پروفيسر نذير احمد سومرو انقلاب ۽ سونهن جو شاعر: ذوالفقار راشدي ورهاڱي کان پوءِ، سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي جيڪا نئين پوش، ادبي ميدان ۾ ظاهر ٿي، تن مان ذوالفقار راشدي به هڪ آهي. شيخ اياز، نياز همايوني، شيخ عبدالرزاق راز، بشير مورياڻي، بردو سنڌي، عبدالڪريم گدائي، غلام محمد گرامي، مخدوم طالب المولى، استاد بخاري، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، شيخ عبدالحليم جوش، علي محمد مجروح ۽ انهيءَ سطح جي ٻين انيڪ شاعرن سان گڏ نوجوان شاعرن جهڙوڪ: قمر شهباز، شيخ قيوم طراز، فتاح ملڪ، امداد حسيني، الطاف عباسي، محسن ڪڪڙائي، وفا پلي، وفا ناٿن شاهي، نظر سنڌي، تاج بلوچ ۽ ذوالفقار راشديءَ تائين، سنڌي پڙهندڙن سان متعارف ٿي. ٽه-ماهي ‘مهراڻ’ ۽ ماهوار ‘نئين زندگي’ جي ايڊيٽرن، پنهنجي جوهري ڏانءَ سان انهن موتين کي جرڪايو ۽ نئين ٽهيءَ جو اصطلاح انهن شاعرن جي فڪري رنگيني ۽ اثر انگيزي جي ڪري ئي رائج ٿيو. جڏهن ون-يونٽ ٺهيو ته سنڌي شاعرن جو حسن ۽ عشق جي معاملن مان نڪري، زندگيءَ جي مسئلن سان متصادم ٿيو ۽ مزاحمت جو هڪ انوکو دور ۽ انداز شروع ٿيو. انهيءَ سموري دور ۾، نئين سنڌي شاعريءَ ڪلاسڪ سان پيچ پائيندي، انقلاب ۽ جمال جا نوان رنگ ڄمايا. مرحوم ذوالفقار راشديءَ جو شمار به انهيءَ دور جي فڪري ۽ فني طور تي مٿانهين درجي جي شاعرن منجهان ٿئي ٿو. هو نه رڳو اهم شاعر ۽ سچو صحافي هو، پر علم ۽ ادب بابت، تنقيد جي ڏس ۾، سندس خاص نقطهء نظر رهيو: ترقي پسنديءَ ۽ جديديت واري آميزش وارو انداز. ذوالفقار راشديءَ کي علم ۽ ادب، ڏاڏنگ ۽ ناننگ کان ورثي ۾ مليو. سندس ناني ميان محمد عثمان خان وڳڻن واري جي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي والد الهداد خان جتوئي سان گهاٽي دوستي هوندي هئي. الهداد خان جتوئي سندس ناني سان ملڻ لاءِ ايندو هو ته پنهنجي پٽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي به پاڻ سان ورتيون ايندو هو. ائين ذوالفقار راشديءَ جي حيدربخش جتوئيءَ سان ڏيٺ ويٺ ٿي، جيڪا هم خياليءَ هجڻ سبب اڳتي هلي، گهاٽي دوستيءَ جو روپ اختيار ڪري وئي. ٻنهي جي عمرين ۾ گهڻو فرق هو، پر انقلاب ڪنهن به حد سرحد جو قائل نه هوندو آهي. ويتر جو هندستان مان لڏي آيل هڪ نوجوان ۽ ترقي پسند ليکڪ نديم شاهين سهروردي (هن جي مزار هاري آفيس رتي ديري جي اڱڻ ۾ آهي) سان ويجهڙائپ پيدا ٿي، ته هن لاڙڪاڻي ۾ ننڍي کنڊ، ايشيا جي مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ سيد جمال الدين بخاريءَ سان کيس ملايو، ته سندس ترقي پسند سوچ کي ڄڻ هٿي ملي وئي. ذوالفقار راشدي هڪ گادي نشين پير هوندي به، انقلاب جي گس جو پانڌيئڙو رهيو. روشن خيالي ۽ رومانس سندس مزاج جو حصو هئا. ذوالفقار راشديءَ، هڙان وڙان 1957ع ۾ نئين ديري ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن علائقي جي پٺتي پيل ماڻهن جي سياسي سرت کي مهميز ڏني. ڪانفرنس جي صدارت، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ڪئي ۽ ڪارروائي سيد جمال الدين بخاريءَ هلائي، جنهن جا اثر پري پري تائين پهتا ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ نوجوانن ساهس ڌاريو. ذوالفقار راشدي پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مضبوط اعصابي قوتن جو مالڪ هو. کيس زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي تڪليف-ده ۽ ناخوشگوار ذاتي آزمائشن مان گذرڻو پيو، پر هو نظرئي سان سچائيءَ جي ڪري مستحڪم رهيو. اهڙيءَ ريت ادبي دنيا ۾ به نوان معرڪا سَرِ ڪيائين. ماهوار ‘سوجهرو’ جي پهرئين ستر واري دور ۾، ادبي ڪمٽمنٽ ۽ نان ڪمٽمنٽ تي هلندڙ بحث ۾ شامل هڪ طرف تنوير عباسي، ممتاز مهر، خواجه سليم، ديپڪ اترادي (فرضي نالو) ۽ سليم سولنگي جهڙا وڏن نالن وارا اديب هئا، ته ٻئي طرف ذوالفقار راشدي اڪيلو هو، جن جي وچ ۾ اڻ کٽ بحث هليا ۽ ڪيترائي فڪري مغالطا دور ٿيا ۽ نقد و نظر جو نئون باب کليو. ذوالفقار راشدي من موهيندڙ شخصيت جو مالڪ ۽ ملوڪ ماڻهو هو. سندس سهپ، علمي ڄاڻ ۽ رواداري اڄ به مثالي چئجي ٿي. هڪ دفعي باليءَ ۽ مير علي نواز خان ناز واري خيرپور کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٺهيل ون-يونٽ بلڊنگ ۾ موجود هڪ آفيس ۾ ڪو ڪم ڪار هوس. ڪار قومي شاهراهه تان لهي جڏهن ون-يونٽ بلڊنگ جي ٻاهران بيٺي ته ڪار مان لهڻ بجاءِ ڪنڌ پوئتي ڦيري چيائين: “خيرپور سان تعلق رکندڙ ٻه وزير، ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ صوبائي ۽ مرڪزي وزارتون سيڙايون ويٺا آهن. ڇا هن بلڊنگ جو نالو حيدرآباد واري بلڊنگ وانگر بدلائي ناز بلڊنگ يا بالي بلڊنگ نه پئي ٿي سگهيو؟” آفيس مان ڪم ڪار ڇڏائي واندو ٿي، ڪار جڏهن دل شاد منزل ڀرسان گذري ته ڏک وچان چيائين؛ “هيءَ عمارت به هندستان جي تاج محل وانگر محبت جو يادگار آهي. هن محل نما عمارت ۾ خيرپور رياست جي والي مير علي نواز خان ناز جي حڪمران، اقبال بيگم عرف بالي رهندي هئي. اڄ هن محل جي حالت اها آهي جو اردوءَ جي ڪنهن شاعر جي سٽ وانگر: الله ري سناٽا ڪه آواز ڀي نهين آتي. ذوالفقار راشدي لفظن جي مزاج، معنائن ۽ انهن جي رمزن ۽ اسرارن جو شناسور قلمڪار هو. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ لفظن جي ڀرٿي نظر نه ايندي. سندس شعري مجموعي “سوچ ۽ لوچ” ۾ سندس گهرن ۽ تکن جذبن، اُڌمن ۽ مشاهدن واري شاعريءَ ۾ سندس خاص ۽ الڳ رنگ نظر ايندو. سندس ڊڪشن، سندس تجربي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهي. ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ مان هر مڪتبهء فڪر، مطالعي جو صاحب، ننڍي يا وڏي عمر وارو پڙهندڙ، حِظُ ماڻي سگهي ٿو. سنڌيءَ ۾ جيڪي هڪ ٻه وڏا غزل جا شاعر آهن، ذوالفقار راشديءَ جو نالو انهيءَ فهرست ۾ شامل آهي. سندس غزل جي علامتن، اشارن جي ڪري شعريت جو رنگ ڏاڍو گهرو آهي. هن غزل جي مروجه ۽ نئين لوازمات کي سونهن ۽ غنايت سان هنڊايو آهي. ذوالفقار راشديءَ جي غزل ۾ نفيس خيال، لهجي جي انفراديت، فڪر جي گهرائي، ڪلاسيڪل روايتن جي پاسداري، تقليدي نه، پر تخليقي نوعيت جي آهي ۽ انهن وصفن ئي کيس قادر الڪلام شاعر ثابت ڪيو آهي. سندس هڪ غزل آهي: گذاريــــــون پريشــــــــــان خـــــــيالات وانـــــــگر يـــــا ويــران ويـــران مـــــحــــــــــــلات وانــــگـــــر اکين مان ٽمئون ٿا، ڳلن تي ڳڙئون ٿا ســدائين ٿـــــــــڌي بوند برســـــات وانگر جــــــتـــــــي لــــــــــــــفــــظ پــــابــــند، آواز قــيدي بـــــهــــشـــــت بــــريــــن ســــو حـــوالات وانگر اهـــــــا ٻـــــاٽ ڪـــــاري، وڃــــڻ واري آهــي هـــــــي آثــــار اوڀـــــر ۾ پـــــرڀــــــات وانـــــگـــر ڪوئي جانِ عالم، اسان جو به هوندو، اچـــي ڪـــوٽ ڊاهي، طلســـمات وانگر. شاعريءَ سميت هو عمدو نقاد پڻ هو. سندس مغربي ادب جو گهرو ۽ وسيع مطالعو هو، جنهن جو اثر سندس تنقيدي مضمونن مان ليئا پائيندي نطر اچي ٿو. “ڪسوٽي” سندس تنقيدي مضمونن جو مجموعو آهي. هو معروضي حقيقتن جو نقاد ۽ گهڻ-پڙهيو فرد هو. سندس مزاج ۾ پنهنجون ديسي روايتون به شامل آهن. ذوالفقار راشديءَ جي تنقيد معروضي آهي. هو پاسخاطريءَ يا ذاتي حملن کان گهڻو تڻو پاسيرو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس تنقيد ۾ به سندس شاعريءَ وانگر، اخلاقي قدرن ۽ مشرقي روايتن جو خوبصورت انداز موجود آهي جيڪو سندس ڇنڊڇاڻ واري سونهن کي معتبر بڻائي ٿو.