• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ريڊ زون

گھانگرا موريء جي واقعي ۾ ( شايد 1985 هيو جنهن ۾ پوليس وارن ڪجھ بي ڏوهي سنڌي نوجوان ماري وڌا هئا ) اسين انهن شهيدن جي ايثال ثواب لاء ايل ايم سيء جي لان ۾ انهن جي لاء غائبانه جنازه نماز ادا ڪري رهيا هئاسين ته اتي موجود پوليس فورس اسان نماز ۾ مشغول شاگردن تي هوائي فائرنگ ڪئي هئي .
17 آگسٽ 1983 جي ايم آرڊي تحريڪ ۾ ( ملڪ لاء جمهوريت جي حاصلات لاء ) نوشهرو فيروز ۾ پرامن بغير هٿيار ۽ نعري باز مظاهرين تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ اسان جا 7 نوجوان شهيد ٿي ويا .
23 آگسٽ 1983 ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران ڳوٺ پنهل ڄانڊيو سڪرنڊ ۾ روڊ تي قرآن جو ورد ڪندڙ مظاهرين تي فائرنگ ڪري انهن مٿان گاڏيون چاڙهي 22 ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو هئو
تڏهن اسان جو ۽ انهن جمهوريت جي شهيدن جو اهو جو ڏوھ صرف اهو هيو ته اهي # ريڊ زون ۾ نه هيا
 
Back
Top