• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته توهان کي اينڊرائيڊ جو تعارف ڪرايان.

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
السلام عليڪم
جيئن ته مان توهان کي ٻڌائيندو هلان ته مان اينڊرائيڊ جي بابت هڪ سلسلو شروع ڪيان ٿو.جنهن سان توهان کي اينڊرائيڊ جي هر فيچر جي باري ۾ معلومات ڏني ويندي.۽ ان کي استعمال ڪرڻ به سيکاريندس.
هي سلسلو ان ڪري شروع ڪيو جو جنهن دوست وت اينڊرائيڊ موبائيل آهي ان ۾ کوڙ سارا فيچر به هوندا آهن.پر ان کي استعمال ڪرڻ نه ايندا آهن.سو اميد ته توهان هن سلسلي مان ڀرپور فائدو وٺندا.
اچو ته اينڊرائيڊ جي پهرين فيچر جي طرف هلون.
Tethering
ٽيٿرنگ ڇا آهي.؟
پنهنجي اينڊرائيڊ فون جي موبائيل ڊيٽا ڪنيڪشن 2g,3g,wlan کي يو ايس بي ڊيٽا ڪيبل جي ذريعي يا بلوٿوٽ جي ڪنهن پي سي تي شيئر ڪرڻ.ان کي ٽيٿرنگ جو نالو ڏنو ويو آهي.
عام لفظن م۾ توهان هي به چئي سگهو ٿا،موبائيل انٽرنيٽ کي ڪميپوٽر تي هلائڻ.
هن جي ضرورت يا مقصد؟​
هن جي ضرورت اسان کي تڏهن پوندي آ جڏهن اسان جي پي سي تي ڪابه انٽرنيٽ سهولت ناهي.هونئن ته توهان جي اينڊرائيڊ فون ۾ 2جي 3جي يا وائي فائي ضرور هوندي آ.توهان چاهڻ پسند ڪندو ته اسان فون جي انٽرنيٽ ڪمپيوٽر تي هلائي مزو وٺون.
هاڻي ته پاڪستان ۾ ٿري جي اچي وئي آ.
تنهنڪري ٽيٿرنگ ڪامن شي آ.
هي فيچر تقريبن هر اينڊرائيڊ فون ۾ موجود هوندو آ.هي توهان جي موبائيل ڱي هڪ موڊيم جي طرح استعمال ڪندو آهي.
ٽيٿرنگ ڪيئن استعمال ڪجي....؟
هن کي سرنجام ڏيڻ لا لازمي آهي ته توهان جي اينڊرائيڊ موباِئيل جا يو ايس بي ڊرائيورز هجن.هي توهان جي موبائيل، کي بنا ڪنهن سافٽوير جي ٽيٿر ڪندو.پر هي هر سيٽ ۾ دستياب ناهي.ايچ ٽي سي ۾ هي موجوڊ آهي.
ٽيٿر ڪرڻ تمام آسان آ،بس رڳو يو ايس بي ڊرائيورز انسٽال ڪريو ۽ هيٺ ڏنل اسڪرين شاٽ مطابق پو ڪريو.
1z2lpat.jpg
هاڻي توهان کي پنهنجي موبائيل کي پي سي سان ڪينڪٽ ڪري پو هي اسڪرين کولي ايندي.
2a4u238.jpg
پو توهان کي يو ايس بي ٽيٿرنگ کي سليڪٽ ڪرڻو آ.
بس هاڻي توهان جي فون جو انٽرنيٽ پي سي تي شيئر ٿي چڪو آ.

تمام جلد سافٽوير جي ذريعي توهان کي ٽيٿرنگ ڪرڻ سيکاريندس.
 
Back
Top