استاد بخاريءَ جي ياد ۾ ... پروفيسر نذير احمد سومرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2014۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    پروفيسر نذير احمد سومرو

    خبر ناهي ته ڇا ٿيندو خطي جو!
    (استاد بخاريءَ جي ياد ۾)

    ويهين صديءَ، پڄاڻيءَ ڏانهن وڌڻ لاءِ، آخري ڏهاڪي جي ابتدائي سال ۾ قدم رکيو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ بخاري ڀائر (اُستاد بخاري ۽ حاڪم علي شاهه بخاري) لنڊن جي اسپتال مان سنڌ ڏانهن اُسهڻ لاءِ آتا ويٺا هئا. ڪرام-ويل اسپتال جي ڊسچارج ٿيل مريضن جي ڪمري جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رنگين ڪلام شاعر، اُستاد بخاري زندگيءَ جي پينگهه ۾ آس ۽ نراس جي وچ ۾ لڏي رهيو هو:

    وســــوســــو اڄ بــــه (ڀـــــي!) ٽـــــٽـــل امـــــيــــد تــي،
    دل جــي مــرضـــي، مـــون کـــي آهــــي اعـــتـــبــــار!

    حاڪم علي شاهه ڪاڳر هٿ ۾ کنيو، اُستاد جي معالج سان آخري ملاقات ڪري پڇي ٿو؛ “وري ڪڏهن اچئون! توهان ته ڊسچارج ليٽر ۾ ٻارنهن مهينا لکيا آهن. ٻارنهن مهينن کان پوءِ اچئون، ته ڪو فرق ته ڪو نه پوندو؟” ڊاڪٽر پنهنجون اکيون کڻي نماڻائيءَ سان وراڻي ٿو: “ٻارنهن مهينا؟... ٻارنهن مهينن جي اندر يا پوءِ، توهان کي لنڊن اچڻ جي ضرورت ئي ڪا نه پوندي. ڇاڪاڻ ته هي مريض توهان کي مهمان طور ڏئي رهيا آهيون. مهرباني ڪري مريض کي ڪنهن به حالت ۾ نه ٻڌائجو... گُڊ باءِ!” ڊاڪٽر جي زبان مان نڪتل لفظ، حاڪم علي شاهه جو اندر چِيري ويا. هو ٿڙندو ٿاٻڙندو، ڳؤرن قدمن سان، انتهائي صبر جو مظاهرو ڪري، اُستاد جي ڀرسان اچي، ڳوڙها پي، چپن تي نقلي مُرڪ سجائي، ٻڌائيس ٿو: “فڪر ڪرڻ دي ڪائي ڳالهه ڪانهي. ڊاڪٽر آکدا پئي ته تُسان ڪُون هڪڙا دفعا ٻيهر لنڊن ٽيسٽ واسطي آوڻا پوئسي. اُهو به ٻارنهن مهيني ڪنون پِڇي.”

    اُستاد بخاري پنهنجو ئي شعر جهونگاري ٿو:

    بــــجــــنــســي بـاهـه بَـــٺــي آهــي، مـان چــوان نـه چـوان
    حــــيــــاتــــي پــــوءِ بــــه مـٺي آهي، مان چـوان نـه چـوان

    ڪري پـئي آڳ تـي “ماتم”، تڪي پئي “عـيد” اڳيان،
    “بــــخــــاري” زنــدگي هــيءَ آهـي، مان چـوان نـه چـوان

    ٻارنهن مهينا به نه ٿا گذرن، نئين ديري جي بازار ۾ ڪو ماڻهو ملي ٿو: “ڳالهه ٻڌ! اُستاد بخاري سخت بيمار آهي. ڪالهه ڪجهه اديب دوست دادوءَ ويا هئا، پر اُستاد ڪو نه ملين.”

    سندس باقي لفظ ڪو نه ٻڌم. اُتان ئي پويان پير ڪندو، اچي دادوءَ جي غريب آباد محلي ۾ ٽانگي تان لٿس. سامهون اُهو ساڳيو در نظر آيو، جنهن جي مٿان اُستاد بخاريءَ جو گهر جي تختي لڳل آهي. هي اُهو ساڳيو در آهي، جيڪو گهنٽي وڄائڻ تي، چپن تي مُرڪ آڻي، اندران اُستادبخاري نڪري چوندو هو: “اڄ ڀلا! ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟ هاڻي ته تنهنجو اوسيئڙو ختم ڪري مان به ٻاهر نڪرڻ وارو هيم. چڱو ٻه ٽي منٽ بيهه ته اچان ٿو.”

