هو انهي ڪنڊ واري ٽيبل تي ويٺي هئي جتي هو هميشه ويهندي هئي، منهنجي خوابن ۾ جڏهن به اسان ملندا هياسين ته هو انهي ڪنڊ واري ميز تي ملندي هئي. تازو اسان جو رابطو فيس بڪ ذريعي ٿيو هو، هو حساس طبعيت جي مالڪ آهي ۽ دل جي بلڪل صاف آهي ۽ اعلى ڪردار جي مالڪ هجڻ جي ڪري مونکي ڏاڍي پسندي آئي هئي ۽ سندس مزاج جي نرمي مونکي اڃا به ويجهو ڪري ڇڏيو هو. هو جنهن ريسٽورانٽ جي ڪنڊ واري ٽيبل تي ويٺي هئي اهو شهر جي بلڪل وچ ۾ آهي، مون ٻاهران اڪثر وڏن ماڻهن کي ان ريسٽورانٽ ۾ ويندي ڏٺو آهي، دروازي تي هڪ دربان بيٺل هوندو آهي جنهن ان ڏينهن منهنجي به تلاشي ورتي هئي. ان ڪنڊ واري ٽيبل تي هڪ گلدستو رکيل هيو ۽ هو ان گلدستي ۾ رکيل گلن کي وڏي غور سان ڏسي رهي هئي جيڪي پلاسٽڪ جا هيا. هو ان ڪنڊ واري ميز تي منهنجو انتظار ڪري رهي هئي، دربان تلاشي ورتي ۽ مان ريسٽورانٽ ۾ اندر داخل ٿيس، جيئن ئي داخل ٿيس، هڪ ڊگهي ڪارپيٽ تي نظر پئي جنهن جي ٻنهي پاسن کا قطار ۾ ٽيبل لڳايل هيا ۽ ان ڪارپيٽ تي طرح طرح جون شڪليون ٺهيل هيون ۽ رنگ ڳاڙهو هيس. اڳتي وک وڌايم ته اڳيان هڪڙو پائدان هيو جنهن تي منهنجي نظر نه پئي، ان تي وڃي پير لڳو، پر ڪرڻ کان بچي ويس. پير زور سان لڳڻ ڪري آواز ٿيو ته اتي ويٺل ماڻهو منهنجي طرف متوجھ ٿي ويا، آهستڙي سس پس ڪري واري ننڍڙا ٽهڪ ڏيڻ لڳا. هن جي جيئين مون تي نظر پئي ته هو اٿي بيٺي ۽ هٿ لهرائڻ لڳي، مون به کيس ساڳي ريت هٿ مٿي ڪري جواب ڏنو ۽ سڌو ان ڪنڊ واري ٽيبل طرف هلڻ لڳس ۽ وڃي هن جي سامهو واري ڪرسي کي سوري ويهي رهيس. مان پهريون ڀيرو ڪنهن ڇوڪري سان ان ريت ملي رهيو هيس انڪري نظرون هڪڙي هنڌ ڪونه پئي ٽڪيون آخر ڪار هن پنهنجي مٺڙي آواز ۾ پڇيو ”توهان ڪيئن آهيو؟“ هن جي چهري کي ڏسي منهنجي چهري ته به هڪ خود ساخته مرڪ اچي وئي جيڪا مان هن جي اکڙين مان جهاتيون پائي ڏسي سگهيس پئي. ”مان بلڪل ٺيڪ، آئي ايم ساري، مان ليٽ پهتس!“ مان ليٽ پهتو هيس، کيس انتظار ڪرڻو پيو هو انڪري مون کانئس معافي ورتي. انهن ڏينهن منهنجي طبعت ڪجھ خراب رهندي هئي، ڪيريئر جي پرشاني جيڪري مان ذهني دٻا جو شڪار رهندو هيس ۽ اهي سڀ پريشانين وارا تاثر منهنجي پيشاني تي واضع هوندا هيا. منهنجي هڪڙي عجيب عادت اها به هوندي هئي ته مان جڏهن پاڻ ذهني مونجھاري جو شڪار هوندو هيس يا طبعيت خراب هوندي هئي ته جيڪي ٻيا دوست مٽ مائٽ هوندا هيا انهن کي پنهنجو خيال رکڻ جي هدايت ڪندو هيس. انهي ساڳي عادت کي مو هن جي آڏو به جاري رکيو. ”مينشن ناٽ! مونکي خبر آهي توهان سان ڪا مجبوري هوندي انڪري توهان ليٽ ڪري آيا!“ هو ڏاڍي سمجھ ڀري ڇوڪري هئي ۽ ڏاڍو جلدي ڳالھ سمجھي وٺندي هئي ۽ هڪ اهو ڪارڻ به هيو جو هو مونکي ايتري محبوب هئي. هن کي سامهون ڏسي مان هيزيٽيٽ پئي ٿيس ۽ پنهنجي فطرت ۽ عادت موجب کيس چوندو رهيس ”توهان پنهنجو خيال رکندا ڪيو!“ هن جي چهري تي ڪجھ حيرانگي پيدا ٿي ۽ وري مسڪرائي چوڻ لڳي ”مون کي وري ڇا ٿيو آهي!“ مان پنهنجي جذبات کي قابو نه ڪري سگھڻ ڪري کيس خودساخته انداز ۾ هر ڳالھ جي آخر ۾ چوندو رهيس ”توهان پنهنجو خيال رکندا ڪيو!“ مون محسوس ڪيو ته منهنجو اهو انداز هن کي بنھ عجيب لڳو ۽ هن بلڪل به ٺيڪ محسوس نه پئي ڪيو ۽ ائين لڳو ڄڻ هو ڪجھ دير ۾ اتان اٿڻ جو سوچي رهي هئي. ايتري ۾ مون هڪ ڀيرو ٻيهر کيس چيو ”توهان پنهنجو خيال رکندا ڪيو!“ جيڪو مون ذهني پريشاني جي ڪري خودساخته طور تي چئي ڏنو. سندس چهري جا رنگ هڪ دم مٽجي ويا ۽ هو اٿي بيٺي ”تون مون کي هڪ خودترس انسان سمجھ ۾ اچين ٿو!“ اهو سڀ چئي، ڪرسي کي پرتي ڌڪي ۽ هو رسٽورانٽ مان ٻاهر نڪري وئي هلي.
بهترين ڪهاڻي آهي ، ڪهاڻي جو پلاٽ به سٺو آهي، شروعاتي ٿوله سٺو ٻڌل آهي جنهن ڪري ڪهاڻي وڌيڪ جاندار آهي ۽ دلچسپ به.
”تون مون کي هڪ خودترس انسان سمجھ ۾ اچين ٿو!“ اهو سڀ چئي، ڪرسي کي پرتي ڌڪي ۽ هو رسٽورانٽ مان ٻاهر نڪري وئي هلي. تمام خوبصورت لاجواب جانيئڙا منصور.