شاهجهان سُميل
سينيئر رڪن
سنڌ سچ ۽ سونهن جي ڌرتي سان گڏوگڏ علم و ادب ۽ ڏاهپ جو ڏيهه پڻ آهي. سنڌ جي تاريخي ماڳن،سونهن ۽ تاريخي شخصيتن تي ڪو بحث ئي ناهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ سونهن جو نگر آهي ۽ سنڌو ڄڻ ته سڄي ڪائنات جي سونهن کي پنهنجي لهرن ۾ کنيو هلي ۽ ان تي به ڪو سوال ناهي ته سنڌ اها ڌرتي آهي جنهن ۾ ڀٽائي، سچل سميت هزارين اهڙا امُلهه موتي آهن جن ادب ۽ تاريخ جو پيٽ ڀريو. پر مان هن تحرير ۾ هڪ ڳالهه ونڊ ڪندس جنهن تي دوست وڌيڪ روشني وجهندا ۽ اسان کي ڪو جواب ڳولڻ ۾ مدد ڪندا.
سنڌ ۾ قابليت جي ڪا به کوٽ ناهي، پر اسان اڪثر اسان جي ماڻهن جي قابليت نظرانداز ڪئي ويندي آهي. فيس بُڪ جي مختصر پوسٽ تي لائيڪس جو تعداد ڏسي اها ڳالهه واضح ٿي ته لکڻي ڊگهي ٿئي ته پڙهندڙ پاسو ٿا ڪن. ان ڪري مختصر ته سنڌ جا ٻه ٽي اهڙا ڪردار هتي بيان ڪندس جيڪي شايد ايتري پزيرائي ناهن ماڻي سگهيا، پر سندن ٽيلينٽ يقينن ساراه لائق آهي.
سڄو ڏينهن گاڏيون ڌوئيندڙ ۽ صفائي ڪندڙ روشن شيخ به اهڙن ڪردارن مان هڪ آهي. شايد ڪافي دوست سندس نالي ۽ فن کان واقف هُجن پر سندس پست حالي ان ڳالهه جي نفي ڪري رهي آهي ته شايد ڪو سندس فن کان واقف آهي. روشن کي سنڌي ڪمار سانو سڏيو ويندو آهي، ڇو ته هُو نه صرف ڪمار سانو جو مداح آهي پر سندس آواز به ڪافي حد تائين ڪمار سان ملي ٿو. سندس چوڻ موجب هو هزارين شادين ۾ فقط 200 کان هزار تائين تي پنهنجو فن پنهنجي پيٽ لاءِ وڪڻي ٿو، پر انهن هزار شادين ۾ شريڪ لکين ماڻهن مان ڪو هڪ به اهڙو نه هو جنهن کيس داد کان سواءِ ڪجهه ڏنو هُجي. ها پر ڀٽائي پروڊڪشن کيس هڪ موقعو ضرور فراهم ڪيو پر پوءِ اها ڪهڙي قوت هئي يا ڪهڙو سبب جنهن کيس وري پردي پويان بيهاري ڇڏيو. جيڪي دوست سندس فن کان واقف ناهن انهن لاءِ هيٺ يوٽيوب جو لنڪ ڏجي ٿو ۽ ڪجهه گيت به رکجن ٿا ته جيئن هن دوست جي آواز جي خبر کين پئي.
اهڙن سنڌي ڪردارن لاءِ اردو ميڊيا جي پاليسي به سمجهه کان ٻاهر آهي، يوٽيوب تي ته روشن جون تعريفون ۽ سندس فن جي ساراه پر آڊيشن ڏيڻ باوجود سندس اسٽيٽس جي خبر ئي نه پئي ته ڇا ٿيو ڇا لئه هو حصو نه ٿي سگهيو.
