مزدور جي عيد

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ڪامران اڪبر سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2014۔

  1. ڪامران اڪبر سومرو

    ڪامران اڪبر سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پي ايڇ ڊي اسڪالر
    ماڳ:
    شڪارپور
    `-مختصر ڪهاڻي

    مزدور جي عيد
    ڪامران اڪبر سومرو


    “امان! سڄي پاڙي جي ٻارن پنهنجي گهرن کي سينگاريو آهي ، گهر جي ٻاهران چونو هاريو آ، هر ڪنهن عيد جي لاءِ نوان وڳا تيار ڪرايا آهن. پر صرف اسان ئي رهيل آهيون! نه مان نئون بوٽ ورتو آ، نه وري نئون جوڙو...” بلال روئندي پنهنجي ماءُ کي دانهن ڏني.

    “ها پٽ !ها، فڪر نه ڪر، توکي به وٺي ڏيندم، بس ڄاڻ تنهنجو ڀاءُ ڪَمَ تان موٽيو ته پوءِ هن کي چوندم” “هان امان سچ ۾! امان منهنجي پياري امان! ” بلال خوش ٿيڻ لڳو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو بيصبريءَ سان انتظار ڪرڻ لڳو.

    نيٺ شام ٿي. “ٺڪ، ٺڪ، ٺڪ” دروازو کڙڪيو. بلال ڀڄندو ويو ۽ پڇا ڪيئين “ڪير آ”، “مان آهيان، اياز” ٻاهران جواب آيو. “امان، ادا اچي ويو! ادا اچي ويو...!” اياز اندر آيو، بلال کي پيار ڪيائين، اچي کٽ تي ويٺو. “پٽ، اڄ دير ڪيئي اچڻ ۾، خير ته هيو نه!” “ها امان، بس هڪ مزدور نه آيو هيو ، ان جي ڪري ان جي حصي جو به ڪم ڪرڻو پيو” “پٽ اياز! سڀاڻي عيد آهي، گهر ۾ ڪجهه به پچائڻ لاءِ ڪونهي، مهمان ايندا ته انهن کي ڇا کارائينداسي؟ بلال جي لاءِ نئون بوٽ ۽ ڪپڙن جو جوڙو به وٺي اچ ته هو به ٻين ٻارن جيان عيد ڏهاڙي کي ملهائي سگهي”. “ها امان، ڇو نه، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اسان هن وڏي ڏينهن کي نه ملهايون! مان پنهنجي ڀاءُ لاءِ اجهو ٿو شهر وڃان...”

    بلال جي پتڪڙين اکين ۾ خوشيءَ جا عڪس چمڪڻ لڳا.

    سانجهيءَ جي مهل، اياز پنهنجي سائيڪل کنئي ۽ عيد جو سامان وٺڻ لاءَ نڪتو. اڃا شهر جي حدن ۾ پهتو ئي مس هيو ته هن کي ٻن سپاهي مليا. “ اڙي ڪير آن، ڪٿان جو آن” هڪڙي سپاهيءَ مڇ کي وڪڙ ڏيندي پڇيس.


    “سائين مان ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندو آن، غريب مزدور آن”

    “اڇا، ته هي غريب آهي!” ٻئي سپاهي هڪٻئي کي ڏسي ٽهڪ ڏيڻ لڳا.

    “جيڪڏهن سڀئي جو مزدور ۽ غريب ٿي پون ته پوءِ اسانکي خرچي ڪير ڏيندو؟ هونئن به سڀاڻي عيد جو ڏينهن آهي” ٻئي سپاهيءَ چيو.

    پهرين سپاهيءَ ٻئي کي چيو، “اڙي بخشو! وٺ هن غريب جي تلاشي!”

    “سائين، صرف 200 رپيا پيا اٿس”

    “اڙي هي ته صفا غريب آ... هاهاها! هل، مڙئي چانهه جو خرچ ته نڪري ايندو”

    “ايئن نه ڪيو سائين! هي پئسا مان محنت ڪري ڪمايا آهن، پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي لاءِ !” اياز هٿ ٻڌي ڪاري وردي وارن جي آڏو رحم جي اپيل ڪندو رهيو.

    “اڙي چريا، اسان به تنهنجا ڀائر آهيون، هڪ ڏينهن اسانکي کارايئي ته ڇا ٿيو! وڃ هاڻي وڃ، شاباس، گهر جو رستو پڪڙ، هيءَ سائيڪل تنهنجي لاءِ ڇڏيون ٿا دعا ڪجانءَ”

    اياز دل ئي دل ۾ روئندو رهيو، سوچيندو رهيو ته هاڻي هو پنهنجي ڀاءُ کي ڇا چوندو، هن جو ڪيل واعدو پورو نه ڪرڻ تي افسوس ڪندو رهيو. خيالن جي دنيا ۾ گم، هو سائيڪل جا پيڊل هلائيندو رهيو. ايتري ۾ هڪ موٽر سائيڪل گذري جنهن تي ٻه سپاهي ويٺا هيا. “اڙي بيهار موٽر، هو ڏس شڪار!” هڪڙي سپاهيءَ ٻئي کي چيو ۽ هن اچي اياز جي سائيڪل جي سامهون بريڪ لڳايو.

