تعارف عبدالخالق گھانگھرو رتوديرو مان صحافت جو گھڻو شوق رکان ٿو پر رستو سھي نٿو ملي بڌايو مان ڇا ڪيان اگر ڪھين دوستن کي چوان ٿو ت ( پيسن لاء رشوت لاء ) ايترا وڏا وات ٿا خولن جو صحافت تان دل بڃي ٿي پوي ڇا هي صرف ڪاروبار لاء رهيل آ؟
توهان صحافت ڇا لاءِ ته ڪرڻ چاهيو...؟ بهتر رهنمائي لاءِ اسان جي صحافي دوست ڦلپوٽو فقير سان رابطو ڪريو..
ادا عنبدالخالق سنڌسلامت فورم تي ڀلي ڪار ادا هتي توهان جي هر ممڪن مدد لا هر فيلڊ سان تعلق رکندڙ دوست ملندا جيڪي توهان جي بهتر رهنمائي ڪندا. توهان صحافت سان لڳا رکو ٿا ان لا هتي اسان جا ڪيترا دوست موجود آهين . يونس ملڪاڻي به توهان جي رهنمائي ڪندو آئون توهان کي هڪ صلاح ڏيندس ته توهان پهري لکڻ شروع ڪريو هتي پنهنجون لکڻيون ونڊ ڪريو ان سان توهان ۾ پختدگي ايندي دوستن جا مشورا به ملندا ۽ پو توهان ان کي ڪنهن اخبار يا ميگزين ۾ به شايع ڪرائي سگهندا .
ادا عبدالخالق گھانگھرو صاحب اوهانکي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ، ادا مان ڀاءُ رياض ملڪاڻي جي سهڻي راءِ سان سهمت آهيان
ادا اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪجي ٿي. اميد ته اوهان به پنهنجي ئي فورم تي پنهنجا رايا، احساس ۽ لکڻيون موڪليندا رهندا. اوهان رپورٽنگ يا خبر جي شروعات سنڌ سلامت کان به ڪري سگهو ٿا ۽ يقينن اوهان کي رستو پاڻهي ملي ويندو