مان اعتراف ٿو ڪريان ته سنڌ ۽ ملڪ ۾ تمام وڏا ماڻهو هيا ۽ اهي جيستائين جيئرا هيا انهن سان ڀرپور ڪچهريون نه ڪري سگھياسين. انهن جا خيال، تجربا ۽ انهن جي حياتيءَ جا سربستا احوال عوام تائين پهچائي يا تاريخ جو حصو بڻائي نه سگھياسين. مان جڏهن به سائين محمد ابراهيم جويي صاحب سان ملندو هيس، ته اهي منهنجي والد صاحب جو ڏاڍي اُڪير سان پڇندا هيا. بابا سائينءَ جويي صاحب وٽ ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهيا هئا، تنهن دوران مذهبي طريقي ۽ فلسفي جي پوءِ لڳ منهنجي والد صاحب ۽ جويي صاحب ۾ جين جيڪ روسو، ان جي ڪتاب ايمبلي عرف تعليم سميت سماجواد نظريي جي وچ تي ڏاڍا بحث ٿيا هئا. تنهن ڪري جويي صاحب کي منهنجا والد محمد ابراهيم سولنگي چڱيءَ طرح ياد رهيا. منهنجو خيال هيو، رٿ هئي ته جويي صاحب ۽ بابا سائينءَ جي ڪچهري ڪرائي اُهي سندن سارُوڻيون ۽ اها ڪچهري رڪارڊ ڪيان پر ايئن ڪري نه سگھيس ۽ بابا سائين لاڏاڻو ڪري ويا. ڪافي وقت اڳ ۾ منهنجو اهو به خيال هيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڪئين خال آهن، ڪئين سوال آهن، جن تي بحث ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي تاريخدانن کي گڏي ويهارجي ۽ اهي سوال سامهون رکجن ۽ اها ڪچهري تاريخ جو حصو بڻائجي، پر ايئن نه ڪري سگھيس، اهڙا گھڻئي افسوس اٿم. اهوبه افسوس اٿم ته ڦرلٽ کان پاڪ معاشري لاءِ گھربل جدوجهد نه ڪري سگھيا آهيون.