گورڌن ولاسائي
سينيئر رڪن

مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي توانائي جي ماهرن جي وفد، جنهن ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، پروفيسر عبدالغني پٺاڻ، گورڌن ولاسائي ۽ فهد صديقي تُرڪي جي هجيتيپي يونيورسٽي، انقره جو هڪ هفتي جو تحقيقي دورو ڪيو. هجيتيپي يونيورسٽي دُنيا جي 500 بهترين يونيورسٽين ۾ شامل آهي. هن دوري کي برطانيه جي برٽش ڪائونسل انسپائر پروگرام تحت ۽ تُرڪي جي ٽوبيٽيڪ اداري معاشي تعاون ڪيو. دوري دوران توشانلي جي ڪوئلي جي کاڻين، ڪوئلي جي صفائي، ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر، زمين جي گهرائي تائين ٿيندڙ کوٽائي جو معائنو ڪيو ۽ مختلف موضوع زير بحث آندا. انهي دوري جو مقصد ٿر ڪوئلي کي بهتر ۽ مناسب طريقي سان استعمال هيٺ آڻڻ جا طريقو هو.
تحقيقي دوري دوران مهراڻ يونيورسٽي جي ماهرن هجيتيپي يونيورسٽي انقره ۾ مائنينگ ڊپارٽمينٽ هڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪئي. جنهن ۾ اهو بحث ڪيو ويو ته ٿر ڪول علائقي ۾ ڪهڙين ڪهڙين جاين تي اوپن پِٽ ۽ ڪهڙين جاين تي زير زمين کوٽائي جي ضرورت آهي. سيمينار دوران شڪارپور جي فهد صديقي ڪمپيوٽر ماڊل ذريعي اهو ٻڌايو ته اوپن پِٽ مائيننگ (مٿاڇري کوٽائي) سان پيدا ٿيندڙ واڌو مٽي (واري) کي ڪٿي اُڇلايو وڃي ته جيئن ڪوئلي جي کوٽائي دوران ڪي وڌيڪ مُشڪلاتون نه پيدا ٿين ۽ ٿر ڪوئلي جي ڪهڙي بلاڪ ۾ ڪهڙي طريقي سان کوٽائي ڪجي ۽ ڪيتري ڪجي؟
دوري دوران انوائرنمينٽل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ پاڪستان لاءِ گهٽ قيمت بجلي پيدا ڪرڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي تحقيق ڪندڙ گورڌن ولاسائي ٿر جي ڪوئلي، هوا ۽ سج جي روشني ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ کي وڌ کان وڌ ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو، جيئن ماحول کي پڻ ايندڙ نسل لاءِ بچائي رکجي.
هجيتيپي يونيورسٽي جي ريڪٽر (وائيس چانسلر) پروفيسر مراد تُنجر ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد اسلم عُقيلي ٻه طرفن تحقيقي لاڳاپن لاءِ ياداشتنامن تي صحيحون ڪيون. ٻنهي برادر مُلڪن وچ ۾ توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ تحقيقي تعاون ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهي موقعي تي پروفيسر مراد تُنجر هجيتيپي يونيورسٽي ۾ اڳ ئي تحقيق ڪندڙ ماهرن گورڌن ولاسائي ۽ فهد صديقي کي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.
ان کان پوءِ توشانلي ۽ تُنچبليڪ نالي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻين، ٿيندڙ کوٽائي، ڪوئلي جي ٿيندڙ صفائي ۽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر جو معائنو ڪيو. دوري دوران اها ڳالهه ظاهر ٿي ته تنچبليڪ جو بجلي گهر سنه 1963ع ۾ قائم ٿيو ۽ اڃان تائين صحيح طريقي سان ڪم ڪري رهيو هو!!!! جڏهن ته لاکڙا ۾ قائم ڪوئلي تي هلندڙ واحد بجلي گهر سنه 1996ع ڌاري قائم ڪيو ويو، جيڪو سنه 2001ع کان 10 سيڪڙو کان به گهٽ پيداوار ڏيندو پيو اچي.
ڪوئلي جي کاڻين ۽ صفائي واري درجي جي دوران اها خبر پئي ته توشانلي جو ڪوئلو جي توانائي جو مقدار فقط 2500 ڪلو ڪئلوريز في ڪلو گرام آهي، جنهن کي تُرڪ سالن کي استعمال ڪري بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ٿر ڪوئلو 3000 کان به مٿي آهي!
توشانلي جي دوري دوران ترڪي جي ڪوئلي جي اداري مان ڪيوانچ هيت به وفد سان همراهي ڪئي. جڏهن ته توشانلي علائقي جي گورنر نعمان هتيپولو پڻ وفد سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني ڀائرن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ آئنده لاءِ به تحقيقي ماهرن کي سموريون سهوليتون ڏيڻ جو واعدو ڪيو. مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر توشانلي جي گورنر، بجلي گهر جي چيف انجنيئر، هجيتيپي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا.
اهڙا دوست جيڪي هن پروگرام تحت تُرڪي جي مختلف ادارن ۾ تحقيق ڪرڻ چاهين ته اُهي (TUBITAK, BIDEB) سان رابطي ۾ اچن جيڪي پاڪستاني ڀائرن کي ڪم اچڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ آتا آهن.
هن دوري جو تصويرون هيٺ ڏنل لنڪس تي ڏسي سگهجن ٿيون.
Undeground Coal Mine & Meeting with Tavsanli Governor
Coal Washing Unit at Tuncbilek
Visit to Coal Mine and Transportation
Visit to GLI Tuncbilek Open Pit Coal Mine
Visit to Tunçbilek Coal Power Plant
Undeground Coal Mine & Meeting with Tavsanli Governor
Coal Washing Unit at Tuncbilek
Visit to Coal Mine and Transportation
Visit to GLI Tuncbilek Open Pit Coal Mine
Visit to Tunçbilek Coal Power Plant
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: