
اسان مان ڪافي دوست ڪاسپرسڪائي اينٽي وائرس سافٽويئر استعمال ڪندا هوندا۔۔۔ ٻين دوستن کي آؓگاهي ڏيندو هلان ته هي اينٽي وائرس پروگرام توهان جي ڪمپيوٽر ۾ موجود هر قسم جي سپائي ويئر، ايڊويئر، ڦشنگ ۽ روٽ ڪٽ جهڙن وائرس کي جهلي وٺي ٿو۔۔۔
هن پروگرام جي 2009 ايڊيشن ۾ هاڻي ڪجهه نوان فيچرس پڻ شامل ڪيا ويا آهن ۔۔ جهڙوڪ۔۔
- وارم، سپائيويئر، ايڊويئر ۽ ٽروجن وائرسز کان بهتر حفاظت
- اي ميلز ۽ انٽرنيٽ ٽريفڪ جي سڪيننگ
- انسٽنٽ ميسينجنگ ذريعي ايندڙ وائرس کان روڪ
- انٽرنيٽ ايڪسپلورر تي ٿيندڙ حملن کان روڪ
- هر قسم جي ڪي لاگرس کان روڪ
- اي ميل ۾ اضافي حفاظت
- ريئل ٽائيم تي انٽرنيٽ جي حفاظت
- ريسڪيو ڊسڪ
- ڊيٽا جي سيڪيورٽي
- انسٽاليشن ۽ ڪنفگريشن جي تيزي
- سسٽم تي گهٽ ۾ گهٽ لوڊنگ
- پاڻمرادو ڊيٽابيس اپڊيٽنگ
- 9 مهينن تائين مفت ٽيڪنيڪل سپورٽ
هتي ڪلڪ ڪري هيٺيون صفحو کوليو ۽ اي ميلز سميت سمورا ڪالم ڀريو۔۔۔

هاڻي سبمٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان هيٺيون صفحو کُلندو۔ جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه گهڙين ۾ ئي توهان جي اي ميل ايڊريس تي 9 مهينن لاءِ ڪوڊ موڪليو وڃي ٿو۔۔۔۔

هاڻي هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽاليش جي دوران گهرندڙ سيريل ڪوڊ لڳائڻ لاءِ پنهنجي اي ميل چيڪ ڪريو۔۔۔
هاڻي ڇو ته توهان وٽ اوريجنل اينٽي وائرس پروگرام آهي ان ڪري هتي ڪلڪ ڪري هن اينٽي وائرس جا اضافي پروموشنس وٺندا رهو۔۔۔۔
ڪيئن مفت جي ڳالهه ته ڪو مونکان پڇي۔۔۔ \
