
توڙي جو اها خاطري نه ٿي ڪرائي سگهجي ته ملڪاڻي ۾ سؤ فيصد ريڪوري آهي پر گهڻن جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. هتي بل جمع ڪرائڻ جو وڏي وقت تائين ته هڪ منظم سسٽم جُڙيل هو. هڪ جهونو الهه جڙيو وٽ بل جا سٿا ايندا هُئا جيڪي هو هر ماڻهو کي پُهتا ڪندو هو وري پئسن سان گڏ کيس ملندا هُئا. في بل تي 5 کان 10 رُپيا سندس ان ڪم جي خرچي يا مزدوري هوندي هُئي. اهي سڀ بل ۽ پئسا کڻي وڃي جمع ڪرائيندو هو جهُڏو جي بئنڪ ۾. هاڻي اومني ۽ ايزي پئسا جي سهولت اچڻ ۽ الهه جڙئي ۾ سڪت نه رهڻ ڪري اهو سسٽم ته کڻي ناهي رهيو پر پوءِ به ڪافي قدر بل جمع ٿين ٿا. خاص ڪري ملڪاڻي جي وڏي مشينري وارا ڪاراخاني جا مالڪ ته 100 فيصد ادائگي ڪن ٿا.
پر چوندا آهن نه ته “سِڌي ڪاٺي تي وزن گهڻو“. اهو ئي قِصو آهي. جتي رڪوري وڌيڪ واپڊا جا نخرا به اُتي ئي وڌيڪ جو ماڻهو بل ڏيئي اها تقاضا ڪن ٿا ته اسان کي جائز سروسز ڏيڻ خاطر رشوت نه وٺو. اها ڳالهه کين وڻي نه ٿي.
اهو ٽرانسفارمر گُذريل ڪيئي سالن کان پنهنجي مدد پاڻ تحت ريپئر ٿئي ٿو ۽ لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ڳوٺ جو بار کڻندي وڌ ۾ وڌ 110 وولٽ ڏيئي ٿو. بل ڏيندڙ ايتري وولٽيج تي به خوش آهن بس رشوت نه هُجي.
اڳي جي ڀيٽ ۾ هن دفعي ڪم تڪڙو پيو ٿئي ڇو ته مرزا جي وچ ۾ اچڻ سان فرق پيو آهي پر اهو هڪ بنيادي حق آهي جيڪو بنا چوڻ جي به ملڻ کپي ها. پر هڪ فرق اهو آهي ته هن دفعي پئسا ناهن ڏيڻا پيا. جيڪڏهن ڪوشش ڪجي ۽ انفرادي طور ئي سهي پر عملي ڪم ڪجي ته بُرايون آهستي آهستي ختم ٿي سگهن ٿيون. جيئن يونس جي ڪوشش سان اڄ رشوت مان جان ڇُٽي ٻي دفعي متان مرزا جي غرض به نه ڪڍڻي پئي. پر ڳالهه آهي ڳالهه کان عمل جي. . . .
