برادرين جي وچ ۾ جھيڙا ختم ڪرايو

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    دنيا ۾ اهو فارمولو ڪنهن ڏنو آهي ته سياسي انقلاب اچڻ کان پوءِ سماجي ابتري ختم ٿي ويندي آهي؟
    صبحاڻي سنڌ آزاد ٿيندي تنهن کان پوءِ هتي سڀني هيروئني، چرسي، ٺڳن، ڦورن، تعليم دشمن عنصرن جو پاڻ مرادو خاتمو اچي ويندو؟
    جيڪڏهن واقعي ڪو دوست اها ڳاله پنهنجي مٿي ۾ رکي مٿين مسئلن جي حل لاءِ ڪجھ سوچي ئي نه ٿو ته پڪ ڄاڻو اهو احمق ۽ ڏٽي پوزيءَ واري زندگي گذاري ٿو.
    منهنجا بابا! هڪ ڳاله سمجھي ڇڏيو. سنڌين ۾ محبتن جون تمام گھڻيون اڪائيون آهن. هو قبيلن ۾ ورهايل آهن ته ذات پات جي به ورڇن ۾ جڪڙيل آهن. ان ڪري هتي فارمولو هتان جو نامياتي (آرگانڪ) هوندو.
    سياسي انقلاب اچڻ کان پهريون هتي نشي واري لعنت کي سماجي حساب سان ختم ڪريو جيڪو مَمَ وانگر سڄي معاشري جا گوڏا چٽي ويو آهي.
    برادرين جي وچ ۾ جھيڙا ختم ڪرايو... شهيد بشير خان قريشيءَ جيان منٿ ميڙ قافلا ٺاهيو... ويڇا گھٽايو...
    مذهبي شدت پسنديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ جيئن به ٿئي، انهن لاءِ ڀلي اوهان ”داعشي“ ڇونه ٿي وڃو پر اهي مدرسا بند ڪرايو...
    معاشرو سڌاريو... شعوري سطح بلند ڪرايو...
    اوهان ڏسندا ته قوم سياسي دانش پاڻ مرادو سمجھي ويندي... پر هتي اوهان ٽولن ٽولن ۾ ورهائجي اهڙو ئي ڪم ڪريو ٿا جيئن مريض ٻانهن نه ڏئي پر ڊاڪٽر زوري سئيءَ هڻڻ تي زور رکيو ويٺو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو