بڊو جبل هڪ رپورٽ بڊو جبل ضلعي ڄام شورو سنڌ ۾ موجود آهي، هي علائقو پڻ ٿڌو علائقو آهي، هتي سنگ مرمر جو پٿر پڻ جهجهي مقدار ۾ ملي ٿو، هن علائقي ۾ قدرتي گئس به لڌي وڃي ٿي، ۽ هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني پڻ ان گئس واري پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، مگر اها ڪمپني مقامي ماڻهن لاء ڪو خاطر خواه ڪم ناهي ڪيو جيڪو هن ڪمپني کي ڪرڻ گهرجي هان، باقي توهان پاڻ هي وڊيو ڏسو۔ http://www.youtube.com/watch?v=2UwdU5Jsoeg
جواب: بڊو جبل هڪ رپورٽ ادا ممتاز! سنڌ سڄي سون آهي ۔۔۔ اها ڳالهه تون به ڄاڻين ٿو ۽ سنڌ جو هر باشعور انسان ڄاڻي ٿو پر ان سون جا مالڪ ڪير آهن؟ ان سون جي واهر ڪنهنجي هٿن ۾ آهي؟ انهن سوالن جا جواب اسانجي سامهون آهن پر هاڻ اسين قومي طور انهن ڳالهين جي حل ڪرڻ لئه ڇا ڪري رهيا آهيون؟ اهو سوال تمام اهم آهي ۔۔۔ سٺي رپورٽ آهي ۔۔۔ مهربانيون نت نون علائقن گهمائڻ جون
جواب: بڊو جبل هڪ رپورٽ ادا ممتاز۔۔ معاف ڪجو توهان جي شروع ڪيل هن بهترين موضوع ۾ وقت سر جواب نه ڏئي سگهيس۔۔ تمام بهترين ونڊ آهي ۔۔ ڄامشورو جي مختلف مقامات جي باري ۾ اوهان جي وڌيڪ ڄاڻجو انتظار آهي