اڳيان وڌندي ڳالهه ڪريون ٿا ڪرڪيٽ جي ميدان جي اهڙي کلاڙي جي جنهن کي برائن لارا جهڙي ماڻهو ويسٽ انڊيز لاءِ آفر ڪئي (اهڙي معلومات 2005 ۾ حيدرآباد جي هڪ رانديگر محمد علي ڏني) پر هُو پراُميد هو ته پاڪستان جي ٽيم ۾ کيس جڳهه ملندي. گهڻا ماڻهو ته شاهد قمبراڻي کان واقف هوندا، کيس سنڌي لٽل ماسٽر به سڏيو وڃي ٿو. سندس بهترين ٽيڪنيڪ، سُٺي بيٽنگ به کيس اڳتي وڌڻ ۾ مدد نه ڪئي. دوستن سان ڪجهه اسٽيٽس به شامل ڪندو هلان، اوهان سان شيئر ڪندس ته لسٽ اي ميچن ۾ شاهد قمبراڻي جي average اسد شفيق، احمد شهزاد، عمر اڪمل، عدنان اڪمل ۽ ڪيترن ۽ ٻين رانديگرن کان گهڻي آهي، فرسٽ ڪلاس ۾ جيتوڻيڪ سندس ايوريج تمام گهڻي ناهي، پر سندس سينچريون ۽ رنس ٻين ڪيترين ۽ اهڙن رانديگرن کان وڌيڪ آهي جن کي پاڪستان جي ٽيم جي نمائندگي ڏني وئي. پر اُن باوجود کيس ڪڏهن به ڪنهن به انٽرنيشنل ايوينٽ جو حصو نه بڻايو ويو. کيس ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو بهترين کلاڙي تسليم ڪيو ويندو آهي پر ڪيس ڪڏهن به اڳيان نه آندو ويو. هاڻي ته وڌندڙ عمر سندس پرفارمينس تي به اثر انداز ٿي آهي ۽ گذرندڙ وقت سندس پوري ڪيريئر تي اثر انداز پيو ٿئي، پر ماضي ۾ ڪيترا ئي سيزن شاهد لسٽ اي ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ ٽاپ رنس اسڪورر رهيو آهي هن کي ايتري عرصي ۾ ڇو ڪو چانس نه ڏنو ويو.
هڪ ٻيو ڪردار جيڪو جيتوڻيڪ متنازعه آهي پر مونکي ڪا به اهڙي دليل ناهي ملي جيڪا کيس سو سيڪڙو غلط ثابت ڪري، ڪجهه عرصو اڳ آغا وقار ميدان ۾ لٿو ۽ پاڻي تي گاڏي هلائڻ جا کوڙ تجربا ڪيا، ۽ هڪ ئي وقت ميڊيا سان گڏوگڏ، پاڪستان جي نامور سائنسدان پڻ تجربن ۾ شامل ٿي پذيرائي ڏني، پر پوءِ کيس هڪ فراڊ سمجهي پسِ پردا ڪري ڇڏيو. مون ڪافي ٽي وي چينلز جون رپورٽس ڏٺيون جن ۾ کيس فراڊ ثابت ڪيو ويو، پر معذرت سان ڪا به اهڙي رپورٽ ڪونه هئي، جنهن ۾ آغا سان سنڌو سنئون ڪو سوال ڪيو ويو هُجي يا وري کيس سامهون بيهاري سندس تجربو غلط ثابت ڪيو ويو هُجي. چئنل کيس ماضي کي ڏيکاري ڪجهه ڪيس ڪڍي يا ۽ ذاتي پهلو ڏيکاري کيس فراڊ ثابت ڪرڻ ۾ مصروف هيا. منهنجو سوال ته هڪ انسان جي ذاتي زندگي ۽ سندس سڀني سامهون ٿيل ڊيمنسٽريشن ۾ ڪيئن پڙهيل لکيل صحافين فرق نه ڪيو؟، بعد ۾ کوڙ تجزيه ٿيا پر ڪنهن به پروگرام ۾ آغا کي موقعو نه مليو پنهنجي صفائي جو. هو غلط سهي پر کيس پنهنجي صفائي جو موقعو ڇو نه ڏيو ويو؟ دوستن وٽ جيڪڏهن ڪو اهڙو مواد آهي جنهن ۾ آغا کي سامهون بيهاري کيس لاجواب ڪيو ويو آهي ۽ ڪوڙو ثابت ڪيو ويو آهي ته ونڊ ڪري ته جيئن منهنجي ذهن ۾ اها مُنجهه ختم ٿئي.
مونکي يقين آهي ته اهڙا هزار ڪردار هوندا. پر ڪجهه سوال جن جا جواب اچڻ باقي آهن؛
اهڙن ڪردارن کي پذيرائي ڇو نٿي ملي ؟ کيس موقعا ڇو نه ٿا فراهم ڪيا وڃن؟ ڌارين جون نا انصافيون هڪ پاسي اسان پنهنجي ماڻهن کي ته اڳتي آڻي سگهون ٿا، پوءِ ڇا اسان اهڙن ڪردارن سان انصاف ڪيو آهي؟

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: