هي ساڳيو ڏينهن هو يعني 14 اگسٽ 2013ع جڏهن ٿر جي شهرن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏانو، ننگرپارڪر ۾ هوٽلن تي ويهڻ جي جاءِ نه ٿي ملي، دڪاندارن، هوٽل وارن کائڻ پيئڻ جي شين جا اگهه پنهنجي مرضي سان تروٽ جي چوٽي تي چاڙهي ڇڏيا هُئا، قسمت سان ايندڙ ٿر جي سياحت جا شوقين رڙيون ڪندا رهيا؛ دڪاندارن کي منتون ڪندا هُئا ته ٻيلي ڪجهه ته خيال ڪريو، ٽيهه روپيه منرل واٽر جي بوتل جا سوءَ روپيا ته نه وٺو، دال جي پليٽ جو اگهه گهڻو هوندي به مسافر دال روٽي حاصل ڪرڻ لاءِ لائن ۾ هوندا هُئا، ٿر جي دڪاندارن جون اهڙيون من مستيون هوندي به سياح ٿر جي حُسن ۾ مدهوش ڀٽن جي ڀر پيا ڦوٽو ڪڍرائيندا هُئا، ٿر جي ماڻهن تي هر طرف مسڪراهٽ، بانسري بوڻينڊي جا آواز، ٻاجهر جي فصلن ۾ کنڀاڻي جا ٺڪاءُ، اسلام ڪوٽ ۾ شري نيڻون رام جي آشرم ۾ پکين جي ٻولين ، ٽلين جو مڌر آواز، ڪاسبي ۾ مورن جي چال، ساز آواز، گوڙدڙو ۽ ڀٽياڻي جي جھرڻن جو آواز، ٿر جي ڀٽن ۾ ڪشمير جي پهاڙن جهڙو منظر هر ايندڙ ويندڙ کي موهي رهيو هو. ڪارونجهر جي جبل ۾ ساڙدڙي ڏانهن ويندڙ سياحن مان ائين لڳندو هو ته ڪي ياتري پنهنجي مقدس ياترا تي پيا وڃن. پر افسوس هيل 14 اگسٽ تي اهي سڀ منظر ڄڻ ڪو ديواني جو خواب لڳي رهيا هُئا، گاه کان خالي واري جون ڀٽون، مٿيان وري ڏکڻ جي تيز هوا ڪري اُڏامندڙ واري، بئراجي ايريا ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندڙ ماروئڙن جو اکيون ڪڍي رهي هُئي، دڪانن تي ويٺل پريشان دڪاندار، جن سياحن جي آسري شين جو وڏو زخير ڪري ڇڏيو هو تن جا چهرا به لٿل هُئا. ڪجهه سياح ته ويچارا ساوڪ جي آسري پنهنجي موٽر سائيڪلن، ڊاٽسن، گاڏين ۾ آيا ڪي ته اڌ ۾ موٽي ويا، ڪي وري هيل گُذريل دڪاندارن جي وڌايل اگهن ڪري پنهنجو سيڌو سامان ساڻ کڻي آيا هُئا. 14 اگسٽ تائين هيل وسڪارو نه ٿيڻ ڪري فصلن پوکڻ جو وقت ته ويو، ماروئڙن سوچيو متان ڪجهه وسڪارو ٿيو، جو مال جي لاءِ ڪو گاه پٺو ٿئي، ڪجهه گوار جا فصل پوکجن، پر ان اميد جي ڏيئي کي ڏکڻ جي تيز هوائن اُجهائي ڇڏيو آهي، جيڪو هلڪين برساتن جي ڪري ڪو سلو ڦٽو به هو سو به هوائن ۾ اُڏامندڙ واري جي ڪري لٽجي ويو. ٿورو گهڻو تراين ۾ پاڻي ڍڪ هو سو به سُڪي ويو. ٿر جي علائقن مان مال جي مرڻ جا اطلاع به شروع عي ويا آهن، ٿر آهي ٿڻ تي وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر سو ٿرين جي بي وسي جو اندازو اوهان مٺي نئون ڪوٽ جي رستي سان مالوندن جي انهن چهرن کي ڏسي لڳائي سگهو ٿا جيڪي مال ڪاهي سنڌ جي زرخيز علائقن ڏانهن پيا وڃن. تعليم جي ڪري ڪافي ٿر جي ماڻهن جا لاڳاپا ملڪ جي مختلف علائقن جي ماڻهن سان هئڻ ڪري انهن جي دوستن جي دعوتن جا پروگررام به حال في الحال ملتوي ٿي ويا آهن. برسات نه وسڻ ڪري ٿر جي ماڻهن جو جيڪي نقصان ٿيو آهي ان جو ڪاٿو لڳائن حال في الحال اسان جي وس کان ٻاهر آهي پر جيڪي روڊن رستن تي ڪري ٿر ۾ جيڪا سياحت وڌي هُئي، ان جي اچڻ سان جيڪي ڪاروبار ٿيندو هو ان ڪروڙن جي ڪاروبار کي به وڏو ڇيهو رسيو آهي، ڇو جو سياح صرف چوڏهن اگسٽ تي نه ايندا هُئا، پر پورو مهينو ٿر جي روڊن تي ٽريفڪ جام هوندي هُئي. هيل جيڪي ٿر جا آثار ٻُڌائن پيا سي چڱا نه آهن. اڃان سانوڻي جا ڪجهه ڏينهن آهن اسين سڀ دعا ٿا ڪريون شل ڪو وسڪارو ٿئي، جيئن ڪو ٿر جي مال لاءِ گاه ٿئي، ڪي وڻ ساوا ٿين، ڪا ساڙدڙي جي صبح جو مورن جا رنگ، آواز، ۽ ڪارونجهر (ساڙدڙي)۾ لهندڙ سج جا پاڇا پسجن، ڀوڏيسر، راڻ سر، ڪجلاسر، تي ڪونجن جون قطارون اُڏامن، پکن ۾ ڪي پدمڻيون وڄ وانگي وراڪا ڏين. اُستاد نظاماڻي سانگهڙ. 15 اگسٽ واري ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ ڇپيل)