ڪوٽڏيجي قلعو ڪوٽڏيجي جيڪو احمدآباد جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو، ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور ميرس ۾ سنڌو درياء کان اٽڪل 25 ڪلوميٽر پري اولهه ۾ آهي، هي ڪوٽ مير سهراب خان ٽالپر 1785ع کان 1795ع جي عرصي ۾ تيار ڪرايو، جنهن جا حصا هن وڊيو ۾ ڏيکاريل آهن اهي توهان ڏسي سگهو ٿا. http://www.youtube.com/watch?v=teZxppJmHyo&feature=related
جواب: ڪوٽڏيجي قلعو ادا ممتاز، اهو قلعو ته مون به تمام چڱي نموني گهميو هو ۽ ڪجهه ڦوٽو به ڪڍيا هئا پر اهي ڦوٽو اسانجي گم ٿيل دوست سعيد چانڊئي وٽ رهجي ويا ۔۔۔ خئير ساڳي ڳالهه ته بي توجهي جو شڪار آهي ۔۔۔ سنڌ جا ماڻهون به گهٽ گهمڻ اچن جو ڀرسان شهر هوندي به قلعي وٽ پاڻي به ڪون ٿي مليو ۽ مٿان وري گورمنٽ جي بي توجهي سبب ڳرندو ڀرندو پيو وڃي ۔۔۔ جيتوڻڪ قلعي جي مٿان چڙهبو ته تمام سٺو منظر نظر ايندو آهي ۔۔۔ هڪ سوال ته جڏهن انگريزن ميرن تي حملو ڪيو ته خيرپور جا مير به وڙهيا هيا ۔۔۔ ته ڇا هي قلعو استعمال ٿيو يا نه؟ اها خبر لهڻ گهرجي ۔۔۔
جواب: ڪوٽڏيجي قلعو ادا ممتاز وگهيا توهان جا لک ٿورا جو ڪوٽ ڏيجي واري قلعي جو توهان اسان کي گهر ويٺي ديدار ڪرايو، مٺا ممتاز شايد مان سنڌ جو اهو بدنصيب شخص آهيان جو پنهنجي خوبصورت سنڌ جي ماڳن مڪانن سنڌ جي وستين واهڻن ۽ تاريخي جاين کي ڏسي ڪونه سگهيو آهيان، الغرض منهنجي سنڌ جي سُونهن جو ڀرپور نموني سان مشاهدو نه ڪري سگهيو آهيان۔ هڪ دفعو وري توهان جا ٿورا مڃيندي توهان کي اهڙي ونڊ ونڊڻ تي لکين شاباسون ٿو ڏيان
جواب: ڪوٽڏيجي قلعو ادا مان هي قلعو گهميو آهيان مون وٽ وڊيو آهن ٽائيم مليو ته توهان دوستن سان شيئر ڪبو۔