مس فرح بلوچ
سينيئر رڪن
مونکي انتهائي خوشي آهي ته آئون سنڌ سلامت جي ميمبر ٿي آهيان، الله سائين توهان کي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي پنهنجي باري ۾ ڪجه ٻڌائيندي هلان ته منهنجو نالو فرح بلوچ آهي منهنجي تعليم ماسٽر سوشيالاجي آهي ، منهنجو جنم شهر ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو، ٽنڊو محمد خان جيئن ته منهنجو جنم ڀومي آهي ان ڪري مونکي پنهنجي جان کان وڌ پيارو آهي، مونکي ڪوڙ کان سخت نفرت آهي، ايترو مٺو به نه ٿجي جو ڪير کائي وڃي ۽ ايترو ڪڙو به نه ٿجي جو ڪير ڪڙو سمجهي ڌڪاري ڇڏي، سنڌ اسان جي امڙ آهي جنهن سان اسان جو رشتو جي جيجل امڙ جو آهي، اسان کي کپي ته پنهنجي جيجل سنڌ جو پورو حق ادا ڪري سگهون جنهن ۾ اسان انهن ماڻهن لا جدو جهد ڪريون جيڪي صدين کان پوئتي آهن ۔ اسان انهن ماڻهن لا ضرور جاکوڙ ڪريون۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت