دربان (حميد سنڌي)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    دربان
    حميد سنڌي
    ............

    هيءَ هڪ اهڙي ڳوٺ جي ڪهاڻي آهي جتي هڪ وڻ(کجي) انهن جي زندگي جو محور آهي. بظاهر ته هي ڪهاڻي انهي وڻ جي لڳي ٿي پر اصل ۾ هي ڪهاڻي انهن انساني روين جي به آهي جن جي ڪري انهي وڻ جو موت ٿئي ٿو. جيڪا ڄڻ ته انهي سموري ڳوٺ جو محافظ هوندو آهي.
    ...........

    مون جڏهن به ڪنهن شهر، ڳوٺ يا وستيءَ تي نظر وڌي آهي ته مان ان ۾ لڪل تاريخ کي ڳولي هٿ ڪري پوءِ ان سان ڪو ناتو ڳنڍيندو آهيان. منهنجو عقيدو آهي ته سنڌ جي هر شهر هر ڳوٺ کي پنهنجي تاريخ آهي ۽ خاص طرح جڏهن اوهان ان تي گهري نظر وجهندئو ته اها تاريخ اتان جي گهٽين رستن، باغن بستانن، گهيڙن گهٽن، گهرن، حولين، قلعن برجن جي ڪهاڻين تي آڌار رکندڙ هوندي. مان هر انهيءَ هنڌ جي ڪهاڻي کي تاريخ جو اهم حصو ڪري سمجهندو آهيان. ڇاڪاڻ ته اهي گهيڙ ۽ گهٽ، واٽون ۽ پنڌ منهنجي وطن، منهنجي ماڻهن جي ڪردار ۽ اٿڻي وهڻيءَ کي نمايان ڪن ٿا. هر وڻ ٻوٽو به ڪا نه ڪا تاريخ رکي ٿو ۽ تاريخ جيڪڏهن انهن ننڍين ڪهاڻي کان خالي هجي ته تاريخ جا ڪردار، ڪردار نه رهندا. تاريخ جا بخيا هميشه اڊڙيل رهندا جيستائين ان، ماڻهن سان گڏ وڻ ٻوٽي، ڪليءَ ڪاٺيءَ، گهٽيءَ گهيڙ جي ڪهاڻين کي پاڻ ۾ نه سموهيو آهي.
    مثال طور منهنجو ڳوٺ آهي، ان کي وڏو تاريخي پس منظر آهي ته اهو ڪنهن مسلمان بادشاهه ٻڌرايو هو. پر ان جي ڪهاڻي شهر بنجڻ تائين، تيستائين مڪمل نه آهي جيستائين اسين قديم اڏاوتن جو ذڪر نه ڪنداسين، جيستائين سندس باغن ۽ بستانن جو ذڪر نه ڪنداسين، جيستائين پراڻن کوهن ۽ واهن جو ذڪر نه ڪنداسين، جن ساڻ هر دور جي ماڻهن جو ذهني ڳانڍاپو رهيو، ڪردار جي تخليق ٿي، ڪردار سيني در سيني ذهن اندر ذهن جي پرورش ڪئي ۽ ان پرورش اسان کي ماڻهو ڏنا. مڙد مٿير ڏنا ۽ ائين ماڻهن ۽ مڙد مٿيرن جي تاريخ ٺهي، پر جي تاريخ رڳو ماڻهن جي تاريخ ليکبي ته اهو منهنجي ڳوٺ، منهنجي وستي، ان جي وستار ۽ وستوئن سان ظلم ٿيندو. ان ظلم کي روڪڻ لاءِ مان پرچار ڪندو رهندس. ڇاڪاڻ ته مان هڪ اهڙي ڳوٺ جو رهواسي آهيان. جنهن جو تاريخ ۾ حصو آهي. جنهن جي ماڻهن جو تاريخ ۾ ذڪر آهي. پر تاريخ ڪٿي به اتي جي ڪنهن به گهر، حويلي، گهٽيءَ گهيڙ، وڻ يا کوهه جو ذڪر نه ڪيو آهي، جن انهن ماڻهن کي تاريخ جو حصو بڻايو آهي. منهنجي سامهون اها حويلي آهي. جنهن جا هاڻ پاسا ڀريل آهن، پر اڄ به اسان اتي جي رهواسين پنهنجي عزم سان ڳنڍ ٽوپا ڏئي ان کي دائم ۽ قائم رکيو آهي. اهي گهيڙ گهٽ آهن، جن تي چوڪيون ڏيندي اسان پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي عظمت برقرار رکي. اهي ڪپيل باغ آهن، جن جي وڻن جو هڳاءُ اڄ به اسان جي ذهنن کي تازه دم رکندو اچي.
    انهن ڪهاڻين کي گهڻا ڏينهن نه ٿيا آهن. منهنجي سانڀر جي ڳالهه آهي، مان پنهنجي ابي امان ۽ ادين سان گڏ هڪ وڏي ويڙهي ۾ رهندو هوس ۽ اهو ويڙهو پنهنجي خانداني روايتن سان هڪ وڏي حويلي ۾ رهندو هو. جن به منهنجو ڳوٺ ڏٺو آهي، سي ان حويليءَ جي عظمت کان واقف هوندا. هيءُ انوقت به چڱڙو شهر هو ۽ اڄ به چڱو وڏو شهر آهي. شهر کان پاسيرو هڪ وڏي دڙي تي اها حويلي آهي. جنهن کي چوڌاري هڪ وڏي قلعي نما ڀت آهي، جيڪا سندس رهواسين کي حفاظت مهيا ڪري ٿي. جيئن ئي حويلي کان نڪربو ته هيٺ رستي تي اچڻ لاءِ هڪ سهڻوگهيڙ آهي. جيڪو آهستي لهي رستي تي اچي ٿو دنگ ڪري. ٻارڙن جي حفاظت لاءِ گهيڙ کي اهڙو گهڙيو ويو آهي جو ڪومل پير به ان جي گهڙائي کي محسوس نه ڪري سگهندو. گهيڙ تان لهي رستي تي اچبو هو ته سامهون اسان جي وڏن جو باغ نظر ايندو هو، کجين جو باغ. رستي ۽ باغ سٻنڌ ائين هو جو اهو رستو حويليءَ ۽ اوطاق جو ساٿ ڏيندو اڳتي ٿي هليو ته باغ به هڪ سائي پٽي وانگر سائو رستو ٺاهيندو ساڻس اڳڀرو ٿي ٿيو ۽ ان موڙ تائين ٿي هليو جت رستو، رستو نه ٿي رهيو ۽ باغ اتي ئي لنگر لاهي ٿي ڇڏيو. اڳڀرو گهٽيون هيون، جن مان لنگهندي ڪنهن به بندش جو احساس نه ٿي ٿيو، ڇاڪاڻ ته ميدانن جي ڪشادائي اڳڀرو منتظر هوندي هئي.
    مان ننڍي هوندي پٽي کڻي، جڏهن ملان مڪتب ويندو هوس ته گهيڙ تان لهندي جي ڊوڙ پائيندو هيس ته سڌو وڃي رستي ته بيٺل دربان کجي کي ڀاڪر پائيندو هوس. هيءَ کجي حويليءَ جي لنگهه جي منهن تي هئي. سندس سونهري ڇوڏا صبح ويلي جڏهن ڪرڻن جي من مستيءَ ڪري سون ورني سونهن بخشيندا هيا ته مان چاچي علي محمد کي چوندو هوس: ” چاچا، هي کجي ته سوني آهي،“ ۽ چاچو جيڪو روز صبح جو سوير اسان ٻارن کي کنڀي ٻاهر گهمائڻ وٺي ويندو هو، هميشه چوندو هو: ” بابل، اسان جي ڌرتي سڄي سوني آهي، پوءِ هيءَ کجي سوني ڇو نه ٿئي.“
    مان ۽ چاچو صبح جي سير تان موٽڻ کان پوءِ کجيءَ وٽ ضرور بيهندا هياسين. چاچي نبي بخش ۽ گل محمد وارا سير تان واپس ايندا هيا ته چوندا هئا: ”جڏهن ڏسو ته هيءُ چاچو ڀائيٽو دربان وٽ بيٺا آهن.“ ۽ چاچو علي محمد مرڪي ڏيندو هو. مان چاچي کان پڇندو هوس:” چاچا، هن کجيءَ کي دربان ڇو ٿا چون؟“ چاچوکجيءَ جي اوچائي ڏي ڏسندو هو ۽ چوندو هو :” بابل، مٿي نهار هيءَ کجي توکي ٻين کجين کان اوچي لڳي ٿي يا نه ؟“
    ” ها چاچا، هيءَ کجي حويلي مان به ڏسبي آهي، هيءَ حويلي جي لنگهه وٽ دربان وانگر بيٺل آهي. سڌي، اوچي، اڏول ڪو ڦيڏ، ٽيڏ، ڦير يا ڦند به ته ڪونهيس. هيءَ کجي اسان جي حويلي جي دربان آهي. پٽ! تو کي خبر ڪانهي!پٽ، جڏهن به هن حويليءَ تي چورن اچڻ جو ارادو ڪيو آهي ته هن کجي هميشه کين ڊيڄاري ڀڄايو آهي. جڏهن رات جو اوندهائي ۾ هن کجيءَ جو ڏيل ڏسندا آهن ۽ هوا جي زور تي سندس آرو آرو ورندو آهي ۽ مٿن وار ڪندو آهي ته هنن کي جتي به هٿ نه ايندي آهي.“
    ائين چاچو علي محمد مون کي ورهين جا ورهيه دربان کجي جي ڪهاڻي ٻڌائيندو هليو ۽ ان جي عظمت ايتري ته منهنجي مٿان ڇائنجي وئي جو مان جڏهن ان کجي وٽان لگهندو هوس ته نئڙي سلام ڪندو هوس ۽ مون کي ائين لڳندو هو ته دربان به جواب ۾ ٿورو جهڪي نئڙي آهي. مان وڏو ٿيندو ويس. منهنجو بت ڀربو مضبوط هڏ ڪاٺ وارو ٿيندو ويو. منهنجا سوٽ ماسات به مون سان گڏ قداور ۽ سهڻي هڏ ڪاٽ وارا ٿيندا ويا. هاڻ اسين زمين جو ڪم ڪار به سنڀالڻ لڳا هياسين، مان جڏهن سوٽ گلڻ، نصير، نازڻ ۽ شيرل سان واندڪائي ۾ ويهندو هوس ته کين چوندو هيس.”اچو ته هلي دربان وٽ ويهون.“ هو به منهنجي ڳالهين ۽ چاچي علي محمد جي ڳالهين مان دربان کجي جي عظمت کي گهڙي پل لاءِ به هيٺ ڪرڻ لاءِ تيار نه هيا. مان به جتي چاچو علي محمد دربان جي داستان کي ڇڏيندو هو، اتان کڻندو هيس.
    ” شيرل، توکي خبر آهي ته دربان جا ڏوڪا ۽ڪتل ڇو ايڏا مٺا آهن. ڇاڪاڻ ته هن ڌرتي جي مٽي ۾ ڪڙاڻ جو نالو ئي ڪونهي. هتي جو پاڻي، مصريءَ مليل پاڻي آهي، هتان جا کوهه ۽ واهه سنڌوءَ مان پاڻي کڻندا آهن. جنهن سنڌوءَ کي ازل کان ابد تائين وڏڙن جي دعا آهي ته ان جو پاڻي ڪڏهن کارو نه ٿيندو. دربان سنڌوءَ جي مٺي پاڻيءَ ۽ مصري هاڻي ڌرتيءَ جو ميلاپ آهي. اهڙا ڪيئي دربان اسان جي وطن ۾ پکڙيل آهن. ڪو جيڪر انهن جو خيال ڪري ڏسي گلڻ، ڌيان سان ٻڌ. جي اسين دربان کي ايترو نه ڀانئيون ته جيڪر اهڙو مٺو ڦل به نه ڏئي ۽ ائين اسان جو خيال به نه ڪري.“
    ائين نه هو ته ڪو دربان کجي رڳو اسان جي هئي پر ڳوٺ وارا به سندس ڏنگ ڏونڪا، ڪتل کائڻ لاءِ حيران هوندا هيا. چاچو علي محمد دربان کي پنهنجي سنڀال هيٺ رکندو هو. وقت اچڻ تي ان جي ڀريل ڇڳن تي تڏهن چاڙهائيندو هيو ۽ جڏهن ڪتل لهندي هئي ته تبرڪ طور حويلي جي هر گهر ۾ ويندي هئي ۽ وڏڙيون خاص طرح چاهه سان کائينديون، کارائينديون ۽ چونديون هيون:” ابا، دربان وڏڙن جي پوکيل آهي. جيڪو هن جي رس ڀريل ڪتل کائيندو. اهو وڏڙن جي دعا به ماڻيندو.“
    جڏهن به عيد جو چنڊ ڏسبو هو ته وڌڙيون چونديون هيون : ” ابا دربان جي مٿان نهاريو ۽ کجي جي مٿين شاخ اڀي ٿي ضرور ان ڏانهن اشارو ڪندي. جي چنڊ نه هوندو ته شاخ اڀي ٿي نه ورندي.“
    پر چوندا آهن ته هر بقا جي فنا آهي. حويلي ۾ رهندڙ ڪٽنب وڌندا ويا. نينگر وڏا ٿيندا ويا. جاءِ سوڙهي ٿيندي وئي ۽ پٽن جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. وڏڙا ويٺا ورهاستون ٿيون. حويليءَ جا حصا ٿيا ته باغ به وراهيو. اڃا ورهاست کي ڏينهن ئي نه ٿيا ته چيائون باغ وڍايو ته پٽ ٺهن ۽ جايون جڙن. مان اها گهڙي ڪيئن وساريندس. جڏهن چاچو علي محمد جنهن جو هاڻ پيريءَ ڏانهن پير هيو. پڙ ڪڍي بيٺو. چائين: ” اڙي. ڇو ڇتا ٿيا آهيو. اول چار ڏوڪڙ جوڙيو پوءِ ڪيو خيال جاين جوڙائڻ جو. اهو ته ٺهيو، هليا آهيو باغ ڪپائڻ. چار پيسا ملنو ٿا. اهي به ٿا وڃايو، اها ڪا ڪيو جو مينهن وسندي ڪم اچيو.“
    پر، سائين شل نه گهر ڦٽي، ڀائر اچي ڦٽا، سوٽن ۾ سيٽ گهڻي ماساتن ميسڻي نموني سان وار ڪيو ۽باغ ڪپجي ويو. اسين ته ننڍا نينگر هياسين چاچو علي محمد پنهجي پراڻي ڏڦي هوندي به هنن سان وڙهي نه سگهيو.
    اها منجهند به عجيب هئي، چاچو علي محمد ڪاٺيرن تي وريون وريو پي ويو ته دربان کي جيڪو هٿ لائيندو سو مئو پيو هوندو. سندس هٿ ۾ ڏڦلو چمڪيو پي، منهن ٽامڻي هنيل هوس. اسين ٽي چار ڀائيٽا سندس ڀر ۾ هياسين. اتي چاچو گل محمد، نبي بخش ۽ سندس سوٽن مان نواز علي ۽ غلام علي پڻ آيا، جن ڏاڍي رمز سان کيس گهر آندو ۽ پڪ ڏياري ته باغ ڀلي پيو سڄو وڍجي پر دربان کجي نه وڍبي.
    منهنجي وڏي پڦي ۽ چاچي پڻ روئينديون آيون ۽ اچي کين چيائيون. ” هيءُ ڪهڙو قهر ٿا ڪريو. دربان اسان جي سالن جي کجي آهي. اسين ٻارڙيون هن کجيءَ هيٺ پليون آهيون، هن جي ڪتل تي ويلا ٽاريا اٿئون. ڏکين ڏينهن جي ڀرجهلائو کي ائين ڪپيندي ڪو قياس نه ٿو اچيو.“ ماسي جنان ته دانهن ڪري چيو :” اڙي رحمت جي فرشتي کي ٿا هٿئون وڃايو. دربان آهي ته حويلي به آهي.“
    پوءِ ته اچي حويلي ۾ ٽاڪوڙا پيو ۽ سڄي ويڙهي ۾ دانهن هئي ته دربان ٿي ڪپجي. مون ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ ته ڪو جاندار ٿي ڪٺو، ڪو عزيز ٿي رٺو، ڪو دلدار ٿي ڇنو. نيٺ چاچي علي محمد ۽ ڀائرن گڏجي سوٽن، نواز علي ۽ پناهه علي کي مڃايو ته دربان نه وڍبي، ڇاڪاڻ ته دربان سندن حصي ۾ ٿي آئي ۽ دربان وڍڻ سان سندن پٽ سنئون ٿي ٿيو.
    منجهند خير جي گذري، چاچو علي محمد ساڻو ٿيو پيو هو. مونکي چيائين: ” بابل، تون وڃي ٻاهران چڪر ٻڪر ڏئي آ، اڄ پڪي رستي تي گهمڻ ڪو نه ٿا هلون.“
    شام وري آئي هئي. مان جيئن ئي حويليءَ جي ورانڊي مان نڪري اڱڻ ۾ آيس ۽ سامهون نظر ڪيم ته حويلي جي وڏي ڀت ٻسي ڀانيم. اڄ ات دربان جا پاڇولا نه هيا. دربان ايڏي وڏي عالم پناهه کان به مٿي چڙهي حويليءَ اندر ليئا پائيندي هئي. ويڙهي جا ڀاتي سندس شاخن کي ۽ ڦرن کي ڏسي هوا جو رخ پرکيندا هيا. اڄ ڪا هوا ئي اهڙي لڳي هئي جو سڀ رخ ڌرتي ڏانهن هيا. اڀا به سنئين چوٽيءَ فرش تي هيا. مون کان بي اختيار دانهن نڪري وئي ” چاچا، دربان!.“ چاچي وٽ دانهن ڄڻ ڀتيون ڏاري اندر ڪوٺيءَ ۾ پهتي ۽ هو اتان پيرين اگهاڙين ٻاهر ڀڄندو آيو ۽ ڀت جا خالي ٻنا، پسي وسامي ويو. بي اختيار نڪتس.
    اڄ نه اوطاقن ۾ طلب تنوارين،
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    هو جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
    هو جهڪيو ۽ ويهي رهيو. جيئن چاچو ڌرتي ڏانهن جهڪيو ۽ وڃي فرش کنيائين. تيئن وري نه اٿيو. ٻن ٽن ڏينهن اندر مٽيءَ واءُ ٿي ويو.
    جنهن شام جو دربان کجي وڍي، ان رات حويلي جي ڪيترن گهرن ۾ ڪنو نه چڙهيو ۽ ڪنهن ڪٽنب شايد ڪو ڪڻو چکيو هوندو. سڄي رات ٻڪرين جي جاءِ ۾ ٻڪريون ٻاڪارينديون رهيون. صبح جو ڪنهن نه ڪنهن جو ننگ کٽل هو. گهڻيون پٽ پيو هيون. خاموش ائين جيئن دربان وڍجي خاموش پٽ پئي هئي.
    بابي ۽ چاچي علي محمد جي ماساتن نواز علي وارن کي ارهائي نه هئي هت سرهائي به نه ئي. ڪيو ته ڪڌو ڪم هئائون، پر چين ڪنهن به ڪو نه، ڇاڪاڻ ته پٽ هنن جو هيو، مالڪ هو هيا پر انهي صدمي سڄي حويلي ۾ روڻ وجهي ڇڏي هئي. اهي قرب ۽ مٺ محبت جون ڳالهيون، اهي اڱڻ ۾ چهچٽا ۽ چوٻول، هڪ ٻئي جو ڏيڻ وٺڻ، ماني گڏ کائڻ سڀ ائين ختم ٿي ويو. جيئن دربان ۽ چاچي علي محمد وڃي پٽ کنيو هو. ڪو ڌرتي تي ائين بي ڪفنيو پيو هو ۽ ڪو ڌرتي هيٺ وهنجي سنهجي ڪفن سوڌو آرامي هو.
    اڃا اهي صدما نوان هيا ته هڪ رات حويلي ۾ چور گهڙيا.اسين ننڍا نينگر سڀ اوطاقن تي سمهندا هياسين ۽ حويلي ۾ ڪجهه وڏڙا سمهندا هيا. جنهن رات چور گهڙيا، اسان اڃان اوطاق تي ڳالهيون پي ڪيون ۽ ائين اسان رڙيون ٻڌيون، سڀ ڀڳاسين ڪي حويلي جي وڏي دروازي ڏانهن جيڪو بند هيو. مان ۽ شيرل حويلي جي صفا پٺيان،جتان حويلي جي ڀت ڪجهه دڙن جي ڪري هيٺ ڀرو هئي.اتي پهچڻ کان اڳ اسان دٻڪي جو آواز ٻڌو ۽ اوندهه ۾ ڪجهه پاڇن کي گم ٿيندو ڏٺوسين. حويلي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چور آيا هيا، پر ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ تي مايوس ٿي هليا ويا. حويليءَ جي رهواسين لاءِ اهو هڪ اهڙو ٽڪو ۽ نشان هو، جنهن کين مجبور ڪيو ته ڪنڌ هيٺ جهڪائي هلن، متان پيشاني تي آيل ٽڪو ڪنهن کي نظر نه اچي وڃي.
    مان هاڻ ان دربان جي ٿڙ وٽ وهڻ لڳس، جت ويهي سوچڻ لڳندو هوس ته ڇا دربان سچ پچ اسان جي محافظ هئي. هن جي سمهي پوڻ سان اسان جو تحفظ، اسان جي عزت سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ تي آهي. ڇا واقعي حويلي دربان جي دم سان آهي؟
    آهستي آهستي سوٽ گلڻ، شيرل، نصير، نازڻ ۽ ولي محمد سڀ اتي دربان وٽ شام جو گڏجڻ لڳاسين. ڪي ٿڙ تي ڪي کجي جي بنڊ تي ويهي رهندا هيا. هاڻ آهستي آهستي اسان دربان کجي جي چوڌاري ويهي هڪ سجاڳ منڊلي قائم ڪئي. ڪچهريون هلڻ لڳيون. سجاڳيءَ جون ڳالهيون ماحول جي سڌاري جون ڳالهيون ۽ ائين اسان محسوس ڪيو ته دربان ستل هوندي به اسان کي آهستي آهستي اهڙي قوت بخشي رهي آهي. جيڪا اسان کي نه رڳو جسماني طرح پر ذهني طرح به پختو بڻائي رهي آهي. ائين آهستي آهستي جوانن جو ميڙ روشن ذهن سان اڳتي وڌي رهيو هيو. ڪي وري پڙهڻ لڳا، ڪي محنت سان ڪم ڪرڻ لڳا. ڪن ڳوٺ کي ٺاهڻ جو پروگرام ٺاهيو. ته ڪن کوهن کي ٿي صاف ڪيو ۽ ڪن ناليون ٿي ڌوئرايون. اسين سڀ جڏهن چاچي علي محمد جي نڪتي کان قصي کي کڻي دربان تائين پهچائيندا هئاسين ۽ دربان وڍجڻ کان موجوده وقت تائين غور ڪندا هياسين ته اسان کي ائين لڳندو هو ته اهي ڪي اهم نڪتا آهن، جن جو ڳانڍاپو ڪو موڙ پيدا ڪري سگهي ٿو.
    مان اهو موڙ ڪيئن وساريندس جڏهن هڪ رات ڳوٺ تي ڌاڙيلن حملو ڪيو. رئيس شاهنواز جي بنگلي تي پهريون ڌڪ هنيائون. دانهون ٿيون ۽ اسين اٿياسين. هوڪر ٿي سڀ سوٽ ۽ اسان جي ٽولي جا جوان اوطاقن مان نڪري پيا. ڪي حويلي کي ويڙهي ويا ۽ ڪن اڳڀرو وک وڌائي هوڪرن تي ۽ شاهنواز خان جي بندوق جي ٺڪائن تي ڌاڙيل ڦيرو ڏئي ٽٽا سڌو حويلي ڏانهن جيڪو ڳوٺ جو اهم نشان هيو. مون ڪارا پاڇا ڏٺا، مان دربان جي وڍيل ٿڙ تي چڙهيو بيٺو هيس. جوان ڦهليل هيا. مون وٽ هڪ ڪهاڙي هئي. اسان کي پنهنجين ڪوتاهين جو احساس هو. پر همٿ هئي جنهن اسان کي اڳڀرو ٿي ڪيو. ڌاڙيل مٿين گهٽي ٽپي، حويلي جي دروازي تي آيا هيا. اسان رستي واري پاسي کان گهيڙ وٽ بيٺا هياسين. اسان کين حويلي وٽ جمع ٿيندي ڏٺو. هن هڪلون ٿي ڏنيون ته دورازو کوليو. کين شايد خبر هئي ته حويلي وارا صدين کان حفاظت جي اثر هيٺ هيا. هنن وٽ ته مڏو هٿيار به ڪونهي. کين اها به خبر هئي ته ڪي نوجوان ڳٿو جلهيو بيٺا آهن. مون گلڻ ۽ نصير کي گهيڙ تان مٿي چڙهندي ۽ وڌنڌي ڏٺو. مون دانهن ڪري کين چيو ” گهيڙ نه چڙهو، هو سامهون آهن، توهان لڪل رهو.“ مون هڪل ڏئي کين چيو ” نه ويندا آهيو، چور، چور جا پٽ“ هنن اوندهه ۾ نهاريو. هنن کي مٿان ڏسڻ ۾ آيا. هو هٽڪيا پر دورازي وٽ جهڪي جاءِ سنڀاليئون. ائين شيرل سهڪندو، شاهنواز خان جي بندوق کڻي اچي پهتو. مون سٽ ڏئي بندوق کانئس ورتي، دربان جي ٿڙ جي اوٽ وٺي آ ڪرايو مان ”نه ويندا آهيو.“ هنن جوابي فائرنگ ڪرڻ جي ڪئي. مقابلو شروع هو. شيرل ڪهاڙيءَ سان دربان جا ڳپل لاهڻ شروع ڪيا. مون گهڙي پلڪ لاءِ ڏانهن نهاريو پر فائرنگ تي توجهه ڏيڻي پيم. پر هر هڪ ڌڪ هنيانءَ ۾ پي ڀانيم. ائين ڏٺم ته گلڻ، نصير ۽ پاڙي جا جوان گهيڙ جي آڙ وٺي سري آيا ۽ اچي کجي جا ٽڪر کنيائون. هنن انهن کي تيزي سان ڏانهن اڇلڻ شروع ڪيو. ڪنهن جوان کجي جي بجن کي باهه ڏئي ٽڪر اڇلڻ شروع ڪيا. اوچتو حويلي مٿان ڪوٺي تان سرن ۽ پراڻن دٻن ۽ ٽينن جو ٽڙڪو شروع ٿي ويو. شيرل وري ڪک پن گڏ ڪري دربان جي هڪ حصي مٿان رکي باهه ڏئي ڇڏي. هاڻ ته ڏينهن هو. اوچتو مون محسوس ڪيو ته نصير ڪريو. جيئن مان ڏانهنس وڌيس ته مون سمجهيو ته ڪنهن پگهاريل سيهو منهن جي ٽنگن ۾ ڀري ڇڏيو آهي. ڪي جوان ڪريا ڪي جوان وڌيا. رئيس شاهنواز جي ماڻهن ڌاڙيلن جو پريون ڳٿ بند ڪيو. جڏهن مان هوش ۾ آيس ته ماڻهن جا ميڙ هيا. ڌاڙيلن مان ڪي مئا، ڪي ڌڪيا ۽ جيئرا جاڳندا جلهيا.
    مون دربان ڏانهن نهاريو جيڪا سڙي رک ٿي چڪي هئي. سندس ٿڙ قائم هو ۽ قائم آهي. اهي گهيڙ گهٽ اها حويلي، اهو ڳوٺ اڄ به موجود آهي. نوجوانن جو عزم ۽ حوصلو اڄ به بلند آهي. پوءِ به ائين نه چوان ته تاريخ جي صفحن تي جي ماڻهو اڪريل آهن ته اهي وستيون. اهي واٽون ۽ پنڌ، اهي گهيڙ ۽ گهٽ، اهي وڻ ۽ ٽڻ، اهي کوهه ۽ واهه به اڪريل هجن جن جو انهن ماڻهن کي تاريخ بنائڻ ۾ وڏو هٿ آهي ته دربان جو نالو ان کان به اڳڀرو اچڻ کپي. اسين سڀ ڳوٺ جا رهواسي اڄ به دربان کي ياد ڪريون ٿا ۽ اسان انهيءَ دربان جي ڀرسان نئين کجي به پوکي آهي، جنهن جو نالو به دربان آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو