• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سمارٽ فون کي ڊمب فون طور استعمال ڪريو..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
chinese_anger.jpg

مٿين تصوير وانگر وار پٽڻ جهڙو ٿي ويندو آهيان .. جڏهن عرس پريو جو هر دفعي وانگر اصل سمجهه ۾ نه ايندڙ موبائيل ايس ايم ايس ملي يا وري سليمان وساڻ جهڙو ڪو دوست فون ڪري چئي ته يار ڪور آئي ٿري ليپٽاپ ۾ ونڊوز ايڪس پي ڪري ڏي...

خير ان کان اڳ جو توهان موضوع کان هٽيل گفتگو مان تنگ ٿيو... هتي مان مجبورًا اهڙو موضوع لکي رهيو آهيان جنهن جي لکندي اصل ناخوش آهيان.. ڇو ته موضوع اهڙن ئي دوستن لاءِ آهي جيڪي سمارٽ فون کي هٿ ۾ رکڻ جا عادي هجن ۽ رڳو ايترو به نه پر بغير ڪنهن ضرورت جي هر هر ڪلڪ ڪري ڏسندا هجن.. ۽ پوءِ وري سمارٽ فون کان اڳ جي فونن جي تعريف ڪندي موجوده فون جي بيٽري تي لعنتون وجهندا هجن...
ان ڪري جيئن مٿي ٻڌايم سليمان وساڻ ڪور آئي ٿري ۾ ايڪس پي ونڊوز ڏسڻ چاهي ائين اهي دوست به سمارٽ فون کي پراڻي Dumbphone طور ڏسڻ چاهين...
ته پوءِ اهڙن ساٿين لاءِ حاضر آهي اينڊروائيڊ جي Dumbphone ايپليڪيشن...

g1ycoC4xTeW1vQ2OzmZGB4Rrr1NeMYvNK_K4k3br1DhDSifm63C5OFkyoFOsYRUD5ts=h900-rw

UjFB6WsdlwAYIkN3vf30Cr8YagkeHiqIgtr4t-whhzA9J2_VlqOjpr5YEaGYeXd8yA=h900-rw

ovB9GTqP5PxfYuFVID-_kVn_jQ_6ZZvAMx4FUswVQbAokCPtjITwR4BVFNHgJxERtmM=h900-rw

ڊمب فون ايپليڪيشن رڳو انٽرنيٽ کي ئي عارضي طور بلاڪ نه ٿي ڪري پر سمارٽ فون ۾ موجود انهن سڀني فيچرز کي غير فعال بڻائيندي آهي جيڪي بيٽري کي وڌيڪ استعمال ڪندا آهن.. اهڙي طرح سمارٽ فون کي به پراڻي دور جي رڳو ڪال ۽ ايس ايم ايس ڪرڻ ۽ وٺڻ وارو سيٽ بڻائي ڇڏيندي آهي...

هتي ڪلڪ ڪري پلي اسٽور تي موجود ڊمب فون ايپليڪيشن جو ڦيرو ڀريو..
 
فون سمارٽ هجي ته ماڻهو ڊمب ٿيو وڃي، فون کي ڊمب ڪري پاڻ سمارٽ رهڻ لاءِ بهترين ايپليڪيشن ۽ مان عنوان کي ڏسي ئي سمجهي ويو هئس ته اها ٿريڊ ذيشان رشيد ئي لکي هوندي.... :D
 
جڏهن ڪٿي پري ويندو آهيان ۽ سمارٽ فون جي نڀاڳي بيٽري پنهنجو ڪم ڏيکاريندي آهي ۽ فون جي بيٽري آخري لمحن ۾ هوندي آهي ته ڏاڍو غصو ايندو آهي .... انڪري هي ونڊ اهڙي وقت ۾ وڏو ڪم ڏيندو ..... ڀلي اوهان پنهنجا وار پٽيو پر سچ ته ڪم سٺو ٿي سگهي ٿو اهڙين حالتن ۾.
 
ڪجهه ڏينهن اڳ موبائل فون گُم ٿي ويو هو سوچيو هئم ته هاڻي نوڪيا ۾ 101 سيٽ وٺندس ان جي بيٽري 3 ڏينهن آرام سان هلي ٿي پر وري خيال آيو ته جيڪي دوست واٽس ايپ تي روزانو خط موڪليندا آهن انهن کي ڪيئن جواب ڏيندس ؟؟
ڀلا! اهڙي ايپليڪيشن هلڪي ڦلڪي اينڊروائيڊ سيٽ ۾ به هلندي يا نه !؟

فون جي بيٽري مان ڏاڍو تنگ آهيان ، چوويهه ڪلاڪ مَس ٿي هلي.
 
هڪ سٺي ونڊ سمارٽ فون رکڻ وارن لا، پاڻ ان کان آجو، ٽي سال اڳ سمارٽ فون استعمال ڪيو هيو ۽ توبه ڪئي :(
 
بيوقوفاڻي سوال جو بيوقوفاڻو جواب...
ڊمب فون ۾ ته رڳو ڪال ۽ ايس ايم ايس ئي ڪري سگهبو.... :)
 
جڏهن ڪٿي پري ويندو آهيان ۽ سمارٽ فون جي نڀاڳي بيٽري پنهنجو ڪم ڏيکاريندي آهي ۽ فون جي بيٽري آخري لمحن ۾ هوندي آهي ته ڏاڍو غصو ايندو آهي .... انڪري هي ونڊ اهڙي وقت ۾ وڏو ڪم ڏيندو ..... ڀلي اوهان پنهنجا وار پٽيو پر سچ ته ڪم سٺو ٿي سگهي ٿو اهڙين حالتن ۾.
سائين پري نه ويندا ڪيو گهر جي ڀرسان ئي رهندا ڪيو حالتون خراب آهن
 
اينڊرائيڊ کان سوا مونکي ٻي ڪا فون وڻي ئي نه.
اينڊرائيڊ سسٽم اڄ ڪلھ هر موبائيل ۾ آهي.
ادا رشيد توهان جي مهرباني جو اهڙو سافٽوير شيئر ڪيو.لک قرب
 
ڪجهه ڏينهن اڳ موبائل فون گُم ٿي ويو هو سوچيو هئم ته هاڻي نوڪيا ۾ 101 سيٽ وٺندس ان جي بيٽري 3 ڏينهن آرام سان هلي ٿي پر وري خيال آيو ته جيڪي دوست واٽس ايپ تي روزانو خط موڪليندا آهن انهن کي ڪيئن جواب ڏيندس ؟؟
ڀلا! اهڙي ايپليڪيشن هلڪي ڦلڪي اينڊروائيڊ سيٽ ۾ به هلندي يا نه !؟

فون جي بيٽري مان ڏاڍو تنگ آهيان ، چوويهه ڪلاڪ مَس ٿي هلي.
جي ها تنهنجي موبائيل ۾ هلي ويندي.
باقي بيٽري جو شڪر ادا ڪر جو 24 ڪلاڪ هلئي ٿي.ٻيون موبائيلون 7 يا 6 ڪلاڪ مس ٿيون هلن.
 
بلڪل مون وٽ 7 ڪلاڪ به وڏا آهن. چارجر سدائين گڏ هُجي ٿو.
جي ها تنهنجي موبائيل ۾ هلي ويندي.
باقي بيٽري جو شڪر ادا ڪر جو 24 ڪلاڪ هلئي ٿي.ٻيون موبائيلون 7 يا 6 ڪلاڪ مس ٿيون هلن.


معنيٰ ته پاڪستان کَٽي ويو ;)
موبائل 24 ڪلاڪ آرام سان هليو وڃي سوبه پاڪستاني موبائل :)
 
هاڻ جڏهن موٽرولا جو موبائل ورتو اٿم ته اها ايپ لازمي انسٽال ڪرڻي پئجي وئي.. ڇوته يونيورسٽي ۾ ڪلاس دوران اگر سڀئي ايپس هلنديون رهيون ته 4 ڪلاڪن اندر بيٽري جا ڌاڻا (لاھ) نڪري ويندا... :D:D:D:D
 
Back
Top