عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
ٽاڪ منجهند جو وڻ هيٺان ويهي
ياد ڪري ٿي
بخت جون باتيون
مٺيون لاتيون
مرڪي پئي هوءَ پيار مان
وري ياد آيس جڏهن
وڇوڙي جي ويل
تڏهن اکيون ڀرجي آيس
ساهه سڏڪي پيس
ڄڻ ڪو کيس پڪارڻ لڳو
چپن چپن ۾ هن جو نانءُ
چمي ورتائين
مَنَ هو به مون کي ياد ڪري,
پريان سندس ڏاڏيءَ کي
اچي خوف ورايو
ته ٽاڪ منجهند جو
هيڪلي وڻ هيٺان
هر پئي روئي
هر پئي کلي
پڪ ڪا لڳت ٿي ٿس
ڪو جن آيو ٿس,
پر هن کي ڪهڙي خبر ته
مَنَ جي لڳت
ٻين سڀني لڳتن کان مٿانهين
هوندي آهي.
ياد ڪري ٿي
بخت جون باتيون
مٺيون لاتيون
مرڪي پئي هوءَ پيار مان
وري ياد آيس جڏهن
وڇوڙي جي ويل
تڏهن اکيون ڀرجي آيس
ساهه سڏڪي پيس
ڄڻ ڪو کيس پڪارڻ لڳو
چپن چپن ۾ هن جو نانءُ
چمي ورتائين
مَنَ هو به مون کي ياد ڪري,
پريان سندس ڏاڏيءَ کي
اچي خوف ورايو
ته ٽاڪ منجهند جو
هيڪلي وڻ هيٺان
هر پئي روئي
هر پئي کلي
پڪ ڪا لڳت ٿي ٿس
ڪو جن آيو ٿس,
پر هن کي ڪهڙي خبر ته
مَنَ جي لڳت
ٻين سڀني لڳتن کان مٿانهين
هوندي آهي.