    ڪا دير خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. دل چوي ٿي؛ ڄاڻ اُستاد ٻاهر نڪتو. ٻيهر ڌڙڪندڙ دل سان گهنٽيءَ جي بٽڻ تي آڱر رکان ٿو. ايتري ۾ پاڙي جي ڪا نينگري اُستاد جي گهر ۾ وڃي ٿي. چوانس ٿو؛ “اُستاد کي ٻڌا ته نئين ديري مان نذير سومرو آيو آهي.”

    ڇوڪري اندر وڃي، گهر لڳ ڪمرو/اوطاق کولي ٿي ۽ چوي ٿي؛ “ٿوري دير لاءِ ويهو.” جهٽ رکي، ساڳي ڇوڪري مون کي ورانڊي مان وٺي، هڪ ڪمري جو در کولي ٿي. اندر وارو منظر ڏاڍو اُداس هو. هزارين ماڻهن کي مشاعرن ۾ پنهنجي شاعريءَ جي منڊ ۾ منڊيندڙ اُستاد هڏن جي مُٺ وڃي بچيو هو. هميشه جيان پذيرائي ڪندڙ اُستاد جسماني طور آجيان ڪرڻ کان لاچار هو. ان ڪري آءُ پاڻ، ساڻس ڀاڪر پائي مليم. جڏهن منهنجا ڳوڙها، سندس هٿن تي ڪريا ته چيائين؛ “ادا سائين کي ايڏي وسعت نه ڏئي. پنهنجي ٽيپي کي ٽانڊو ته نه ڪر!”

    سندس جسماني صحت کي ڏسي، اعتبار ئي نه پئي آيو ته اُستاد منهنجي آڏو ڊبل بيڊ تي ليٽيل آهي. سندس آواز ۽ اکين جي جوت ڏسي دل ۾ چوان ٿو؛ “اُستاد ئي آهي.”

    ڳالهين ڳالهين ۾ هندي فلم جي هڪ گاني جي هيءَ سٽ پڙهيائين:

    “دُنيا مين ڪتنا غم هي، ميرا غم ڪتنا ڪم هي.”

    پوءِ چيائين؛ “نذير! تون جلدي اُٿڻ جي نه ڪر، ڇاڪاڻ ته لڳي ٿو ته پنهنجي هيءَ آخري ملاقات آهي. وري ملڻ ٿئي الائي نه؟ اکين ۾ جوت به وڃي ٿي جهيڻي ٿيندي. حيرت آهي ته بُتن (حسينن) سان ملاقاتن جو شوق ۽ اشتياق دم ٽوڙي نه سگهيو آهي.”

    آلين اکين سان بي دليو ٿي کانئس موڪلائي ٻاهر نڪتم. رستي ۾ هر هر اهو خيال پئي آيو؛ “ڇا اُستاد بخاري هن دنيا ۾ فقط چئن گهڙين جو مهمان آهي!” اها سوچ ايندي ئي دل کي جهٻو پئي آيو ۽ اکيون ڀرجي پئي آيون.

    نائين ۽ ڏهين آڪٽوبر جي رات جو، ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾، ٽريفڪ جي سگنل جيان اڳ ۾ ڳاڙهي بتي ٻري ۽ پوءِ سائي، جنهن جي چمڪي سان سندس زندگي روان ٿي، الائي ڪهڙي گس کان موڙ کائي، ڪنهن هجوم ۾ گم ٿي وئي. فارسيءَ جي شاعر چواڻي؛ “عدم جي راهه به ڪيڏي نه هموار آهي. جنهن به اُن تي قدم رکيو، وري پـٺتي ڪو نه نهاريو.”

    اُستاد بخاريءَ جو شمار، سنڌ جي انهن اهم ۽ سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي فڪر ۽ فن جي اظهار لاءِ، شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس سموري شاعريءَ ۾، هڪ پاسي رومانوي جذبن جي فراواني آهي ته ٻئي پاسي زندگيءَ جي وحشي ۽ قهر آلود لمحن جو داستان آهي. اُستاد جو گيت هجي يا غزل، نظم هجي يا ڪافي، اُنهن ۾ زندگيءَ جا الڳ الڳ تجربا آهن. هن سنڌيءَ ٻوليءَ جي مانوس ۽ معروف لهجن کي، نين معنائن ۽ نين رمزن سان خوبصورت ۽ معنيٰ خيز بڻائي ڇڏيو آهي. خاص طور تي سندس نظم ۽ بيت، دوها ۽ وايون الڳ ڪيفيتن، انفراديت ۽ خوبصورت شعريت جا شاهڪار نمونا آهن. پنهنجي تجرباتي شعور کي پر اثر انداز ۾ ظاهر ڪرڻ اُستاد بخاريءَ جي هٿ وس هو. سندس شاعري، جتي پنهنجي دلڪش ترنم جي ڪري دلين کي فرحت ڏيندي هئي، اُتي هڪ عام ٻڌندڙ محسوس ڪندو هو ته اُستاد ته سندس ئي دلي اُڌمن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري رهيو آهي. سنڌ جو ڪو به اهڙو ذڪر جوڳو مشاعرو ڪو نه آهي، جنهن ۾ اُستاد شرڪت نه ڪئي هجي ۽ پنهنجي دلنشين شاعريءَ ۽ پُرڪشش ۽ منفرد ترنم سان مشاعري کي مچايو نه هجي. اسٽيج تي سندس شعر پڙهڻ جو انداز ٻڌندڙن تي جادوءَ جو ڪم ڪندو هو. جڏهن کيس وڏن مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ وقت، بي پناهه داد ملندو هو، تڏهن سندس همعصر شاعرن جي منهن جو پنو لهندي ڏٺم! اهڙن ريسارن شاعرن کي ريس ڪندو ڏسي، دل ۾ دُعا گهرندو هيم ته اُستاد بخاريءَ کي (شل) زماني جي نظر نه لڳي!

    سنڌ ۾ ابتر حالتون ڏسي، پاڻ تڙپي پوندو هو ۽ چوندو هو؛ “اسان سنڌين کي ڇا ٿيو جو اخلاقي ڏيوالپڻو اسان جو نشان ٿي ويو آهي.”

    نئين نسل کي گمراهيءَ طرف وڌندو ڏسي چوندو هو؛ “اسان جي قوم ڪُڪڙ قوم آهي ۽ ڪُڪڙن جيان هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ پوري آهي.” مٿان وري غيرن جا ڪٽڪ ۽ منشيات جو وڪرو عام جام.

    سنڌي سماج کي ڊانواڊول ٿيندو ڏسي، بي اختيار ٿي چيائين:

    ڏسيو وڻ وڻ کي، اوٿر ۾ وڃان ٿو،
    ڇڏي منڇر، ننڍي ڇر ۾ وڃان ٿو؛
    خبر ناهي ته ڇا ٿـيـندو خـطـي جـو،
    مُــئــو استـــاد ٻُــڏتــر ۾ وڃـــان ٿو.

    اُستاد بخاريءَ جو وڇوڙو، حقيقت ۾ هڪ سٺي سنڌي رومانوي شاعريءَ جو وڏو سانحو آهي. سندس جُدائيءَ کان پوءِ، هتي ڪيترائي دلين کي ڏڪائيندڙ سانحا ٿيا. پاڻ زندهه هجي ها ته اُهي واقعا سندس دل کي ڌوڏي سندس سيني ۾ زلزلا آڻين ها. هو اُنهن کي شعرن جو روپ ڏئي ها.

    سندس موت جي ڪري، سندس اهڙي پُر اثر شاعري ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کان محروم رهجي وياسين. هو مُئو ڪٿي آهي! هُو ته زندهه آهي، پنهنجي ڪتابن ۾ ۽ اسان جي دلين ۾. آءٌ هر روز اهو سوچيندو آهيان ته ڪنهن به موڪل واري ڏينهن، دادوءَ ويندم، غريب آباد پاڙي جي هن شاهڪار شاعري ڪندڙ شاعر اُستاد جي گهر جو در کڙڪائيندم. هو چپن تي مُرڪ آڻي، ٻاهر اچي چوندو؛ “ڇو ڀلا ايڏي دير ڪيئه اچڻ ۾؟”
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو