امان، مان اسڪول ڪونه ويندس حفيظ شيخ صبح جو ننڊ مان اٿيو ته لڱ پيا ڀڄنس_ اکيون مهٽي پچيون ڪڍڻ لڳو ته ماءُ جو آواز ڪن تي پيس. ”گلڻ! او ابا گلڻ! ابا اٿي، اسڪول ويندين نه“ ”ها امان“ هن ننڊاکڙي آواز ۾ چيو، مٿان پيل گندي سيري کٽ کان هيٺ لٿو، ٿيڙ کائيندو هو دلن تائين پهتو_ ڪرو کڻي منهن ڌوتائين ۽ اچي ماءُ کان نيرن گهريائين_ راتوڪا چانور رکيا هئا، ماڻس لپ ڪڍي ڏنس. لسي چڪو وٽي ۾ وجهي چانور کائڻ شروع ڪيائين. پاروٿا چانور نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا، سي هن لسيءَ ڍڪ سان ڳيتون ڏئي پئي هيٺ لاٿا. نيرن کائي بس ڪيائين ته اٿيو_ جاري ۾ پيل اڻ لکيل ڦرهيءَ تي نظر پيس ته ٿڌو ساهه ڀريائين_ گهڙي سوا اتي ئي بيهي رهيو پوءِ هوريان هوريان جاري ڏي وڌڻ شروع ڪيائين، پر ٻه چار پير ڀري هو وري ٻيهر بيهي رهيو. ماءُ ڏي منهن ڪيائين_ سندس منهن مان ڏک ۽ ڀؤ پي بکيو. ”امان.... امان... اڄ اسڪول نه وڃان....“ هن مڻ مڻ ڪري ماءُ کي چيو. ”ڇو؟“ ماڻس تکو ٿي پڇيو. کيس خوف ٿيو ته ماڻس کيس ماري نه. ڪنڌ هيٺ ڪري جاري ڏانهن وڌيو بجڪيءَ ۽ ڦرهيءَ ۾ هٿ وجهي هو گهر کان ٻاهر نڪرڻ لڳو. در تي پهتو ته اکين مان ڳوڙها وهي اچي ڳلن تي بيٺس. سڄي واٽ هن جو ڪنڌ هيٺ هو. هو ڏڪندو پي ويو هن جي خيال ۾ ماستر جي راڪاس جهڙي شڪل اسڪول ۾ رول گهمائيندي پي ڦري. اسڪول ۾ پهچي هو پنهنجي جاءِ تي ويٺو ۽ پنهنجي چولي جي پلوَ سان ڳوڙها اگهڻ لڳو. هن ڦرهي ڪين لکي هئي. لکڻ ته ٺهيو پر ميساري به ڪين هئائين، پر هن ۾ ان جو ڪهڙو ڏوهه؟ جڏهن هن کي موڪل ملي ۽ نٽهڻ اس ۾ ميل پنڌ تان اسڪول مان موٽيو هو ته ماڻس هن کي چاچس کي ٻنيءَ تي ماني ڏيڻ لاءِ مُڪو هو. ٻني به ويجهو ته ڪين هئي پوري ڪوهه پنڌ تي هئي، ويچارو ويندي ٿڪجي پيو. ايندي ته اصل وئل ٿي پيس. رکي رکي خيال ٿي آيس ته استاد کي سربستو احوال ڪري ٻڌائيندو پر استاد مڃيندو. سا ڳالهه هن کي اعتبار ۾ نه ٿي آئي. هن انهن ڳڻتين ۾ ويٺو رهيو. ڦرهي نه لکي اچڻ سبب کيس جيڪا مار ملڻي هئي، ان جي فڪر ۾ ڦاٿل هو. سندس ساٿي نينگر پنهنجا پنهنجا سبق ياد ڪندا رهيا ۽ هو دل ئي دل ۾ روئيندو رهيو. رکي رکي دل ۾ خيال ٿي آيس ته ڀڄي وڃجي. پر ڪيڏانهن؟ سو کيس سمجهه ۾ ڪين ٿي آيو ۽ پوءِ سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي پي آيون ۽ هن پنهنجي چولي سان اگهي ٿي ڇڏيون. نيٺ اها مهل اچي وئي جنهن جو کيس ڊپ هو. استاد کانئس سبق پڇيو ته هو ٻڌائي نه سگهيو. هو چپ ڪري بيهي رهيو. ان بعد ماستر ڦرهيو ڏٺيون ته به هيءُ ماٺ ڪري بيٺو هو. ماستر گهڻيئي سوال ڪيس ۾ هن وراڻيو ڪين. اکين مان پاڻي ائين ٿي آيس. ڇاڻَ نيسارا هئا، جي بيهڻ جو نانءُ ئي نه پيا وٺن. سندس ماستر گهڻيئي ڪوشش ڪئي ته هو ڪجهه ڪڇي پَر هو ڪونه ڪڇيو. ماستر کيس تڙيون ڏيڻ شروع ڪيون، پر اڃا به ڪين ڪڇيو. پوءِ ماستر کيس مارڻ شروع ڪيو. ٺا... ٺاٺا... ٺا... ٺا... چماٽون هن جي ڳلن تي وڄڻ لڳيون پر هو ڪين ڪڇيو. ماستر جي ڪاوڙ وڌي ويئي. ڄڻ هن ننڍڙي ٻار پنهنجي خاموشيءَ سان سندس بي عزتي ڪئي هئي..... ڌم .....ڌم، ماستر هاڻي لتن کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو. ڇوڪر پَٽ تي ڪري پيو هو. ڪسندڙ ٻڪر وانگر ٻيڪٽ ڪري رهيو هو ۽ ماستر مٿانئس لتون وسائي رهيو هو...... ۽ پوءِ ڇوڪر جا ٻيڪٽ به بند ٿي ويا ...... هو خاموش ٿي ويو ...... ماستر ڪجهه ٺريو. نوڙي ڏٺائين، ڏندڻيو پيو هو. ٻئي هڪ ڇوڪري کان پاڻي گهرائي ڪجهه مُنهن تي وڌائيس. تڏهن هوش آيس. اٿي پنهنجي جاءِ تي ويٺو. سندس اکين مان ڳوڙها ساڳي رفتار سان ڳڙي رهيا هئا. روئندو رهيو، جيسين کيس اسڪول مان موڪل ملي. موڪل ملڻ تي هو گهر ويو ته کيس رستي ۾ الٽي آئي. گهر جي دوازي تي رسيو ته کيس ٻي الٽي آئي. ماڻس ڊوڙي اچي هٿ وڌس ته پَئي ٻريو. ڳراٽڙي پائي وڃي هنڌ ۾ وڌئينس. ويچارو تپجي پيو هيو. شايد ڊپ کان يا مار کان. رکي رکي پئي وڦليو. ”امان مان اسڪول ڪونه ويندس..... مان ..... اسڪول ڪونه ويندس......“ ”ها ابا تون نه وڃجانءِ“ ماڻس روئڻهارڪي ٿي چيو. سندس تپ وڌي رهيو هو. اکيون لعل ٿي ويون هئس ۽ لڱن مان نسوري باهه ٿي نڪتس. ”امان ...... مان ..... اسڪول ..... امان مان ...... اسڪول ڪونه ويندس..... امان ..... امان ..... مان ...“ ۽ هو بيهوشيءَ ۾ رئڻ لڳو. ماڻس وهلور پئي ويئي. ڪهڙي ڪاريءَ کاڌم، چئي به پيو ته اسڪول نه وڃان، زور ڪري مڪم_ هَئي الله! مون پاڻ پير تي ڪهاڙي هنئي.“ ماڻس پار ڪڍڻ لڳي. ڇوڪرو وري پئي وڦليو ۽ ماڻس جي هانو وڍ پئي کاڌا. پڻس سانجهه تي وريو ته ماستر کي پرپٺ ٻه ٽي گاريون ڏيئي ويهي رهيو. ڇوڪري جي بيماريءَ عجب رنگ پئي ورتو. تپ لهڻ جو نانءُ ئي نه پيو وٺي. ماڻس راتيون اوجاڳا ڪري گهاريون. چار ڏينهن گذري ويا، پر ڇوڪر اک ڪين پٽي. بس اها وڦل ۽ اها آنڌ مانڌ_ ويچاريءَ ماءُ جا روئي حال رُليا، پر ڇوڪري جي حالت اهائي، پڻس پورهيت ماڻهو، سو صبح سان مزدوريءَ تي وڃي ته پيشن جو گهر وَري، گهر اچي جو ڇوڪر جي حالت ڏسي ته ٿڌو ساهه کڻي ويهي رهي. چار ڏس جيڪي ڳوٺ جي وڏڙين ڏنا، سي ماڻس سڀ پورا ڪيا، ٻيو ته چارو ڪونه هو. بس الله تي رکيو ويٺا هئا. هڪڙي ڏينهن ماستر اچي در جهليو. چئي: ”سڀاڻ ڊپٽي صاحب جي منزل آهي. گلڻ جي ٻانهن ڏيو نه ته ڏنڊ پوندو.“ ويچاري زال ذات گهڻيئي رڙيون واڪا ڪيا ته ڇوڪر چاڪ ڪينهي، پر ماستر ٻڌي ڇو؟ ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ ڊپٽي صاحب جي منزل ٿي، ماستر ڇوڪرن جي غير حاضريءَ جي شڪايت ڪئي. ڳوٺ جي ماڻهن جي بيپرواهيءَ جا شڪوا ڪيا. مطلب ته پنهنجي کل بچائڻ لاءِ جيڪي پڳس، سو چيائين_ ڊپٽي صاحب سڀني تي سمن جاري ڪرايا. گلڻ جي پيءُ کي به سمن مليو. سمن وٺي ماستر کي گاريون ڏيڻ لڳو_ گلڻ جي ماءُ پار ڪڍي روئڻ لڳي_ ٻيو ويچارا ڪري به ڇا ٿي سگهيا. سمن ۾ پندرهن ڏينهن جو مدو رکيل هو، پر گلڻ جي حالت جيڪا سا هيڻي_ پندرنهن ڏينهن پورا ٿيا ته گلڻ جو پيءُ ڪورٽ ۾ حاضريءَ لاءِ ويو. ڊپٽي کي منٿيون ميڙيون گهڻيئي ڪيائين، پر هت ماستر جي چغلين ڪي ڪم ڪيا هئا. ڊپٽي صاحب ڏمر ۾ هو_ ڏهه رپيا ڏنڊ ڪيائين. ويچارو گهران هليو هو ته اميد هئس ته ڊپٽي صاحب معاف ڪندو، پر هت ڊپٽي صاحب جي دل ڪجهه سمجهي ته ڪهڪاءُ اچيس. آزي نيزاري ڪيائين، تڏهن مس مس ٻن ڏينهن جي مهلت مليس. گهر وريو ته ڇوڪري جي حالت هيڪاري نازڪ ڏٺائين_ ٻه ڏينهن خير سان گذريا ٽئين ڏينهن شهر جا سانباهه پئي ڪيائين ته گلڻ جي حالت صفا خراب ٿي ويئي. ”امان ... مان ...... اسڪول ....... نه وڃان ......“ هو آهستي وڦلڻ لڳو ..... ”امان.... اسڪول....“ ائين هن جو ڪنڌ هڪ طرف جهڪي ويو. ماڻس اوڇنگارون ڏيئي کيس چنبڙي پئي. پڻس جي اکين مان پاڻي هلڻ لڳو. ”گلڻ! ابا گلڻ!“ ماڻس واڪا ڪرڻ لڳي. پر گلڻ اتي هليو ويو هو، جت ٻنين تي ماني ڏيڻي ڪانه آهي، جت اسڪول ڪين آهن، جت ماستر ڪين آهن. جت معصومن کي مار ڪين ملندي آهي.