گورڌن ولاسائي
سينيئر رڪن
ڪم کي ته لاڳيتو ڇِڪي پئي رکيوسين پهرين ڏينهن کان، ذرو به ڍر ڪونه ٿي ڏني. ڪافي ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن نه ٿيڻ تي ۽ رمضان ۾ لاڳيتو ليب ۾ حاضري تي سڀ ڪاوڙيل هُئا ته وڃين ڪيڏانهن ڇو نه ٿو؟ جو اِهي پاڻ لڳ ڀڳ هر هفتي ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن ضرور وڃن. ميڊم ميري ايڊينالپ پڻ مون کي زور ڀري چيو ته ڪيئن به ڪري، ڪُجهه به ڪري لازمي ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن ضرور وڃ. رمضان جي آخري سومر تي هفتيوار گڏجاڻي دوران پنهنجي آفيس ۾ ميڊم مون کي چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي مُلتوي ٿي ڪريان ۽ اچ ته تو کي ٻڌايان ته تو کي استنبول ۾ ڇا ڇا ضرور ڏسڻ گهُرجي ۽ عيد وارا ٽي ڏينهن ملائي، هفتو کن اُتي گُذار. آئون ڇا چوان کُٽل کاتو!!!! بينڪ بيروزگار!! ميڊم سمجهي وئي ته يڪدم چيائين ته جيترا پئسا کپن يا اُتي کُٽي پون ته مون کي پنهنجو بينڪ اڪائونٽ نمبر موبائل تي ميسيج ڪجان، آئون موڪلي ڏينديس...... هلڪي ڦلڪي نه نه ڪئي، ها ڪرڻ جهڙي..... پوءِ ميڊم مون کي ٽرپ ايڊوائزر ۽ فرامرز ويب سائيٽس ۽ گوگل ميپس تي سمجهائڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳايائين ته هي لازمي ڏسجان، هتي ته لازمي وڃجان، هو جڳهه ته ڪنهن به صورت ۾ نه وسارجان، هي جڳهه ته لازمي لازمي ڏسجان.....
واپس اچي ليب ۾ ڳالهه ڪئي ته آئون وڃان پيو استنبول، عيد وارين موڪلن ۾..... سڀ اچي مون سان خبرون ڪرڻ لڳا، جهڙو ٿر جي ٻهراڙي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ رات جو دير سان آيل گاڏي. سڀ چوڻ لڳا ته گورڌن، هُتي ته ضرور وڃجان..... هي جڳهه تنهنجي لاءِ ڀلي آهي جو ڦوٽو سُٺا ٿو ڪڍين.... ايتري قدر جو ڊپارٽمينٽ جي واحد ملوڪڙي تُرڪڻ عائشه به مشورا ڏيڻ لڳي، نه ته عام طور دُعا سلام ڪنهن سان ڪري ته به وڏي ڳالهه.
بس جو ٽڪيٽ بُڪ ڪرائڻ لاءِ انٽرنيٽ تي ميٽرو بس سروس جي ويبسائيٽ کولي ٽڪيٽ بُڪ ٿي ڪرايم ته ويبسائيٽ منهنجو اي ٽي ايم ڪارڊ قبول نه پئي ڪيو، جواب آيو ته هتي فقط ڪريڊٽ ڪارڊ ئي هلندو. ڪنهن دوست کان پُڇا ڪيم ته ان وري ڏس ڏنو ته 15 ڪلوميٽر پري ڪزلائي نالي علائقي ۾ ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي اچ. مون انٽرنيٽ تي ان لاءِ پئي ڪوشش ڪئي جو انٽرنيٽ بُڪنگ تي 10 سيڪڙو رعايت آهي. خير وڃي ڪزلائي مان ڇنڇر جي ڏينهن 11 بجي واري بس ۾ ٽڪيٽ بُڪ ٿي، 55 ليرا ڪرايو ڏنو. ٻئي ڏينهن صبح سويل ساڍا 9 وڳي هاسٽل ڇڏي آشٽي نالي بس ٽرمينل، جيڪو هڪ چڱي ڀلي ايئرپورٽ جهڙو ۽ جيڏو هوندو، اُتي پهتس. عيد جي موڪلن سبب هرڪو ڳوٺ وڃڻ جي چڪر ۾ هو، سو ڏاڍي رش هُئي. پوءِ هڪ دوست ٻڌايو ته سُٺو ٿيو جو تون بيتيپي هاسٽل ڇڏي آئين نه ته عيد جي موڪلن ۾ اُتي ڪُتا هوندا ۽ بلڊنگون، ٻيو ست خير. بلڪل ايئن جيئن حيدرآباد جو قاسم آباد!
انقره جي بس اڏي تان....
بس ۾ چڙهڻ شرط مون ڪنڊڪٽر کان واءِ فاءِ پاسورڊ جي پُڇاڪئي، چيائين ته انٽرنيٽ خراب آهي، ٻروچن واري ڳالهه ته هاڻ ته هڙ ويو!!!، مون 55 ليرا خرچ ئي ان ڪري ڪيا هُئا جو بس ۾ واءِ فاءِ انٽرنيٽ هوندي، نه ته ڏاکڻين تُرڪي جي مختلف علائقن کان استنبول ويندڙ ڪنهن بس ۾ چڙهان ها ته ڪرايو به 10 ليرا گهٽ هُجي ها ۽ انٽرنيٽ به لازمي صحيح هُجي ها. حالانڪه ٽڪيٽ تي صاف لکيل هو ته هن بس ۾ واءِ فاءِ انٽرنيٽ موجود آهي. جيئن مهراڻ يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ گذاريل شاگردي وارن ڏينهن ۾ سُپر هاءِ وي تي چڙهي پنجاب يا مينگوره پشاور وغيره جي بسن ۾ اڌ ڪرائي ۾ ڪراچي وڃبو هو!
بس جو اندروني منظر....
انقره شهر کان ٻاهر نڪرندي محسوس ٿيو ته جهڙو دادو ۽ نوري آباد واري علائقي ۾ پيا هلون، جو ٻنهي پاسي صفا پوٺو لڳو پيو هُجي، وڻ تمام ننڍڙا، جيڪي هُئا اُهي به هٿرادو ۽ تازو پوکيل. اهو ٻڌائيندو هلان ته انقره کان استنبول اٽڪل 450 ڪلوميٽر پنڌ آهي، پر روڊ رستا تمام بهترين ڪوالٽي جا هُجڻ ڪري، چار يا ساڍا چار ڪلاڪ ۾ ماڻهو استنبول پهچيو وڃي، اها ٻي ڳالهه آهي ته استنبول جي ٽول پلازا کان بس ٽرمينل تائين 3 ڪلاڪ ٻيا لڳيو وڃن! ٻي وري مصيبت اها جو اسان جي شاليمار ۽ شاندار ڪوچن وانگر جتي ماڻهو چاهي اُتي لهڻ واري سهوليت هِتي ڪونهي!!!
منهنجي پاسي واري سيٽ تي هڪ جوڙو پنهنجي هڪ سهڻي ٻارڙي سان گڏ استنبول ڏانهن وڃي رهيا هُئا، پر مسئلو اهو هو جو ٻارڙي ڏاڍيون رڙيون ڪري رهي هُئي، سفر جو مزو ئي ويو پئي، ٽيبليٽ تي ميوزڪ پئي ٻڌم پر رڙين جو واليوم تمام گهڻو هو، نيٺ ميوزڪ بند ڪري، ٻارڙي کي هٿ سان اشارو ڪري راند ڪرائڻ لڳس ته چُپ ٿي، تيستائين اڳيان ويٺل هڪ جهوني ٻارڙي کي وٺي وڃي پنهنجي سيٽ تي ڪجهه کارائڻ لڳي، حالانڪه صاف لڳو پئي ته اُها سندن مائيٽياڻي نه هُئي. سفر دوران ڪنڊڪٽر اسان کي ڪافي، جوس، ڪولا ۽ بسڪيٽ وغيره جي ٽرالي سان خدمت ڪري رهيو هو.
مون واري بس، لاڳيتي هلندي پئي وئي، ڪٿي به بيهڻ جو ارادو ئي ڪونه هُئس. تقريبن 6 ڪلاڪن کان پوءِ وڃي استنبول جي بئرامپاشا نالي بس ٽرمينل تي وڃي بيٺي. اُتان وري لوڪل سروس بس ئي هلي ٿي ميٽرو ڪمپني جي طرفان جيڪا شهر جي مختلف مخصوص علائقن ۾ مفت پهچائي ٿي. مون هڪ همراه کان سلطان احمت (سلطان احمد) علائقي واري سروس بس جو پڇيو ته ان ڏسن ڏنو ته اڪسرائي نالي علائقي تائين فلاڻي سروس بس ۾ چڙه، اُتان وري ٽرام ۾ چڙهي سلطان احمد علائقي ۾ هليو وڃجان. استنبول ڪارڊ ته اٿئي نه؟ مون چيو جي ها، آهي.
استنبول جو پهريون منظر...
اهو استنبول ڪارڊ وري مون کي انقره ۾ اسان جي هڪ خيرپور جي دوست شهباز خان ڏنو، چيائين ته هن ۾ پئسا لوڊ ڪرائي استعمال ڪجان، 10 ليرا کن جو اهو ڪارڊ آهي. خيرپوري شهباز خان ۽ سندس ڀيڻ به منهنجي ساڳئي يونيورسٽي، هجيتيپي يونيورسٽي ۾ پڙهن ٿا. سندس پيءُ سنڌ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ اعلا عملدار آهي.
اڪسرائي علائقي ۾ ٽرام ۾ چڙهي 5 منٽن ۾ سلطان احمد علائقي ۾ پهچي ويس. اُتي پهچي اڪبئيڪ گهٽي جي پُڇا ڪندي ڪندي بيڪ پئڪر (رلي ڪُلهي تي، ماني راڄن تي) هوٽلن جي تلاش ڪئي ته پنج ست هوٽلن کان پُڇا کان پوءِ هڪ هاسٽل هٿ ڪئي، جيڪا رستي ڪا مال سستا هُئي، جو 28 ليرا هڪ ڏينهن جا، جنهن ۾ ناشتو مفت هو! ناشتو به ڪو اهڙو تهڙو، آئون ته لنچ جو به بندو بست انهي هلي ڦلڪي ناشتي مان ڪري وٺندو هُئس. اُها خبر ته پوءِ پئي، ٻيا يار به ايئن ئي ڪن پيا! اهو ٻڌائيندو هلان ته ان هاسٽل ۾ 6 هيٺ مٿي بيڊ رکيل هُئا، جنهن ۾ 5 ڄڻا اڳي ئي رهيل هُئا، هڪ ڪوريا جو، هڪ جوڙو فرانس جو، هڪ جوڙو سئيزرلينڊ جو، واڌو آئون. انهن سڀني سان سُٺيون ڪچهريون ٿيون، پنهنجي پنهنجي مُلڪن جا حال احوال ڪياسين. استنبول شهر جو حال احوال آئينده ڪبو! استنبول، جنهن کي چون ته اوڀر ۾ اولهه ۽ اولهه۾ اوڀر.
هوٽل جي ڇت تان مارمارا سمونڊ جو نظارو......

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: