• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-شيخ اياز

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
مون ڪيئي ڏوههَ ڪيا آهن!
هِن سَرَ جي گدلي سينوَر ۾،
هي نيل-ڪنول به ته ڏوهي آ،
۽ ڪوبه چَڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ-
هي ڏوهه نه آهي، ماڻهوءَ جي
مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ!!
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-

هي ڏُوهه نه آ، آڪاس ڇڏي،
مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان؟
هوءَ سانجهي جا ست-رنگ هُئي،
مون ڪانه قبولي سِجَ ڪَنان-
ٿو آگَم آگَم ٿي اُڀران،
۽ ڪِرڻا ڪِرڻا ٿي برسان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-

هي ڏوههُ نه آ، هن ڌرتيءَ تي،
مون دل جي ديوَل جوڙي آ؟
تو نفرت جي ديوار کنئي،
مون اُن جي پاڙ اُکوڙي آ-
مون ڳاتا گيت محبت جا،
مون واڳ وطن جي موڙي آ،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
مون آزاديءَ جي سَئن هنئي،
مون لاٿا طوقَ غلامن جا،
هي گيت هُيا يا جادو ها،
زنجير ٽُٽا ايامن جا!
سڀ موتي سمجهي چونڊن ٿا،
اڄ ڳوڙها مُنهنجي دامن جا،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-

مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان-
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-

تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين،
مان توکان مورُ نه مرڻو هان-
گُنجار ڪندي جا مون کان پو،
تنهن جندڙيءَ جو مان جهرُڻو هان-
ٻيو چارڻ بڻجي، چَنگُ کڻي،
مان ورڻو هان، مان ورڻو هان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان
 
Back
Top