• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي شاگردن لاء ڪراچي يونيورسٽي پاران تبديل ڪيل داخلا پاليسي ۽ اسان جون ذميواريون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
375508_102568013194252_928851519_n.jpg

سنڌ ٽريبيون ۾ خبر آئي آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد قيصر اهو اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي تبديل ڪندي سنڌ جي سڀني ضلعن لاء هاڻ 400 سيٽن تي اوپن ميرٽ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي ڪاوشن جي تعريف ڪرڻ گهرجي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا سنڌي شاگرد هر سال هنن 400 سيٽن تي مقابلو ڪري پاڻ مڃائين ٿا يا نه ؟ جي جواب نه ۾ ايندو ته پوء اسان جي سول سوسائٽي ۽ تعليمي ادارا ۽ اتي ويٺل شخصيتون ڪنهن به طرح پاڻ کي اهل نه سمجهن. شاگردن کي به گهرجي ته اهي هن پاليسي مان فائدو حاصل ڪن.

اسان جون سياسي، ادبي ۽ سماجي تنظيمون هڪ ڊگهي عرصي کان اها گهر ڪري رهيون هيون جيڪا پوري ٿي آهي. هاڻ اسان جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن تي اها وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته هو تعليمي حوالي سان جاڳرتا مهم هلائي نوجوانن کي چٽا ڀيٽي لاء تيار ڪري ڪراچي يونيورسٽي ۾ آڻين.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top