داڪٽر محمد متارو هنگورجو
سينيئر رڪن
بي فڪر برگر سنڌي
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر برگر سنڌي!
پيو هينسائين پوءِ به پنهنجا هر طرح هر هر سنڌي
ٿو ٻُڌين ٻُڌ! تان ٻڌايان ٻول ٻولون ٻولڙا
ٿو وجهين تون روز راهن راڄ راڻن رولڙا
جن تي آهن اڳ به اڳرا هُل، هَلائون هولڙا
ويل وانگين تي وڏا ڪي تنهنجي آڏو اوڏڙا
پر اياڻن جو نه آ احساس تو اڪثر سنڌي
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر بَرگر سنڌي
ٿو رهين لوڀي سدائين لُوهه لالچ لوڀ ۾
تو اکيون هر روز آهن ڪنهن ڳوٺاڻي ڳوڀ ۾
تو ڇڏي طاقت نه ڪنهن ڀي محب مارو موڀ ۾
تون رڳو مسڪين مارڻ پيو شمارين سوڀ ۾
ڄڻ ڏهاڻي آ فتح ڪيو تو قلعو خيبر سنڌي
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر برگر سنڌي
ڪن پٽيوالا به تنهنجون پاسداريون پوش پوش
مال مارن جو ڪرين پيو روز نيرن نوش نوش
هن هَٻڇ هيڏي ۾ تنهنجو ويو هليو آ هوش هوش
جو پهنوارن جون پُڪارون ڪين پونئي گوش گوش
ڪئش ڌاران ڪين سمجهين ٻيو صحيح بهتر سنڌي
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر بَرگر سنڌي
هُجڻ گهريو هيئن هيو جو تو علم ۽ افسري
ڪم اچي ها قوم کي ۽ ڪا ٿئي ها بهتري
ڪو اياڻن مان وڃي احساس آخر ڪمتري
پر رڳو توکي آ پياري پاڻ پنهنجي بَرتري
تنهن ڪري اعمال ڌاريا تو بُرا بدتر سنڌي
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر برگر سنڌي
ٻيا اچي اغيار اڪثر ڦر مچائين سنڌ ۾
وڌ وڳوڙا ڏس ته ويري پيا وڌائين سنڌ ۾
ڪي وڏيرا ساٿ شامل اڄ به آهن سنڌ ۾
روز پکڙا ٿا پنهوارن جا پَٽائين سنڌ ۾
تون به بلڪل تن سان ڀيڙو پيو ڪرين بي گهر سنڌي،
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر برگر سنڌي.
ڪي اڃا آهن آفيسر سنڌ ۾ ٿورا مگر
جن کي آهي اڄ به پنهنجي سنڌ پياري جي پَچر
ساٿ سانگين سان نڀايو پيا اچن سانجهي سحر
مان وارا اهڙا ماڻهو يار ”محمد“ معتبر
پيا ڀُڻن ڀائر ڀلارا باوفا بهتر سنڌي
وئين وڏو ڪامورو بنجي بي فڪر برگر سنڌي.
v
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر برگر سنڌي!
پيو هينسائين پوءِ به پنهنجا هر طرح هر هر سنڌي
ٿو ٻُڌين ٻُڌ! تان ٻڌايان ٻول ٻولون ٻولڙا
ٿو وجهين تون روز راهن راڄ راڻن رولڙا
جن تي آهن اڳ به اڳرا هُل، هَلائون هولڙا
ويل وانگين تي وڏا ڪي تنهنجي آڏو اوڏڙا
پر اياڻن جو نه آ احساس تو اڪثر سنڌي
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر بَرگر سنڌي
ٿو رهين لوڀي سدائين لُوهه لالچ لوڀ ۾
تو اکيون هر روز آهن ڪنهن ڳوٺاڻي ڳوڀ ۾
تو ڇڏي طاقت نه ڪنهن ڀي محب مارو موڀ ۾
تون رڳو مسڪين مارڻ پيو شمارين سوڀ ۾
ڄڻ ڏهاڻي آ فتح ڪيو تو قلعو خيبر سنڌي
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر برگر سنڌي
ڪن پٽيوالا به تنهنجون پاسداريون پوش پوش
مال مارن جو ڪرين پيو روز نيرن نوش نوش
هن هَٻڇ هيڏي ۾ تنهنجو ويو هليو آ هوش هوش
جو پهنوارن جون پُڪارون ڪين پونئي گوش گوش
ڪئش ڌاران ڪين سمجهين ٻيو صحيح بهتر سنڌي
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر بَرگر سنڌي
هُجڻ گهريو هيئن هيو جو تو علم ۽ افسري
ڪم اچي ها قوم کي ۽ ڪا ٿئي ها بهتري
ڪو اياڻن مان وڃي احساس آخر ڪمتري
پر رڳو توکي آ پياري پاڻ پنهنجي بَرتري
تنهن ڪري اعمال ڌاريا تو بُرا بدتر سنڌي
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر برگر سنڌي
ٻيا اچي اغيار اڪثر ڦر مچائين سنڌ ۾
وڌ وڳوڙا ڏس ته ويري پيا وڌائين سنڌ ۾
ڪي وڏيرا ساٿ شامل اڄ به آهن سنڌ ۾
روز پکڙا ٿا پنهوارن جا پَٽائين سنڌ ۾
تون به بلڪل تن سان ڀيڙو پيو ڪرين بي گهر سنڌي،
وئين وڏو ڪامورو بڻجي بي فڪر برگر سنڌي.
ڪي اڃا آهن آفيسر سنڌ ۾ ٿورا مگر
جن کي آهي اڄ به پنهنجي سنڌ پياري جي پَچر
ساٿ سانگين سان نڀايو پيا اچن سانجهي سحر
مان وارا اهڙا ماڻهو يار ”محمد“ معتبر
پيا ڀُڻن ڀائر ڀلارا باوفا بهتر سنڌي
وئين وڏو ڪامورو بنجي بي فڪر برگر سنڌي.
v