تعليم هڪ اهڙو زيور آهي جنهن کي هڪ فرد پائڻ سان ڪيترائي فرد سنوارجي ژ۽ سينگارجي وڃن ٿا۔ انهي لاء سڀني تي اهو فرض آهي ته تعليم جو حق هر انهي ماڻهو کي ڏيو جيڪو هن دنيا ۾ جنم و''ٺي وڏو ٿئ ٿو۔ تازو دادو ۾ تعليم واري صوبائي وزير جناب پير مظهرالحق صاحب دادو جي بهترين استادن کي مڃتا ايوارڊ 'ڏنا جنهن سان نه صرف استادن جي همت افزائي ٿي پر استادن ۾پڙهائي جو به شوق وڌي اوي آهي۔ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاء معاشري، والدين ۽ شاگردن جو ڪردار اهم آهي۔
جواب: تعليم سڀني لاء واه سائين واه انهي موضوع تي جيترو بـ ڳالهائجي اوترو گهٽ آهي . پر ابڙا صاحب عملي طرح عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. تعليم عام ڪجي ، ماڻهن کي شعور ڏجي ، اڻ پڙهيل ۽ پڙهيل ۾ ڪيترو فرق ٿئي ٿو اهو انهن کي سمجهائجي. هر اسڪول تي عام ماڻهن کي علم جي فائدن بابت ڄاڻ ڏجي . سنڌ ۾ 51 سيڪڙو ماڻهون اڻ پڙهيل آهن . انهنکي جنهن مهل شعور ايندو سنڌ جا مسئلا حل ٿيڻ شروع ٿئي ويندا. جناب پير مظهر الحق صاحب کي جس هجي جيڪو استادن لا۽ پاڻ کي پتوڙي ٿو. استادن کي جيڏي مهل اها سمجهـ اچي وئي تـ استاد جو شان ڇا آهي اوڏي مهل سنڌ جوان ٿئي ويندي. اسان جون هي لک پڙهون گهڻا دوست پڙهن ٿا توهان کي تـ مون کان وڌيڪ خبر هوندي تـ جيڪي اسان جا فورم تي رجسٽرد ساٿي آهن اهي بـ ڪونـ پڙهندا آهن ڪي اسان پارا لڳا پيا آهن تـ من ڪجهـ دوست وڌي پون . بک بيروزگاري ، مهانگائي ،پاڻي جي کوٽ ، ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. ان حالت ۾ رڳو خط لکڻ سان تعليم سڀني لا۽ ڪان ٿيندي . ضرورت آهي مسلسل جدو جهد جي جنهن لا۽ جنون کپي ، اسان سنڌي خوش نصيب آهيون اسان جو ماڻهون سمجهي ٿو پروڙي ٿو پر ان کي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ جو ڏان ڪونهي . جيڪڏهن ڪو سرندي وارو پنهنجي زندگي ۾ فقط هڪ ڀيرو ڪنهن غريب لاچار ٻار جنهنجا غريب والدين پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ جي لاء جيڪي انيڪ عُزر ٿو پيش ڪري ان جي 1200 کان 1500 روپين تائين جي مدد ڪري تـ اهو ٻار پرائمري جا پنج درجا پڙهي ويندو .جنهن لاء ٿوري ڄاڻ جي ضرورت آهي محنت جي ضرورت آهي . پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول کان شروعات ڪريو اوهان کي ڏسي سڄي علائقي جا دوست اوهان جي شعور کي نقل ڪندا. سال 2009 ۾ تعليم کاتي حڪومت سنڌ وڏي محنت ڪئي آهي تـ تعليم سٻني لاء کي زور وٺرائجي. هڪ ڪتابچو ” تعليم سڀني لاءِ ۽ سنڌ “ ڇپرايو آهي ان کي اوهان مهرباني ڪري ضرور پڙهندا ۽ ٿئي سگهي تـ ٻين ٻاري وارن دوستن کي پڻ ان ڪتابچي کي حاصل ڪري پڙهڻ لاءِ گذارش ڪندا . اسان سڀني کي هڪ رستو ملي ويندو جي ان تي عمل ڪبو تـ سڀني دوستن جو طريقيڪار بـ لڳ ڀڳ ساگيو هوندو. چوڻي آهي تـ ڳالهين سان ڳوٺ ڪونـ ٻڌبا آهن“ . ”ڦڙي ڦڙي تلاء“ مٿين ڪتابچي لا۽ ضلعي تعليم آفيسرن سان رابطو ڪري سگهجي ٿو يا وري ڊائريڪٽر خواندگي ۽ غير رسمي تعليم ، تعليم کاتو حڪومت سنڌ ڪراچي سان روبرو رابطو ڪجي .02199217771 اسان جي سجاڳي لاء هي حديث ئي ڪافي آهي. رسول الله صلي الله عليـ وسلم جن پنهنجن اصحابـ سڳورن کي فرمايو ـ ڇا اوهان کي خبر آهي تـ سڀ کان وڌيڪ سخي ڪير آهي. اصحابـ سڳورن عرض ڪيو، الله ۽ الله جو رسول صلعم ئي بهتر ڄاڻن ٿا،” فرمايون الله تعالي سڀ کان وڌيڪ سخي آهي، ان کان پوُ سڀ کان وڌيڪ سخي آئون آهيان ۽مون کان پوء سڀ کان وڌيڪ سخي اُهو شخص آهي جنهن علم سکيو ۽ پوء ان علم کي ماڻهن ۾ ڦهلايو _ راوي حضرت ابوهريره رضـ ، ڪتاب مشڪوتـ شريف _ ڪتاب العلم. والله توفيقي الله رب العزت اسان جي رهنمائي فرماء آنين جاڳ ڏي جيءِ کي جفا گينوار غفلت کي ڇڏي، رات وئي اُپٽڻ اکيون توکي نڀاگي ننڊ نـ ڏي. پره تان باکون کنئيون ، اوڳا اڃان آرس اٿئي .
جواب: تعليم سڀني لاء ادي نياز ابڙي صاحب جي ڳالهه ته تعليم زيور آهي به سون جهڙي ڳالهه آهي ۔۔۔ ادي قاضي صاحب ساڳي ڳالهه جي وضاحت ۽ وڪالت به جاندار ڪئي آهي ۔۔۔ اسين سڀ ان ڳالهه سان سهمت آهيون ۔۔۔ مهرباني اوهان ٻنهي دوستن جي ۔۔۔۔ قاضي صاحب! اها ڳالهه به اوهانجي مڃبي ته هر هڪ دوست پنهنجي پنهنجي وس آهي تعليم ڦهلائڻ لئه ڪندو ته ضرور فرق ٿيندو ۔۔۔ سڄاڻ قومون پنهنجا قدم قدمن سان ملائي منزلون طع ڪري وٺنديون آهن ۔۔۔ نوجوانيء ۾ هڪ ڪتاب پڙهيو هو ” نيٺ ڇا ڪجي؟“ ليو ٽالسٽاءِ جو لکيل ڪتاب جنهن کي دنيا جي سٺن ڪتابن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي ۔۔۔ دوستن کي عرض آهي ته هو اهو ڪتاب ضرور پڙهن۔ هن ڪتاب جو ليکڪ سماج جو سور سيني ۾ کڻي نڪري ٿو، ۽ پنهنجي سموري دولت سماج جي مختلف ماڻهن ۾ مختلف سببن خاطر ورهائي ٿ، جڏهن سندس موت ٿيو ته هو هڪ مسڪين جي حيثيت سان ريلوي پليٽ فارم تي پيو هو ۔۔۔ سندس ان قرباني جو نتيجو ڪو واڌو نٿو نڪري ۔۔۔ نيٺ ڇا ڪجي جو تت آءُ هت پيش ڪريانٿو ته؛ ڪنهن غريب/ فقير جي فقيري ختم ڪرڻ لئه ڪجهه پئسا ڏبا ته وقتي طور کيس فائدو ته ٿيندو پر ڊگهي عرصي لئه نه ۔۔۔ ڪنهن نشيءَ کي نشي ڇڏڻ لاءِ پئسا ڏبا ته وقتي طور ممڪن رڪجي وڃي پر هميشه لئه نه ۔۔۔ ڪنهن بازارو عورت کي برائي ڇڏڻ لئه پئسا ڏبا ته ممڪن ڪجهه عرصي لئه کيس فائدو ٿئي پر گهڻي وقت لئه نه۔ اهڙي نموني اوهان هر برائيءَ کي پئسي سان ختم ڪرڻ چاهيو ته ممڪن ڪجهه فائدو ٿئي پر ان جا اثرات ڪي پائدار ناهن هوندا ۔۔۔ آخر ۾ ”نيٺ ڇا ڪجي؟ جو جواب ڏيندي ليکڪ چوي ٿو ته انجو حل آهي ذهني تبديلي ۔۔۔ جيستائين قوم جو ذهن نه بدلائبو يا انجي فڪري ۽ ذهني پرورش نه ٿيندي ته ڪو بدلاءُ به پائدار نه ٿيندو۔ دوستو! اسانجي سنڌي قوم ڪيترين ئي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۔۔۔ پاڪستان جي موجوده نظام ۾ ڦاٿل آهي ۔۔۔ پنهنجن جي غدارين جو شڪار آهي، سنڌ جي اقتصاديات کي مختلف طرفن کان ڌاڙيل وڪوڙي ويا آهن ۽ انهن ڌاڙن کي پڪو ڪرڻ خاطر سنڌ اندر ڪو به فلاحي يا اصلاحي ڪم نٿو ڪيو وڃي ۔۔۔ بلڪه چڱي ڳالهه کي روڪيو وڃي ٿو ۔۔۔ ادا قاضي صاحب، ڇا سنڌ جي عدالت صحيح ڪم ڪري پئي؟ چا سنڌ جو ڊاڪٽر صحيح رخ ۾ عمل ڪري پيو؟ ڇا سنڌ جا تعليمي ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن پيا؟ ڇا سنڌ جا پئداواري ايڪا صحيح پئداوار ڏين پيا؟ ڇا سنڌ جي اقتصاديات سنڌ جي هٿ وس آهي؟ ڇا سنڌ جي پارليامنٽ آزاد ۽ خودمختيار آهي؟ منهنجا دوستو! جي انهن سڀني سوالن جا جواب ها ۾ آهن ته اميد ڪريو ته ايندڙ ٿوري عرصي اندر قوم سجاڳ ٿي ويندي ۽ تعليم عام ٿي ويندي پر ڀائڙا جي جواب ”نه“ ۾ آهي ته معاف ڪجو اوهين بيشڪ ٿورو ٿورو ڪري ڪا تر جيتري تبديلي مس ڪري سگهندا ۔۔۔ باقي قومون ماڻهن جي خيرات تي نه هلنديون آهن ۔۔۔ قومون قومي نظام ۽ حڪومت جي آڌار تي هلنديون آهن، اچو ته ڪجهه سوچيون، ڪجهه اڳتي وڌون ۔۔۔ نه ته اوهان جيئان ڳالهين سان ڪجه ناهي ٿيندو ۔۔۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔۔ رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
جواب: تعليم سڀني لاء ڳالهه جيڪڏهن صرف ”تعليم سڀن لاءِ“ جي ڪئي وڃي ته مان ائين چوندس ته ان جو ذميدار حڪومت آهي۔۔۔ حڪومت کي گهرجي ته امير ۽ غريب جي ٻار جي تعليم جي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ تعليمي نظام، نصابي نظام، پرائيوائيٽيزيشن، ٽيوشن ڪلچر، ۽ سڀ کان اهم استادن جي پگهار تي نظرِ ثاني ڪري۔۔۔ حڪومت کان پوءِ اها ذميدار والدين سان گڏو گڏ استاد تي به آهي ته هو ويزا واري چڪر کان هٽي ڪري سنڌي قوم جي آئيندن کي پنهنجا ٻار سمجهي پڙهائي ۔۔۔ ۽ اسڪول ۾ روايتي ڏنڊي واري ولن ڪردار کان هٽي ڪري ٻار جي نفسيات کي سمجهي ڪري پڙهائي۔۔۔ ادا نياز ابڙو محترم پير مظهر الحق جو بهترين استادن کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ سٺو عمل ته آهي پر ڪاٿي اهو عمل پڻ پنهنجن ماڻهن کي نوازڻ ته ناهي۔۔۔۔ توهان تعليمي کاتي ۾ آهيو ۔۔۔ مون کي ٻڌايو ته ڇا اهڙا ايوارڊ واقعي بهترين استاد کي ڏنا ويا آهن۔۔۔؟
جواب: تعليم سڀني لاء ڇا سنڌ جي عدالت صحيح ڪم ڪري پئي؟ چا سنڌ جو ڊاڪٽر صحيح رخ ۾ عمل ڪري پيو؟ ڇا سنڌ جا تعليمي ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن پيا؟ ڇا سنڌ جا پئداواري ايڪا صحيح پئداوار ڏين پيا؟ ڇا سنڌ جي اقتصاديات سنڌ جي هٿ وس آهي؟ ڇا سنڌ جي پارليامنٽ آزاد ۽ خودمختيار آهي؟ اهي سوال تـ ٿئي سهگن ٿا مگر انهن سڀني جو جواب آهي پڙهيل ڳڙهيل معاشرو . جڏهن معاشري کي اوهان جهڙا سڄاڻ دوست پڙهائي سجاڳ ڪندا تـ پوءِانهن سوالن جي گنجائش ئي ڪان رهندي . مٿيون هٿ هيٺين هٿ کان بهتر آهي .