هَليو وئين مون اڌورو ڪري يادن ۾ اڃان ياد آن:قاضي منير احمد

هَليو وئين مون اڌورو ڪري يادن ۾ اڃان ياد آن
الائي جي ڪهڙو توسان چاهه آ کُٽي هي نٿو

جيئن جيئن وسارڻ جي ڪيان ويتر لهين روح ۾
عجب عشق ڪيو مونسان نباهه آ کُٽي هي نٿو

نٿي ڏٺئن ڏينهن نٿي ڏٺئين ڪاري ڪاري رات
هر پَهر هر گهڙي بس تو ۾ هي ساهه آ کُٽي هي نٿو

ها اڄ به هر سانجهه تنهنجي گمن ۾ ٿي وڃي گُذري
نيٺ دردن به پُڇيو ڪهڙو ويساهه آ کُٽي هي نٿو

قابض مون وجود ٿي پَل پَل کي پنهنجو بڻائي ويٺين
غريبُ مون خوابَ ساڳو تنهنجو ڪاهه آ کُٽي هي نٿو

شوق ٿيو آ وري تو بي وفا سان ملڻ جو ”قاضي“
هڪ هڪ ڏينهن لڳو ڄڻ ماهه آ کُٽي هي نٿو

قاضي منير احمد
 
Back
Top