    “اڙي بيهه ڙي چور!” سپاهيءَ جي هڪل سان اياز جي خيالن جي تند ٽُٽِي پئي. “اڙي ڪاڏي ٿو وڃي هن مهل، چور ؟”

    “سائين، مان چور ناهيان، مان پاڻ هاڻي ڌاڙيلن جي هٿان ڦرجي پنهنجي گهر پيو وڃان”

    “اڇا، ته ڌاڙيل وري تو کي ڦرندا! پوءِ ٻڌاءِ، انهن کي سڃاتئي يا نه؟” هڪ سپاهيءَ پڇيس.

    “ها سائين، مان انهن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان، هو توهان جا ئي پنهنجا آهن!”

    “اڙي ڇا ٿو بڪين؟”

    “مان صحيح ٿو چوان، توهانجي ساٿي سپاهين ئي مون کان منهنجي مزدوري ، پنهنجي خرچيءَ طور کسي آهي”

    “اڙي نڀاڳا، تون وري اسانجي ئي ڳچيءَ ۾ ٿو پئين! اسانجي ساٿين تي ٿو الزام تراشي ٿو ڪرين! اڙي مَڪن! ويهار هن کي موٽر تي!”

    “نه سائين نه، ايئن نه ڪيو! مان اڳي ئي لٽجي ويو آهيان، منهنجي گهر جا ڀاتي منهنجي لاءِ پريشان ٿيندا، منهنجو انتظار ڪندا هوندا!” اياز گهڻيون ئي دانهون ڪيون،پر هنن کي ترس نه آيو. هن کي سندس سائيڪل سوڌو وڃي جيل ۾ بند ڪيائون.

    سڄي رات ويچارو، بيڏوهي جيل جي اونداهيءَ ۾ بک تي جاڳندو رهيو.

    هوڏانهن وري سندس گهر ۾ سڀ ڀاتي هن جو انتظار ڪندا رهيا. ماءُ جي دل ۾ انيڪ وهم ۽ خوف گردش ڪندا رهيا. بلال ته در ۾ ديدون ڄمائي ويٺو هو ته اجهو ٿو ڀاءُ اچي! پر دروازي ڏانهن تڪي تڪي ويچارو بک تي ئي سمهي پيو!سندس ماءُ به تسبيءَ جا داڻا چَوري چَوري ليٽِي پئي.

    صبوح جو در کڙڪيو جنهن جي آواز تي هنن کي جاڳ ٿي.

    “ابا ڪير آهي؟” “امان، مان آهيان اياز”. اياز جو نانءُ ٻڌي ماءُ جلدي جلدي اٿي، جيئن ئي هن در کوليو، هن پنهنجي پٽ کي زخمي حالت ۾ ڏٺو. “اڙي هاءِ، هاءِ! ڇا ٿيو منهنجي پٽ کي؟ جلدي ٻڌاءِ، تون سڄي رات ڪاٿي هئين؟ تنهنجي هيءَ حالت ڪنهن ڪئي آ؟” اياز کي پوليس وارن ڏاڍي مارڪٽ ڪئي هئي، هو ساڻو ٿي پيو هو، هن ماءُ جي سوالن جو ڪو به جواب نه ڏنو.

    سندس امڙ اياز کي وٺي وڃي کٽ تي ويهاريو. “بلال پٽ ، اٿ، ڏس تنهنجو ڀاءُ آيو آ” بلال جلدي ۾ ٽپ ڏيئي اٿيو، پر ڀاءُ جي ههڙي حالت ڏسي چپ ڪري، کٽ جي ڀر سان بيهي، ڀاءُ کي ڏسندو رهيو جيڪو اکيون ٻوٽي ليٽيو پيو هيو.

    ٿوري دير کانپوءِ جڏهن اياز آهستي آهستي اکيون کوليون، بلال سندس ويجهو اچي پڇڻ لڳو، “ادا، منهنجوبوٽ ڪاٿي آهن؟ منهنجا ڪپڙا، مٺائي؟ اڄ عيد جو ڏينهن آهي نه!”

    اياز جون اکيون آليون ٿي ويون، بلال کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو، “بلال، اسان غريب آهيون، غريب! ۽ غريبن جون عيدون به غريب هونديون آهن”

    اهو ٻڌي بلال خاموش ٿي ويو ۽ پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ منهن لڪائي ويهي رهيو!


    “ختم ٿيو”
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو