ھن پياري ويب سائيت تي ھتي جا ميمبر شيون وٺڻ ۽ ڏيڻ مطلب ته وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ لا ڪو بندوبست ٿيل ھجي ته تمام سٺو ٿيندو. مطلب ته 100 رپئي جي خريداري واري شئي لا ھڪ يا به رپيا يا جيڪا ججھن جي مرضي ھجي ھن ويب سائيٽ جي بھتري لا خرچ ڪجن، اميد آھي ته ھن ويب سائيٽ جا ميمبر منھنجي ڳالھ ڪرڻ جو مقصد سمجھي ويا ھوندا.
محترم سڄڻو السلام عليڪم. الله پاڪ جي رحم ؤڪر۾ سان اسان جو هي ڪکائون اڱڻ پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي ۽ اڃا اهڙا ڪي حالت ڪونه پيدا ٿيا آهن جو ادا اسحاق لاڙي جي ٻڌايل تجويز تي عمل ڪيو وڃي، هون به جڏهن ان قسم جي ڪا اسڪيم شروع ٿيندي آهي ته ان تي گهڻيون اڱريون کڄنديون آهن ۽ اسان جي مشاهدي ۾ ڪيترا دفعا آيو آهي ته هن قسم جي اسڪيمن سان فائدي پوڻ جي بدران نقصان ٿئي پوندو آهي ،دوستيون ۽ محبتون نفرت ۾ بدلجي وينديون آهن. تمام گهڻي معذرت سان اسان ادا اسحاق لاڙي جي تجويز سان متفق نه آهيون.
انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اهڙيون انيڪ ويب سائيٽس موجود آهن (جهڙوڪ علي ايڪسپريس) جيڪي واپارين کي ۽ خريدارن کي هڪ ئي وقت سهولتون مهيا ڪنديون آهن ته اهي پنهنجيون شيون سندن ويب سائيٽ ذريعي کپائين يا خريد ڪن... موٽ ۾ ويب سائيٽ خريداري ڪندڙ کي ان ڳالهه جي ضمانت ڏيندي آهي ته جيڪڏهن سندس سائيٽ تي موجود پراڊڪٽ پنهنجي ڏسيل سپيسيفڪيشن تحت ناهي ۽ هو مطمئن ناهي ته کين سندس ادا ڪيل رقم واپس ڪئي ويندي.. ۽ جيڪو مون سمجهيون آهي سو به اهو ته ادا اسحاق لاڙي چاهي ٿو ته سنڌ سلامت به ڪو اهڙو ڪردار ادا ڪري... ان سلسلي ۾ عرض ته سنڌ سلامت جي ٽو ڊو لسٽ ۾ اهڙو پروجيڪٽ موجود ته آهي پر في الوقت ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ گهربل وسيلا موجود نه آهن...
شايد آئون پنھنجي ڪيل ڳالھ چٽي طرح نه پيو ٻڌائي سگھان... پر وري به ڪوشش ڪيان ٿو ته ڳالھ جي وضحات ڪري سگھان. مان نٿو سمجھان ته ڪنھن به شئي کي ڪمرشلائيز ڪرڻ ۾ ڪو ڏوه آھي. سنڌي ۾ ھڪ مشھور پھاڪو آھي. اُتم کيتي، وڌندڙ واپار... ايمانداري سان ڪيل واپار ۾ ڪوبه ڏوه ڪونھي. اڄ جي دراز يا ٻين آن لائين ويب سائٽس جوننڍيون شيون ڪورئر ڪمپنين جي مدد سان ڳوٺن ۾ پھچن پيون ته منھنجو خيال آھي ته "Every problem, there is a solution "
تمام گهڻي معذرت سان اسان ادا اسحاق لاڙي جي تجويز سان متفق نه آهيون.... ڀا غلام مصطفي ميمڻ سائين مان توھان جي ڳالھ سان بلڪل متفق آھيان. منھنجي دعا آھي ته الله سائين سنڌين جي لا ھن بھترين ويب سائيٽ کي ھميشه آباد رکي. شايد آئون ڳالھين کي مڪس اپ ڪري ويندو آھيان. يا ڳالھ کي سٺي نموني سان پيش ڪري نه سگھندو آھي. توھان بلڪل صحيح چيو ته ..."هون به جڏهن ان قسم جي ڪا اسڪيم شروع ٿيندي آهي ته ان تي گهڻيون اڱريون کڄنديون آهن"...توھان جي انھي ڳالھ سان بلڪل متفق آھيان ڇو جو اسان جا اڪثر ماڻھو بي جي ڳالھ سمجھڻ بغير انڱر کڻندا آھيون، منھنجي خيال ۾ ان جو سبب اسان جي اندر نگيٽيويٽي جو ھجڻ تمام گھڻو آھي. جيڪر اسان ھر شئي کي مثبت سوچ سان ڏسڻ شروع ڪريون ته ڪافي ڏکيا ڪم به آسان ٿي ويندا.
مشورو ته زبردست آهي ليڪن تجربو ضروري آهي تڏهن ئي اعتماد بيهندو ائين نه ٿئي جو ڪو دوست اعتماد ڪري ڪا شيءِ خريد ڪري پوءِ اها صحيح نه نڪري ته اعتماد ٽٽي پوندو. باقي رهي ڳاله ترسيل جي ته ان لاءِ ڪنهن ڀي ڪوريئر سروس سان ايگريمينٽ ڪري سگهجي ٿي
ان سلسلي ۾ اسان انتظاميه سان سيڙپ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ، جيئن انتظاميه ۽ سنگت ادا اسحاق لاڙي جي مشوري تي صلاح ڪري ڪنهن متفق فيصلي تي پهچي ته اسين حاضر آهيون ڀلي هن صفحي کي مشهور ڪيو وڃي سوشل ميڊيا ، ٻوٿ وغيره تي سنگت کان صلاهون ورتيون وڃن ، سنڌ سلامت ساٿ سلامت