• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منھنجو تعارف

السلام عليڪم دوستو
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
منھنجو نالو منیراحمد ملڪاڻي آھي، رھندڙ ملڪاڻي شريف ضلع بدين جو آھيان. منھنجي عمر ھن وقت ۲۳ سال آھي ۽ بي اي جو شاگرد آھيان، ادب سان ٿورو گھڻو چاھ اٿم.
ڪافي ٽائیم کان فورم جو ميمبر آھيان پر لکڻ جو خيال ھاڻ آيو آھي.
سنڌ سلامت جي سڌ پياري دوست يونس ملڪاڻي کان پئی، ھتي آيس تہ خٻر پئي تہ علم جو اڻ کٽ جھان ھتي موجود آھي. انشاءﺍﻟﻠﻪ ضرور لاڀ پرائبو‌ ۽ ڪجھ ڏيڻ ۽ ڪجھ وٺڻ وارو سلسلو بہ جلد شروع ڪبو.
 
توهان جي شموليت 2011 ۾ ٿي آهي! ۽ توهان جي پهرين تحرير 30 منٽ اڳ پوسٽ ٿي آهي :)
توهان کي هن فورم تي ڀليڪار.
توهان ادب سان چاهه رکو ٿا معنى ته اديب آهيو :)
توهان جهڙن اديب دوستن کي فورم تي ڏسي دل باغ بهار ٿي وڃي ٿي.
 
ادا اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪجي ٿي

10527254_10204288033631127_8809190606981458991_n.jpg
 
ادا اوهان کي فورم تي ڀليڪار. ذاتي طور خبر اٿم ته اوهان انٽرنيٽ رُڳو موبائل تي استعمال ڪندا آهيو. ان هوندي به سنڌي لکي هتي حصو ونڊيو پيا. ان تي شاباس. اميد ته لکڻ جو سلسلو جاري رهندو
 
مھرباني ادا عبدالحفيظ.. اھا حقيقت آھي تہ آئون انٽرنيٽ موبائل تي ئي استعمال ڪريان ٿو پر جلد انشا ﺍﻟﻠﻪ فورم ڪمپيوٽر تي ھلائي مواد موڪليندس.
 
خوش آمديد منير ڀا. دير آيد درست آيد.
هن فورم جي ميمبرشپ ڏسي اڃا دل نه ٿي ڀرجي جو سنڌي اڃا اسان کا الهي پري آهن. کين هتي گڏ ڪرڻ جي وڏي ڪوشش رهندي . هڪڙو دوست وڌيو ڀلو ٿيو. هاڻ ساٿ رهجو ۽ پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهجو اوهان جو پنهنجو فورم آهي هن ۾ توهان هر ڳالهه ونڊي سگهو ٿا. هر ڪيٽيگري موجود آهي اڃا ڪنهن شي جي ڪمي هجي ته اها به ٻڌايو. پر ساٿ نه ٽوڙجو. ۽ جيترو ممڪن ٿئي پنهنجي سنڌي ڀائرن کي هن پليٽ فارم تي آڻيو. اسان لائق جيڪو ڪم هجي حاضر آهيون.
 
مانوارا مٺڙا سائين منير احمد ملڪاڻي صاحب اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون ۽ اميد ٿا رکون ته هن محبت ڀري فررم کي پنهنجن لفظن سان سينگاريندا رهندئو. اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو .
سُکيا هجوشال ، جيون جا سڀ سال
 
مھرباني ادا عبدالحفيظ.. اھا حقيقت آھي تہ آئون انٽرنيٽ موبائل تي ئي استعمال ڪريان ٿو پر جلد انشا ﺍﻟﻠﻪ فورم ڪمپيوٽر تي ھلائي مواد موڪليندس.
ادا سنڌ سلامت تي ڀليڪار ، اوهانجي مواد جو انتظار رهندو ، سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
10009789_515995941835448_770135814_n.jpg


ادا منير احمد ملڪاڻي السلام عليڪم! اسان اوهان کي دل جي گهرائين سان هن محبتي اڱڻ جو ڀاتي ٿيڻ تي مبارڪون ڏيون ٿا. اسان محسوس ڪيو آهي ته بدين ۽ ان جي آسپاس جا علائقا تعليمي ۽ ادبي معيار جي حوالي سان تمام گهڻا زرخيز آهن ، انهن علائقن جا ڪيترائي ڏاها اسان جي اڱڻ جا ڀاتي آهن ۽ پنهنجي محنتن ۽ جاکوڙ سان هن فورم کي آسمان جي بلندين تي پهچائڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پياآهن . ادا عبدالحفيظ لغاري ؤ سائين يونس ملڪاڻي انهن جو مثال آهن. اميد ته اوهان جي ميمبر ٿيڻ سان اسان کي اوهان جا معلومات سان لبريز ليک پڙهڻ جو موقعو ملندو. توهان جي تحريرن جو انتظار رهندو.
 
Back
Top