جڏهن اديب ۽ شاعر سوچين جي سمنڊ مان موتين کي ميڙڻ ۾ مصروف هوندا آهن.تڏهن مان پنهنجي خيالن کي ذهن جي ويران وادين ۾ اڪيلو ڇڏي ڏيندو آهيان ... ۽ پوءِ تنهائي جو اڪيلائي سان اڻٽٽ ناتو پيدا ٿي ويندو آهي .۽ سوچ انهي سونامي جيان آهي جيڪا جڏهن سڪ جي ساگر مان اٿندي آهي ته منهنجي وجود سان لاڳاپيل هر ياد کي ڊاهي بي گھر هوا سان گڏ آڪاش تي ڪنهن رولاڪ بادل جيان مونکي به وڃائي ڇڏيندي آهي. ۽ آئون دل جي دنيا ۾ بيقرار يادن کي سهيڙيندي سهڪي پوندو آهيان ۽ اک ڇنڀ ۾ صدين جو سفر لمحن۾ طئي ٿي ويندو آهي.۽ توسان وابسته هر ياد ۽ منظر اکين جي اسڪرين تي گردش ڪرڻ لڳنداآهن . اميدن جو سج لهي ويندو آهي ۽ آئون ڏات جا ڏيئا ٻاري اڻپوري محبت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪجھ لکڻ شروع ڪندو آهيان.... ڪاغذ ۽ قلم کان ناراض رهڻ جو اهو مطلب ڪو نه هو ته دوستن جي ساٿ مونکان تنهنجون يادون ڇني ڇڏيون . مون محفل ۾ به پاڻ کي بيابان جي ڪنهن سڪل وڻ وانگي محسوس ڪيو آهي.اها ٻئي ڳالهه آهي جو توکي محسوس ڪرڻ فطرتي عمل آهي.توکي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ آئون لفظ ياد جو سهارو نه وٺندس ڇو جو تون منهنجي وجود ۾ ورهايل رت جيان آهين جيڪو اڃان سُڪو ناهي . ڪاش تو به ڪڏهن پاڻ ۾ مونکي ائين محسوس ڪيو هُجي ها..پر تنهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي ڪو زندگي ۾ انسان لاءِغم ۽ خوشي خدا پاران ڏنل تحفو آهن جيڪي ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن روپ۾ملندا آهن.۽ شايد اُنهي ۾ انسان جي آزمائش ۽ امتحان جو سفر پورو ٿيندو آهي.آئون نٿو چاهيان ته اهڙي ڪا به آزمائش تنهنجي خوشگوار جيون ۾ ڪنهن به پل امتحان بڻجي اچي.. مون اڪيلائي جي احساس کي پاڻ سان لاڳاپيل روح وانگي محسوس ڪيو آ .مون وٽ جيئڻ لاءِ جيڪي به پل بچا آهن مون تن کي تنهنجي تات ۽ عزيزن جي خدمت ۾ ارپي ڇڏيو آ.زندگي جي ڪنهن به موڙ تي پاڻ کي اڪيلو ڀائنين ته هي نيڻ هميشه تنهنجا منتظر رهندا.. ٻه لُڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چئين آجيان نه ٿيندي. ماڻهو وڇوڙي جي ڳالهه ڪنداآهن ۽ آئون چوندو آهيان ڪهڙي وڇوڙي جي ڳالهه ٿا ڪريو . هزارين قسم جا وڇوڙا هوندا آهن صرف ڪنهن کان ڌار ٿيڻ جو نانوءَ وڇوڙو ڪونهي ڪو بلڪه هر اهو پل جدا ٿي ويندو آهي جنهن ۾ پيار ڀريا منظر دفن ٿيل هوندا آهن . ۽ بي وفائي ڪير ڪونه ٿو ڪري هي دنيا اسان سا بي وفائي ٿي ڪري ، هي وقت اسان سان بي وفائي ٿو ڪري ،هي مجبوريون اسان سان بي وفائي ڪن ٿيون ،هي زندگي اسان سان بي وفائي ڪري ٿي ڪير بي وفائي ڪونه ٿو ڪري. تنهنجي بي وفائي جيڪڏهن تنهنجي خوشين جو سبب بڻي آ ته مونکي وفا جي تلاش ئي نه هئي. گلابن جو گُلشن تو لئي هو ، آهي ۽ رهندو . مون لئي خزان جي خوشبوءَ ئي بهار جي بيقرار يادن کي ڀيٽا ڏيڻ لا۽ ڪافي آهي .مون سمنڊ ڪناري واريجي ذرڙن کي وشال لهرن ۾ ترندي ڏٺو آ.انسان به اُنهن ذرڙن جيان ڪنهن نه ڪنهن ڏُک ۾ ترندو رهي ٿو . روز جيئي ٿو ۽ روز مري ٿو . پکي هڪ هڪ ڪک گڏ ڪري آکيرو ٺاهيندو آهي ۽ پنهنجي نازڪ ٻچن کي ان ۾ محفوظ ڪري سندن کاڌي جي تلاش لاءِ پرڙا هڻي هڻي نيٺ اچي کاڌي جي منتظر چنهنبن ۾ کاڌو وجھي پنهنجو فرض ادا ڪندو آهي.. ۽ اچانڪ وقت جو بي رحم پٿر ڪنهن پل سندس آکيري کي پٽ ڪري ڇڏيندو آهي. ۽ ان پکي جا نازڪ پيارا اڻپوري کنڀن وارا ٻچا زندگي جي بازي هارائي وينداآهن .۽ ان پکي جي رڙ آڪاش تي فضائن ۾ گونجندي رهندي آهي. تنهن پل مان پنهنجي درد کي تمام ٿورو محسوس ڪندو آهيان.۽ سوچيندوآهيان ته وقت جو بي رحم پٿر ڪنهن به پل ڪنهن جي به دنيا اُجاڙي سگھي ٿو ... ان لاءِ مون غم ۽ خوشي کي وقت سان وابسته لمحن ۾ تحرير ڪري ڇڏيو آهي . ڇا به ٿي پوي انسان کي مرڻ کان پهرين ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن حال ۾ جيئڻو ٿوپوي..... چاهي هن دنيا ۾ يا هُن دنيا ۾.........