• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڍول گهراڻو جي نئين شاعري

khadimghirano

سينيئر رڪن
ڍول گھراڻو جي شاعري

ساري توکي ديس اي پرديس ۾

دلڙي ڏاڍي ماندي پئي ٿيندي آ

يار گليون ۽ سهارا ساروڻيون

سڀ سنڀاري ساٿ پئي روئندي آ

1

جي گذاريل گڏجي گھڙيون پيار سان

ساھ جي سهڪن سهڻن سهڪار سان

ذهن جي ورقن منجھان نروار ٿي

من مٿان جا تير ٿي پئي وسندي آ

2

پنهنجي ڌرتيءَ جي سرهي سهڻي هوا

آب امرت سنڌ جو سنڌوءَ شفا

ساري تن کي تَن ٿو تڙپي الا

ڀر جند کي سا سڪ پئي جھوريندي آ

3

سي شل وسن ۽ خوش رهن مارو سدا

منهنجي مارل سنڌ جا جيڏا جوڌا

پنهنجي پيارن سان گھمن گڏجي سدا

ڍول اها بس دل دعا پئي گھرندي آ


ڍول گھراڻو جي شاعري

جڏهن کان توکان يار جدا ٿي ويا آهيون

بس مزار ڦٽل جا ڪي ديپ ٿي پيا آهيون

....

نيهن جي نور نگاهن سان جڏهن نهاريو پرينءَ

تڏهن کان دار دکن جيءَ ۾ بس ٽنگيا آهيون

....

ڪيئي جي سامهون ويهي ساڻ رقيبن سان رهاڻيون

ڏسي جو تڙپي پيو روح ته ب کليا آهيون

..

نه راس آئي الائي ڇو اوهان کي بندگي منهنجي

ڪمي پنهنجي تي ئي سوچي صنم لڇيا آهيون

....

گھرون دعائون ٿا رب کان سدا تون سرهو رهين

اسان ته ارپي هي جيون توکي هليا آهيون

...

خدا شل سمجھه ڏي توکي تون سمجھين ساٿ منهنجي کي

انهيءَ ڍول اميدن تي بس جيئا آهيون
 
Back
Top