مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي توانائي جي ماهرن جي وفد جو تُرڪي جو دورو

'مختلف موضوع' فورم ۾ گورڌن ولاسائي طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2014۔

  1. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    [​IMG]

    مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي توانائي جي ماهرن جي وفد، جنهن ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، پروفيسر عبدالغني پٺاڻ، گورڌن ولاسائي ۽ فهد صديقي تُرڪي جي هجيتيپي يونيورسٽي، انقره جو هڪ هفتي جو تحقيقي دورو ڪيو. هجيتيپي يونيورسٽي دُنيا جي 500 بهترين يونيورسٽين ۾ شامل آهي. هن دوري کي برطانيه جي برٽش ڪائونسل انسپائر پروگرام تحت ۽ تُرڪي جي ٽوبيٽيڪ اداري معاشي تعاون ڪيو. دوري دوران توشانلي جي ڪوئلي جي کاڻين، ڪوئلي جي صفائي، ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر، زمين جي گهرائي تائين ٿيندڙ کوٽائي جو معائنو ڪيو ۽ مختلف موضوع زير بحث آندا. انهي دوري جو مقصد ٿر ڪوئلي کي بهتر ۽ مناسب طريقي سان استعمال هيٺ آڻڻ جا طريقو هو.

    تحقيقي دوري دوران مهراڻ يونيورسٽي جي ماهرن هجيتيپي يونيورسٽي انقره ۾ مائنينگ ڊپارٽمينٽ هڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ اهو بحث ڪيو ويو ته ٿر ڪول علائقي ۾ ڪهڙين ڪهڙين جاين تي اوپن پِٽ ۽ ڪهڙين جاين تي زير زمين کوٽائي جي ضرورت آهي. سيمينار دوران شڪارپور جي فهد صديقي ڪمپيوٽر ماڊل ذريعي اهو ٻڌايو ته اوپن پِٽ مائيننگ (مٿاڇري کوٽائي) سان پيدا ٿيندڙ واڌو مٽي (واري) کي ڪٿي اُڇلايو وڃي ته جيئن ڪوئلي جي کوٽائي دوران ڪي وڌيڪ مُشڪلاتون نه پيدا ٿين ۽ ٿر ڪوئلي جي ڪهڙي بلاڪ ۾ ڪهڙي طريقي سان کوٽائي ڪجي ۽ ڪيتري ڪجي؟

    دوري دوران انوائرنمينٽل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ پاڪستان لاءِ گهٽ قيمت بجلي پيدا ڪرڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي تحقيق ڪندڙ گورڌن ولاسائي ٿر جي ڪوئلي، هوا ۽ سج جي روشني ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ کي وڌ کان وڌ ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو، جيئن ماحول کي پڻ ايندڙ نسل لاءِ بچائي رکجي.

    هجيتيپي يونيورسٽي جي ريڪٽر (وائيس چانسلر) پروفيسر مراد تُنجر ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد اسلم عُقيلي ٻه طرفن تحقيقي لاڳاپن لاءِ ياداشتنامن تي صحيحون ڪيون. ٻنهي برادر مُلڪن وچ ۾ توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ تحقيقي تعاون ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهي موقعي تي پروفيسر مراد تُنجر هجيتيپي يونيورسٽي ۾ اڳ ئي تحقيق ڪندڙ ماهرن گورڌن ولاسائي ۽ فهد صديقي کي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.

    ان کان پوءِ توشانلي ۽ تُنچبليڪ نالي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻين، ٿيندڙ کوٽائي، ڪوئلي جي ٿيندڙ صفائي ۽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر جو معائنو ڪيو. دوري دوران اها ڳالهه ظاهر ٿي ته تنچبليڪ جو بجلي گهر سنه 1963ع ۾ قائم ٿيو ۽ اڃان تائين صحيح طريقي سان ڪم ڪري رهيو هو!!!! جڏهن ته لاکڙا ۾ قائم ڪوئلي تي هلندڙ واحد بجلي گهر سنه 1996ع ڌاري قائم ڪيو ويو، جيڪو سنه 2001ع کان 10 سيڪڙو کان به گهٽ پيداوار ڏيندو پيو اچي.

    ڪوئلي جي کاڻين ۽ صفائي واري درجي جي دوران اها خبر پئي ته توشانلي جو ڪوئلو جي توانائي جو مقدار فقط 2500 ڪلو ڪئلوريز في ڪلو گرام آهي، جنهن کي تُرڪ سالن کي استعمال ڪري بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ٿر ڪوئلو 3000 کان به مٿي آهي!

    توشانلي جي دوري دوران ترڪي جي ڪوئلي جي اداري مان ڪيوانچ هيت به وفد سان همراهي ڪئي. جڏهن ته توشانلي علائقي جي گورنر نعمان هتيپولو پڻ وفد سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني ڀائرن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ آئنده لاءِ به تحقيقي ماهرن کي سموريون سهوليتون ڏيڻ جو واعدو ڪيو. مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر توشانلي جي گورنر، بجلي گهر جي چيف انجنيئر، هجيتيپي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا.

    اهڙا دوست جيڪي هن پروگرام تحت تُرڪي جي مختلف ادارن ۾ تحقيق ڪرڻ چاهين ته اُهي (TUBITAK, BIDEB) سان رابطي ۾ اچن جيڪي پاڪستاني ڀائرن کي ڪم اچڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ آتا آهن.

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 آگسٽ 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تازو تُرڪي جي شهر سوما (لڳ ازمير) ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ هڪ واقعو ٿيو جڏهن آئون به اُتي هُئس هڪ وڏو واقعو هو جنهن ۾ سوين ماڻهن جي مؤت ٿي. بي بي سي ٻُڌايو ته تُرڪي دُنيا ۾ ان حوالي سان ڪمزور ترين مُلڪ آهي. مطلب ته اُهي مُلڪ جيڪي ڪوئلو استعمال ڪن پيا پر ان حوالي سان محفوظ ناهن.
    اهو آهي هڪ پهلو پر ٻيو پاسو ڏسجي ته ان باوجود هي مُلڪ آبشار جي وهڪرن ۽ ڪوئلي مان بجلي پئدا ڪندڙ مُلڪن ۾ دُنيا ۾ سرِ فهرست آهي. نه رُڳو پنهنجي پورت ڪري پر ٻين مُلڪن کي به کپائي جنهن جي بدلي گئس وٺي ٿو جيڪا وٽس بلڪل ناهي.
    گورڌن ولاسائي اڳ ئي بجلي جي گهُرج ۽ رسائي جا پئمانا ڪرڻ جي مهارت رکي ٿو ۽ سندس پي ايڇ ڊي جو ٽاپڪ به اهو تنهن وري ڪوشش ڪري هڪ اهڙو ايوينٽ منقعد ڪرائڻ ۾ حصو ونڊيو جنهن ۾ سنڌ جو هڪ ڏاهو ۽ مهان انجنيئر سائين عُقيلي صاحب (وي سي مهراڻ يونيورسٽي) جن جو هتي اچڻ ٿيو. مهراڻ يونيورسٽي عملي طور ٿر جي ڪوئلي تي ڪم ڪرڻ ۾ ڪافي اڳتي رهي آهي ۽ اڃان به ڪوشان آهن.
    پر اسان جو سنڌي بار بار اهو سوال ڪري ٿو ته آخر اڃان تائين ٿر ڪول نڪرڻ ۾ دير ڇو استعمال ۾ دير ڇو؟ ان تي عبدالوهاب پاران سهيڙيل ادريس راجپوت جي ڪالمن مان هڪ (پوسٽ #94) پڙهڻ گهُرجي. پر هتي ان جو هڪ ٽُڪرو انهن لاءِ جن وٽ اهو سوال اڃان سوال آهي.

    خزانو ڪڍڻ ۾ دير ڇو پيا ڪيون؟:

    ڪارو سون پٽ تي ڪو نه پيو آهي، پر هيٺ زمين ۾ پوريل آهي. اهو زمين کان اٽڪل 500 کان 650 فوٽ هيٺ آهي، جنهن جي وڌ ۾ وڌ ٿولهه 75 فوٽ آهي، پر سراسري طرح اها ٿولهه 50 فوٽ آهي. انهيءَ عميق ۾ پاڻي جا ٽي تهه (Aquifers) آهن، پهريون 164 فوٽن تي، ٻيو 394 فوٽن تي ۽ ٽيون 650 فوٽن تي، يا وري ڪٿي ڪٿي انهيءَ کان به هيٺ- ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ اسان کي کڏ کوٽڻي آهي. هاڻي سوچيو ته اهڙي کڏ کوٽڻي آهي، جو عميق 650 فوٽ هجي ۽ اهو وارياسو ملڪ آهي. جيئن کڏ هيٺ کوٽبي ته پاسن کان واري هيٺ ڪرندي، جنهن جي روڪڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو. وري ڪوئلي جي تهه تي پهچڻ کان اڳ پاڻيءَ جو پهريون تهه (Aquifer) اچي ٿو، اهو پاڻي کڏ ۾ ڪري انهيءَ کي ڀري ڇڏيندو، تنهن ڪري پهرين انهيءَ پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ بندوبست ڪرڻو پوندو. جڏهن اهو بندوبست ٿي ويندو ته ڪوئلي واري تهه ۾ به پاڻي آهي، اهو ڪڍڻو پوندو. وري جيڪڏهن ڪوئلو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪبي ته پاڻي جو هيٺيون تهه ((Aquifer جيڪو دٻاءُ هيٺ آهي، جنهن کي انگريزي ۾ (Artesian) واري حالت چئبو آهي، اهو مٿي اچي ڪوئلي واري کڏ کي ڀري ڇڏيندو، تنهن ڪري انهيءَ ٽئين پاڻيءَ واري تهه جو پاڻي ايترو ڪڍڻو پوندو ته جيئن ان جي دٻاءَ واري حالت نه رهي. وري اهو سوچيو ته 650 فوٽ هيٺ کڏ ۾ پيل ڪوئلو مٿي زمين تي ڪيئن پهچائبو. انهيءَ ڪوئلي کي ڪڍڻ ۽ مٿي زمين تي پهچائڻ لاءِ خاص مشينون کپن، جيڪي پاڪستان ۾ ڪونهن. اهي ٻاهرين ملڪن کان گهرائڻيون پونديون. اتي به اهي تيار ڪو نه پيون آهن، بلڪه آرڊر ملڻ تي هو اها مشين ٺاهيندا، جنهن ۾ ٻه ٽي سال لڳندا. وري انهن وڏين مشينن کي سامونڊي جهازن وسيلي ڪراچي آڻي، سرزمين تي پهچائڻو پوندو ۽ ڪراچي کان اسلام ڪوٽ، جتي هينئر ڪم هلندو، سو 360 ڪلوميٽر آهي. سرزمين تي پهچائڻ لاءِ پورٽ قاسم کان ٺٽه-سجاول، بدين، ونگو موڙ، مٺي-اسلام ڪوٽ رستي کي ويڪرو ۽ مضبوط ڪرڻو پوندو. وري اچو مٺي پاڻي تي ته ٿر ۾ پاڻي جي اڻاٺ آهي. هتي رڳو هڪ ڪيوسڪ پاڻي نئون ڪوٽ برانچ مان وٺي مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ٿاريو هاليپوٽي تائين پهچايو وڃي ٿو. انهيءَ لاءِ 12 انچ جي هڪ پائيپ لائين نئون ڪوٽ کان مٺي تائين ٺاهيل آهي، جنهن تي ڪيترا بوسٽر پمپ لڳل آهن. مون اها پائيپ لائين پبلڪ هيلٿ جي انجينئر ڪيلا سان گڏ ڏٺي، جنهن تڪليف سان هو صاحب اهو پاڻي ٿر وارن کي پهچائي ٿو، سو عمل ساراهه جوڳو آهي. انهيءَ جي سلسلي ۾ اسان کي ٿرڪول جي ڪالونين لاءِ ۽ بجلي گهرن کي ٿڌي رکڻ لاءِ 300 ڪيوسڪ پاڻي کپي، اهو پاڻي بجلي گهر ٺهڻ کان اڳ اسلام ڪوٽ پهچائڻو آهي، اهو ڪٿان ايندو ۽ اتي ڪيئن پهچائبو؟ وري ڪوئلي واري ايراضين جو پاڻي هيٺان ڪڍڻو آهي، اهو کارو آهي، انهيءَ کي ڪٿي اڇلائڻو آهي. اهو ڪٿي اڇلائبو ۽ وارين جي دڙن مان ڪيئن کڻي وڃبو، معنيٰ ته ڪارو سون ڪڍڻ کان اڳ ۾ اسان کي نئين اڏاوت سازي (Infrastructure development) ڪرڻي پوندي.

    ڳالهه سڄي آهي پئسي جي. پسئو لڳندو ته ڪم ٿيندو. واري هيٺ موجود ڪوئلي مان احتياط سان ڪوئلو ڪڍي استعمال قابل بڻائڻ ڪو مذاق ناهي. وري به مٿي ڏسيل ميٽنگس جهڙيون گڏجاڻيون خوب ٿين پيو. اُميد ته ڪو حل ايندو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    بهترين ادا هن مان ڄاڻ ملي ته اسان وٽ به ڪوئلي جهڙي عظيم نعمت جيڪا ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اپت ڏيندڙ موجود هوندي به اسان لا بيڪار بڻيل آهي. ٻيا ملڪ جهڙي ريت مينيجمينٽ سان پنهجو معدنياتي ذخيرو استعمال ڪن پيا اسان جڏهن اهو ٻڌو ته ٿا پنهنجي پاڻ تي شرم اچيو وڃي . يار اسان وٽ ڇا ڪونهي هر دولت رب تعالىي ڏني آهي پر پنهنجي ذاتي مفاد خاطر نه ڪو ٿا پاڻ استعمال ڪريون ۽ ئي ٻي ڪنهن کي ٿا هٿ وجهڻ ڏيون.
    پو گورڌن جهڙا دوست ڇا ملڪ کي فائدو پهچائن منهنجا مشورا ڏين ٿا ڪيترائي طريقا ٻڌائن ٿا ڪهڙي ريت گهٽ قيمت ۾ بجلي ٺاهي سگهجي ٿي پر اصل حڪمران اهو چاهن ئي ڪون ٿا.
    سٺي شيئرنگ ڪئي اٿئو . ان ليک مان مون کي پتو پيو ته توهان ڪهڙي ڀلي ڪم لا اتي ويل آهيو اڳ ۾ خبر نه هئي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سيڙپ کان سوا ڪجهه ناهي ٿيڻو. ڪن دوستن جو وري اهو چوڻ آهي ته ماحول لا اهو ڪوئلو استعمال ڪرڻ تمام خراب آهي. جيڪو شايد ايتري قدر درست ناهي. تُرڪي ۾ انهي کان ڪافي گهٽ ڪوائلٽي جو ڪوئلو مزي سان گُذريل 50 سالن کان پيا استعمال ڪن..... ٿوري ايمانداري هُجي ۽ چڱي خاصي سيڙپ هُجي ته اسان پنهنجون بجلي جو ضرورتون آساني سان پوريون ڪري سگهون ٿا.

    حالتن کي ڏسندي ۽ ٻي هر ڳالهه ۾ آپٽيمسٽڪ هُجڻ باوجود هن ڳالهه بابت منهنجي سوچ صفا اُبتي ۽ پيسيمسٽڪ آهي......
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    توهان ته رڳو پڙهڻ ئي اوڀاريون لهواريون ٿي چاهيون.... سو ٻئي رُخ کي ڌيان کي ڪونه ٿا ڏيون. اصل ڪم پڙهائي آهي جيڪا سُڪون سان صحيح پئي هلي.

    تجلا وجهڻ پئي چاهيا، پر هاڻي سوچيون ٿا ته تجلن کي ڊراپ ڪريون. مشوري لا عبدالحفيظ لغاري ۽ ذيشان رشيد کي عرض ڪجي ٿو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    اهو ئي ته چيلنج آهي اسان لا اهو ڪوئلو ڪڍي استعمال لائق بڻائڻ. ڳالهه واقعي ڳري آهي ادا حفيظ. ماڻهو کپن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڏنل لنڪس تي وڃي تصويرون ڏٺيون ته مون کي چائنا ۾ موجود ڪوئلن جون کاڻيون ۽ اتي آئي ڏينهن حادثاتي واقعن جون ٽي وي تي ڏنل خبرون ياد پيون... اڃان هن انتهائي فائدي پر خطرناڪ ڪم بابت وکريل سوچون گڏ پئي ڪيم ته حفيظ جو معلوماتي جواب پڙهڻ لاءِ مليو جنهن ۾ ترڪي ۾ به ڪنهن حادثي جي خبر ڏنل هئي...
    منهنجي خيال ۾ گورڌن به اهوئي ٿو چوڻ چاهي ته اهڙو سون ئي گهوريون جيڪو ڪن ڇنهي... پر جيڪڏهن جيتري سرمائي ڪاري ڪوئلي ڪڍڻ تي ڪئي پئي وڃي ان جي اڌ جيتري اتي ڪم ڪندڙن لاءِ حفاظتي قدمن ۾ تي به لڳائجي ته ڀلو... خير باوجود ان جي ته ان سلسلي ۾ ڪوششون ضرور ڪنهن حد تائين ورتل به هونديون پر پوءِ به اسان پنهنجي يار گورڌن لاءِ فڪر مند آهيون ... ۽ کيس بزرگ بڻجي پنهنجي لاءِ احتياط ۽ خيال رکڻ جي تلقين ڪبي...

    هوئن مون کي به رياض وانگر اڄ تفصيلي خبر پئي ته اسان وارو دوست گورڌن ترڪي رڳو ويلا ٽار مهم تي ناهي ويل ... رهيو سوال تجلن جو ته کيس تڪڙو چئبو ته .. “يار ڏاهو ٿي .. پنهنجي واعدي تان ته نه ڦر...” :)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    حادثا ته هر ڪم ۾ آهن. ساهه کڻڻ به رسڪي ڪم آهي. گُذريل 3 مهينن ۾ جهازن جي حادثن ۾ ڪوئلي جي کاڻين کان وڌيڪ ماڻهو مُئا آهن..... آئون چوان ٿو ته توانائي جي هر موجود ذريعي کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪرڻ گهُرجي.

    باقي تجلا...... حفيظ جو مشورو اچي پو ڏسبو.....
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڄاڻ ڏيڻ لاء مهرباني. خوشي اٿم ته اسان جي يونيورسٽي جي ٽيم ٻاهر پهچي اتي ڪوئلي بابت ڪم ۽ کوٽائي _ٺي آهي ۽ ڄاڻ حاصل ڪئي آهي. يقينن ان امنا کيسن مدد ملي هوندي ۽ شاگردن کي به بهتر سمجهائي سگهندا. اسان جو دوست اظهار جسڪاڻي به شايد مائيننگ ۾ ڊگري حاصل ڪري چڪو آهي ۽ اڪثر ليک به موڪليندو رهندو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو