زميني حقيقتون۽سنڌ۽بلوچستان ۾ ڌارين قومن ۽ ٻين صوبن وارن جو ڊوميسائل ٺهرائي حق هڙپ ڪري ڊبل فائدا وٺڻ

'راءِ شماري' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    (راءِ ڏيو يا ٻيو ڪو دڳ ڏيو ڇو جو توهانجي راءِ لازمي آهي)

    زميني حقيقتون ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جو ڌارين قومن ۽ ٻين صوبن وارن جو ڊوميسائل ٺهرائي حق هڙپ ڪرڻ

    [​IMG]
    پاڪستان جي 18 ڪروڙ آدم شماريءَ ۾ صوبن ۾ رهندڙ هر زبان (مدرٽنگ (گرين پارٽ آف فليگ) ۽ اڪليتي (وائيٽ پارٽ آف فليگ)) ڳالهائڻ وارن جو حق آهي ته هو فيڊريشن تحت قائم ٿي جُڙي رهندڙ جنهن به صوبي جا رهائشي هُجن تن کي پاڪستان ۾ رائج ڪوٽا سسٽم تحت پرائيويٽ توڙي سرڪاري ادارن، ۽ تعليمي مرڪزن ۾ نوڪريون ۽ تعليم ۽ ٻيون سهولتون برابري ۽ تعداد جي بُنياد تي (تناسب جي حساب سان) پنهنجن پنهنجن صوبن يا فيڊريشن ۾حاصل هُجن.

    پرافسوس جو سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون (اصلي باشندا) اڃان به محروم آهن ۽ معمولي ڪوٽا سسٽم هُئڻ جي باوجود به، ٻاهرن صوبن جي ماڻهن جو سندُن علائقن ۾ اچي نوڪري (روزگار خاطر) ۽ تعليم تي قابض ٿيڻ (سنڌ ۽ بلوچستان ۾ عارضي يا دائمي رهائش اختيار ڪرڻ ۽ لڏ پلاڻ ڪري) اهي سنڌ ۽ بلوچستان جي اصلي رهاڪُن جي معمولي ڪوٽا به هڙپ ڪيو ويٺا آهن جيڪي کين ڊبل ڊوميسائل جي بُنياد تي ملي ٿي ۽ اُهي پنهنجن صوبن جو ڊوميسائل رکندي به سنڌ ۽ بلوچستان جو ڊوميسائل حاصل ڪري ويٺا آهن، جنهن ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جا اصلي باشندا مُڪمل تعليمي، صحت ۽ نوڪرين جي ميدانن ۾ محروم ٿيل آهن.

    اسان هن زميني حقيقتن جي اڀياس ڪري هاڻ سمجهون ٿا ته هن مُلڪ ۾(مدرٽنگ) مادري زبان جي بُنياد تي ئي ۽ آباديءَ جي حساب سان پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ تعليم ۽ نوڪريون ڪرڻ سان سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي محرومي ۽ پنجابي ڊومينيشن جو پڻ خاتمون ايندو ۽ هن سان نه صرف پاڪستان مان ٻيائيءَ جو خاتمون ايندو پر ڀائيچاري ۾ به گهڻو اضافو ايندو. ۽ اهوئي قائم آهي ۽ حقيقت به ته هرڪو ٻولي بُنياد تي ئي نوڪريون ۽ ترقيون به ڏي پيو ۽ وسيلا حاصل ٿين پيا. ته پوءِ ڇو نه ان کي قانون ۾ آڻجي ائين ڪرڻ سان هر صورت ۾ اهو تناسب ايندو ۽ محروميون بچنديون.


    پنجابي ڊومينيشن ته تڏنهن ختم ٿيندي جڏنهن پنجاب کي ٻن صوبن ۾ ورهايو ويندو (پنجابي ۽ سرائڪي) ۽ پوءِ پاڪستان فيڊريشن جا سڀ يونٽ صوبائي، قومي اسيملبلين ۽ سينٽ ۾ برابر سيٽون رکندا ۽ هر يونٽ (صوبي) کي برابريءَ جي بُنياد تي سرڪاري توڙي خانگي نوڪريون ۽ تعليم ملڻ جو حق حاصل ٿيندو.

    هاڻ جيئن ته سينسز 2014 ۽ ووٽنگ ڪرڻ اليڪٽرانڪ مشينن ذريعي ٿي رهيو آهي. ۽ هر فرد رجسٽر ٿيندو ۽ رپيٽ شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل کان به بچڻ گهورجي. ته توهان ڇا ٿا ڀانيو ته اليڪٽرانڪ سينسز 2014 جي ڪري ڪوٽا سسٽم تعليمي ۽ گورنمنٽ نوڪرين لاءِ ساڳيو ڊوميسائل سسٽم تي برقرار رهي يا هاڻ ٻولي (مدرٽنگ + اڪليت سيٽون جُدا) لاءِ ٿئي جو ڊوميسائل سسٽم تي به سراسر نقصان ۽ تعليم ۽ نوڪرين کان محرومي به سنڌي ۽ بلوچي ٻولي ڳالهائڻ وارن کي ٿي رهيو آهي ان ڪري جو ٻين صوبن جون جيڪي قومون سنڌ ۾ عارضي يا دائمي وسيل آهن اُنهن يا جيڪا ٻين صوبن جي رهائشي بيوروڪريسي ۽ اسٽيبلشمنٽ سنڌ ۾ مقرر آهي اُها سنڌ ۽ بلوچستان جي شهر ۽ ڳوٺن جا ڊوميسائل هٿ ڪري ڪوٽا تحت مليل داخلائون ۽ نوڪريون حاصل ڪري سنڌي ۽ بلوچن کي محروم ڪري رهيون آهن.

    ته جيڪي ٻوليون (مدٽنگ) پاڪستان ۾ رهن ٿيون ۽ جيڪي 18 ڪروڙ آباديءَ ۾ آهن تن جي مدرٽنگ ڊيٽا بيس تي ۽ پرسنٽيج بيس تي ئي هاڻ ڪوٽا سسٽم جُڙڻ گهُرجي ته اُهي صوبا جيڪي ڊبل ڊوميسائل ۽ ڊبل فائدا وٺي رهيا آهن سي سنڌ ۽ بلوچستان ماڻهن لاءِ مليل معمولي ڪوٽا به هڙپ نه ڪري سگهن. ۽ جيترا به ٻين صوبن جا ماڻهون سنڌ يا بلوچستان ۾ رهائش پذير ٿيل آهن اُنهن تي ريزيڊنشيل ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي جيڪي ٻئي صوبي جو سهولتون يا زمينون وسائي ويٺا آهن.


    توهان نٿا بانيو ته اهو سسٽم ۽ ڪوٽا جي ريشيڊولنگ سان ڪنهن سان به زيادتي ڪانه ٿيندي ۽ هر ٻوليءَ (مدر ٽنگ) وارو پنهنجا حق حاصل ڪري سگهندو ۽ پاڪستان مان نا انصافيءَ ۽ محروميءَ کي ٻُنجو به اچي ويندو. اها حقيقت آهي ته پاڪستان هڪ فيڊريشن آهي جنهن ۾ هر صوبي جي پنهنجي مدرٽنگ، پنهنجو ڪلچر ۽ پنهنجي تواريخ ۽ تهذيب، روايت آهي جيڪي صرف برابر اختيارن سان فيڊريشن تحت گڏ آهن.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 آڪٽوبر 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ ۽ بلوچستان جا دانشور ڪٿي آهن ! سنڌ ۽ بلوچستان نظر انداز ڇو! ڇا اسان 1948ع جي معاهدن تي واپس پيا وڃون ! توهان به عمران خان ۽ طاهرالقادريءَ سان پارليمينٽ وارن جي ڳالهين ۾ پنهنجي حقن جي حُصول لاءِ راءِ شُماريءَ ۾ حصو وٺو ۽ پنهنجي صوبي جي هميشه لاءِ محرومين جو دڳ ڳوليو! جيئن پاڪستان جا مڙئي وسيلا ٻن صوبن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي تائين رُڳو محدود نه رهن
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 آگسٽ 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    آگاهي ۽ اپيل سنڌ ۽ بلوچستان جي دانشورن کي. ڊوميسائل بيس ڇڏي ماءُ ٻوليءَ (مدرٽنگ) جي بُنياد تي پرابري حق گهرڻ لاءِ جڏنهن ته تپيل ۽ گرم لوهه ۽ ماحول! تيار آهي، فلحال پنهنجون سڀ سماجي تقريبون ، راڳ رنگ ملهائڻ واريون راتيون، شامون ۽ ڪتابي رونمائي وڏن ماڻهن جي انٽرويو ۽ گهرن جا چڪر لڳائڻ ۽ مهمان نوازي وساري فلحال هڪ ايجنڊا تي جُڙي وڃو. سنڌ جا سڀ ليجنڊ دانشور، نئين نسل جي دانشورن کي کڻي اڳتي وڌن.

    عمران خان ۽ طاهرالقادري (پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ ٽين قوت جي نمائندگي رکندڙ) جي ڌرنن ۽ سياسي ، پارليماني ليڊر شپ جي ميدان تي اچڻ ۽ پوئين هٿن ڪري پاڪستان هاڻ پنهنجي يا نئين تواريخ جو بُنياد يا پوئين تواريخ ورجائي رهيو آهي . افسوس جو اها تواريخ صرف پنجاب ۽ ڪي پي ڪي لاءِ جُڙي ويندي جي سنڌ ۽ بلوچستان جا دانشور پنهنجي حق لاءِ ميدان ته نه ايندا. يا وري جي سنڌي ۽ بلوچ دانشور ميدان تي نه نڪتا ته 1948 يا 1949 وارو ڪوٽا سسٽم رائج ٿي سگهي ٿو جنهن جا بينيفشري صرف ٽي طبقا هوندا. ته پنهنجي خاص طرح سنڌ جي ليجينڊ دانشورن کي اپيل ٿي ڪجي ته جي هاڻ توهان رواجي شامون ۽ راتيون ملهائڻ وارين تقريبُن، ڪتابن جي نمائش، راڳ رنگ جي محفلن کان واندا ٿي چُڪا آهيو ته پنهنجن دانشوري نقطن سان آسانجي لکيل زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي، عملي طور حصو بڻجي، سياسي، سماجي ۽ پارليماني جهموريت جي نمائندن سان ملي ۽ گڏ نروار ٿي وڃون متان پوءِ پنهنجن حقن کان وڌيڪ محروم ٿي ۽ هٿ مليندا رهو .
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مشتري هُشيار باش! انقلاب مارچ يا آزادي مارچ ڪُئيڪ مارچ مشرف جو منشور آهي ۽ پاڪستان مارچ نه آهي پر واحد پنجاب صوبي جو لاهور مارچ آهي ۽ لاهور تي قابض ٽن لاهوري شهزادن(گُروپن) جي پاڻ ۾ جنگ آهي سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون بيوقوف ۽ جذباتي نه ٿين. پر ان بجاءِ ! سنڌ ۽ بلوچستان جي دانشورن، ليکڪن، اديبن، جرنلسٽ، ڪالم نگارن، رپورٽرن، سياسي، سماجي، مذهبي، فڪري، رواجي، سول سوسائٽي سنڌ ۽ بلوچستان جي محروم ٿيل ۽ ڏتڙيل عوام کي گهُرجي ته پاڪستان لاءِ جيئن ته طاقتور قوتون نئي تواريخ مُرتب ڪرائڻ ۾ آهن ته اُن ۾ پنهنجي صوبن (سنڌ ۽ بلوچستان) جيحقن لاءِ حصو گهرن ۽ اڳتي وڌن ۽1947، 1948، 1949 واريون جذباتي غلطيون وري نه دُهرائين ۽ متان وري ٽن قوتن طرفان رائج 1948 ڪوٽا سسٽم ۾ ٻُڌايل) جي مُفاد لاءِ ڪم ڪري ويهن يا (وين ڊيم بروڪ) ڪهاڻي وانگر اکيون پوري پويان ڀڄن، ۽ طرفداري ڪرڻ ، سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي گهُرجي ته ڳالهائڻ ۾ پنهنجي محرومين ۽ مسئلن کي لنڪ ڪن. جذباتي وهڪري ۾ وهي سندن پويان ڀڄڻ بجاءِ هلن بجاءِ محرومين ۽ زيدتين جو اظهار ڪري اڳتي وڌن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي اصل محروم قومن جي مسئلن جو به ڪو اظهار ٿئي. ۽ نه ئي پرائي شاديءَ ۾ پاڻ نچڻ جي ڪوشش ڪن. ڇو جو انقلابي يا آزادي مارچ پاڪستان جو نه پر مُشرف ڪُئڪ مارچ اشو ۽ پنجاب صوبي لاهور ۾ رهڻ وارن جو مسئلو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون ته شروع کان ئي مصيبن ۾ آهن ۽ رهندا جيسين ڪه هو ٻين جو چولو جهلڻ نه ڇڏيندا. مشتري هوشيار باش!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 آگسٽ 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو