منصور سرور
سينيئر رڪن
جڏهن به بصر ڪٽيا ويندا آهن ته اسان جي اکين مان ڳوڙها نڪري ايندا آهن. ان سان اکين کي فائدو ملندو آهي ۽ اکين جي گندگي ۽ ٻيون بيماريون ختم ٿي وينديون آهن. بصر ۾ موجود ميگنيشيم اسان جي هڏن، دل ۽ دماغ، اکين ۽ وارن لاءِ فائديمند هوندو آهي. ملاوٽي شين سبب جسم تي خراب اثر پوندا آهن. اهي ملاوٽي شيون آهستي آهستي جسم جي اندر سيلز کي بي اثر بڻائي ڇڏينديون آهن. سيلز جي نصان سبب ڪينسر جهڙيون خطرناڪ بيماريون به ٿي سگهن ٿيون. بصر ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽ سيلز کي نقصان پهچڻ کان روڪيندو آهي، گڏوگڏ ڪينسر جي ذميوار فيڪٽر کي به وڌڻ ناهي ڏيندو. جڏهن به هاءِ ڪوليسٽرول جو مسئلو ٿيندو آهي تڏهن دل جي بيمارين ۾ اهو ئي هاءِ ڪوليسٽرول ئي ذميوار هوندو آهي. ان لاءِ ڪوليسٽرول جو ليول معمول موجب رکڻ تمام ضروري آهي.
بصرن ۾ موجود فاسفورس رت ۾ ڪوليسٽرول جي ليول کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. بصر دماغ کي ڪيترين ئي طريقن سان فائدو پهچائيندا آهن. بصر دماغ ۾ پهچندڙ جراثيم کي ختم ڪندا آهن، گڏوگڏ دماغ جي سيلز جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڏيندا آهن. بصرن سان پيٽ ۾ موجود ڪيڙا ختم ٿي ويندا آهن. بصرن جو رس وارن لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي. بصرن ۾ موجود ميگنيشيم وارن کي صحتمند ۽ ڪارو رکندو آهي. ان لاءِ روزانو بصرن جو رس وارن ۾ لڳائي سگهجي ٿو. وڌندڙ عمر لاءِ به بصر ڪجهه گهٽ فائيمند نه آهن. ان ۾ موجود منرلس ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ وڌندڙ عمر ۾ گهنجن کي روڪيندا آهن. بصرن جو رس چهري تي لڳائڻ سان نشانن کي روڪي سگهجي ٿو. بصرن ۾ موجود منرلس ڪمزور اميونٽي کي مضبطو ڪندا آهن. بصرن ۾ وٽامن، اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ وٽامن سي جهجهي مقدار ۾ موجود هوندا آهن. اهي سڀ ملي جسم کي ٻاهرين اثرن سان وڙهڻ جي صلاحيت ڏيندا آهن. اهي ڪيترين ئي بيامرين ۽ انفيڪشن سان وڙهڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. بصر کائڻ سان ننڊ سٺي ايندي آهي، جيڪڏهن توهان وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۾ پريشاني محسوس ڪندا آهيو ته کائڻ ۾ بصر شامل ڪريو. انهن کي توهان سلاد طور به استعمال ڪري سگهو ٿا.