاءِ ورتل، ديوار چين جو ماڊل ۽ ابراهيم کرل شاهه جو رسالو ۽ اجرڪ ادل کي سوکڙيءَ طور ڏنو تڏهن ته ماڻڪ موتي تنظيم جي چيئرمينَ محمد عثمان منگي پاران حيدرآباد مان ادل سومري لاءِ موڪليلَ اجرڪَ جي سوکڙي پڻ کيس ڏني وئي.
تقريرن جي سلسلي جي شروعات ۾ قربان منگيءَ آجياڻو پيش ڪندي مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته: ”1977ع ۾ مون ادل جو پهريون ڪِتاب ”روز ٽڙن رابيل“ پڙهيو هو ۽ اهو سمورو شاعريءَ جو ڪِتاب مون کي بر زبان ياد ٿي ويو هو“ سامهون پنڊالَ مان فرمائش تي قربان منگيءَ اُنَ ڪتابَ مان ڪجهه نظمَ ٻُڌايا.
ويچارَ ونڊڻ واري نشست ۾ حسن شيخ چيو ته: ”ادل جي سيني ۾ هڪ صوفيءَ واري دل آهي هُو اڄ جي دؤر جو آدرشي انسان آهي.“ ـــ خواجه ذوالفقار چيو ته: ”اَدل نوجوانن لاءِ هميشه اتساهه جو سبب بڻيو آهي “ ــــ ضمير لاشاريءَ چيو ته: ”ادلَ محبت جي روشنيءَ ۾ ڪارج ڀريو تخليقي سفر ڪيو آهي.“ ـــ ڊاڪٽر مهر خادم چيو ته: ”ادلَ شاعريءَ سان گڏوگڏ تحقيقَ ۾ به وڏو ڪم ڪيو آهي.“ ـــ ڊاڪٽر اعجاز سمون چيو ته: ”ادل سومرو هر دؤر جو هر دل عزيز شاعر آهي“ ـــ محمود سومري چيو ته: ”ادل سومرو پنهنجي نالي جهڙو مِٺو ماڻهون ۽ مِٺو شاعر آهي“ ـــ پروفيسر اسد رضا عابديءَ چيو ته: ”اَدل لطيف يونيورسٽيءَ ۾ گذاريل پنهنجي وقت ۾ پنهنجو ڳاٽُ هميشه بلند رکيو.“ ــ ڊاڪٽر خادم منگيءَ چيو ته: ”ادلَ جي شاعري فن ۽ فڪر جي انفراديت سبب هميشه اعليٰ درجي تي رهي آهي.“ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين خيرپور جي رپورٽر خان محمد خان چيو ته: ”ادل سومرو سنڌ جو شعور آهي جنهن هميشه اسان جي رهنمائي ڪئي آهي“ ــ ابراهيم سارنگ چيو ته: ”اسان کي ادل جي شاعري ۽ ادل جي دوستيءَ تي ناز آهي.“ ـــ خالد ٻانڀڻ چيو ته: ”اَدل اسان نوجوانن لاءِ هميشه رول ماڊل رهيو آهي سندس شاعري اسان جو اتساهه آهي“ ـــ اختر درگاهي ءَ، ادل سومري جو غزل ”دوستيءَ کي روشني سمجھي اسان“ جھُنگاري محفل کي موهي ڇڏيو. هن چيو ته: ”ادل جو ايترو ڪم آهي جو ان تي پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي“ ـــ استاد الغفور سومري چيو ته: ”ادل سومري جي شاعريءَ جي اِها وڏي خوبي آهي ته اُها قدرتي رڌم رکي ٿي، اِهو ئي سبب آهي جو اُنَ کي سوين راڳين ڳايو آهي“ ـــ احرار يوسف چيو ته: ”ادل هميشه منهنجي پسند جو شاعر رهيو آهي ۽ اُنَ جي شاعري پڙهڻ ۾ هميشه نئين ۽ نڪور لڳندي آهي“ ـــ
اسٽيج تي ويٺلن مان ڊاڪٽر سليمان سولنگيءَ چيو ته: ”ادل سان منهنجي پراڻي دوستي آهي پر اسان ڏهاڪو سالن کان پوءِ ئي ملي سگهندا آهيون“ هن چيو ته: ”ادل سومرو پنهنجي دؤر جو اڳواڻ شاعرُ آهي جنهن جي شاعري ۽ شخصيت جي پنهنجي الڳ خوشبوءِ آهي.“ ـــ ڊاڪٽر نجمه نور چيو ته: ”هڪ شاعر ۽ هڪ ڪُليگ جي حيثيت سان مون هميشه اَدلَ کي مٿاهين رُتبي تي ڏٺو آهي. هُو جيترو اعليٰ تخليقڪار آهي اوترو ئي وڏو انسانُ پڻ آهي.“ ـــ ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊئي چيو ته: ”ادل سومرو فڪر ۽ تخيل جي حوالي سان جديد شاعريءَ ۾ مهندار شاعِرَ جي حيثيت رکي ٿو. ادلَ هِڪَ سُڄاڻ شاعر، محبت ڪندڙ دوستَ ۽ ڪميٽيڊ اُستاد جو ڪردار نباهيو آهي“
محفل جي مُور ادل سومري چيو ته: ”هي هيڏو سارو پيارُ ۽ مانُ ڏسي، زندگيءَ ۾ ايمان تازو ٿي ويو آهي.“ هُنَ چيو ته: ”منهنجي اول آخر وابستگي هِنَ مٽيءَ ۽ ديسَ سان آهي. ديس سان منهنجي شاعري ۽ زندگي واڳيل آهي. قلم، ڪتاب ۽ شعرَ منهنجي ميراث آهن. شيخ اياز، رشيد ڀٽي، ۽ تنوير عباسي منهنجا فڪري سونهان ۽ رهبر دوست رهيا آهن. مون ڪڏهن به ڪا ڪُرسي، ڪو عُهدو، ڪا اسٽيج يا ڪو تمغو ناهي طلبيو. پڙهندڙن جو پيار منهنجي ملڪيت آهي“. هن موقعي تي ادل سومري پنهنجو نظم ”سپين جي ڳوٺَ جون ڳالهيون“ ٻُڌائي ماحولَ تي سحر طاري ڪري ڇڏيو.
رات جي ماني جي وقفي کان پوءِ موسيقيءَ جي محفل ٿي جنهن ۾ قدير شيخ، شريف عباسي ۽ آصف سومري ادل سومري جا گيتَ ۽ غزلَ ڳايا، تنهن بعد ڪلاسيڪل راڳي اُستاد عبدالغفور سومري پنهنجي راڳَ جو رنگ ڄمايو. هُنَ ”پيار تنهنجو جي نديءَ جهڙو نه هو“، ”ڀڳل جامَ جهڙي حياتي اسان جي“ ۽ ادلَ سومري جا ٻيا غزلَ ڳائي محفل کي رات دير تائين مُنڊي رکيو. هن يادگار تقريبَ ۾ زاهده مري، بتول ڪاظمي، صغريٰ مجيد شيخ، خالده رياض، يوسف ڪُڙيو، پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو، ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي، پروفيسر امداد چانڊيو، مظهر ابڙو، اختر کوکر، هاشم ڀٽي، ڪفايت گل، نور محمد نور سومرو، مرتضيٰ ڦل، صاحب خان ڀنڊ، ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو، مقصود مهيسر، پروفيسر نياز مري، ڊاڪٽر شاهه محمد لهراڻي، ڊاڪٽر احمد علي شاهه، غلام شبير سومرو، انجنيئر فدا وساڻ، رجب سهراب فقير، سلامت سهراب فقير، عزيز ميمڻ، سائينداد ڦلپوٽو، ڊاڪٽر مراد خميساڻي، صلاح شيخ، نديم وساڻ، آزاد انصاري، حسين بخش مهيسر، انور پرديسي، فيض سومرو، رياض منگي، خادم ڪلهوڙو، عاجز ابڙو، ياسر بوزدار، آصف بلوچ، فهيم منگي، شرف منگي، ضياء ڀٽي، حزب الله آءِ سومرو سميت علم، ادب، فن ۽ ثقافت سان لاڳاپيل سوين مهمانن شرڪت ڪئي.
هلندڙ تقريبَ دوران فريد ڀُٽو (آمريڪا)، جاني پيرزادو (ڪئناڊا)، ڊاڪٽر بدر سومرو (ڄامشورو)، سعيد منگي (ڄامشورو) جسٽس رٽايرڊ علي اسلم جعفري (ڪراچي)، عطا محمد ڀنڀرو (حيدرآباد)، لعل بخش منگي (ڪراچي)، مير صوبدار سعيد (دادو)، عرفان منگي (چائنه)، شاهن سمنگ (ڪشمور)، ڊاڪٽر جئه رام ڏيوناڻي (ممبئي)، مان فون ڪري ادل سومري لاءِ جنم ڏينهن واڌايون چيون.
”پوپٽ“ پبلشنگ هائوس پاران هن موقعي تي ٽماهي ”پوپٽ“ جو جولاءِ ـــ سيپٽمبر وارو شمارو ”ادل سومرو نمبر“ طور ڇاپڻ جو اعلان ڪيو ويو جيڪو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.