• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪارا اڇا ٿي وڃن ٿا

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
ڏئي دردَ دلبرَ جدا ٿي وڃن ٿا،
رکي دوستي پوءِ خفا ٿي وڃن ٿا،
زماني کي ڪهڙيون ميارون ڏجن،
هتي يار پنهنجا خفا ٿي وڃن ٿا،

حَسينن کي حَسرت سان هر ڪو ڏسي ٿو،
گهڻا ئي عاشق چريا ٿي وڃن ٿا،
تڏهن هو هٿن ۾ تسبيح کڻن ٿا،
جڏهن وار ڪارا اڇا ٿي وڃن ٿا.
 
Back
Top