جڏهن اسٽيٽ رٽ ڪرين سان لٽڪي پوي.............. وسعت الله خان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هاڻ ڳالهين جو فيشن ناهي رهيو. اُهي ڏينهن ويا، جڏهن تبديلي ذريعي ٽينڪون اينديون هيون. هي مهذب ۽ جمهوري زمانو آهي، تنهن ڪري پهريان عوام جي پُرزور اصرار تي اليڪشن جي ذريعي هڪ چونڊيل حڪومت قائم ڪرڻ ڏني وڃي ۽ پوءِ اُن ئي چونڊيل حڪومت جي پُٺيان چونڊن ۾ هارائيندڙن کي لڳائي اسٽيٽ ٻيهر قائم ڪئي ويندي آهي.

    ان بنيادي فارمولي ۾ حسبِ مُلڪ ۽ ضرورت، حالتون ۽ مزاج ۾ ٿوري گهڻي تبديلي ضرور ٿي سگهي ٿي، پر بنيادي خدوخال اُهوئي رهندو آهي.

    مثال طور مصر ۾ پهريان محمد مرسي جي چونڊون کٽڻ جو موقعو ڏنو ويو ۽ جڏهن محمد مرسي پاڻ کي صدر به سمجهڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو محدود عقل استعمال ڪندي اسٽبلشمينٽ کي ري ڊيزائن ڪرڻ وارو ڪم شروع ڪيو ته پوءِ هڪ ٽروجن هارس ٺاهي اُن تي عوامي طاقت لکيو ويو ۽ اُن ٽروجن هارس کي هڪ مجموعي پنهنجي ڪُلهن تي کڻي ورتو ۽ صدارتي محل جي سامهون وڃي رکي ڇڏيو.

    پوءِ هي ٽروجن هارس جادو جي زور تي زندهه ٿي ويو ۽ اُن محمد مرسي جي آمرانه رويي کي پنهنجي سنبن هيٺان ڪُچليندي ۽ رت هاڻن رستن پنهنجن جوتن کي پاڻيءَ سان ڌوئي اسٽيٽ رٽ ٻيهر قائم ڪئي وئي ۽ ائين سڀ هڪ ڀيرو ٻيهر پهريان جيان خوشي خوشي رهڻ لڳا.

    اهوئي اسڪرپٽ ٿائيلينڊ ۾ به ڪم آيو. جڏهن شناواترا خاندان، ڀُٽو خاندان بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسٽبلشمينٽ جي خواهشن جي برعڪس ٽئين اليڪشن به کٽي ورتي ته پهريان، هاريندڙن کي چونڊيل حڪومت جو گهيراءُ ڪرڻ جي کُلي ڇوٽ ڏني وئي ۽ جڏهن اُن گهيراءُ سان اسٽيٽ رٽ ڪمزور ٿيڻ لڳي ته ڌرين کي چيو ويو ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن.

    خوبرو وزيراعظم محترمه ينگلڪ شناواترا جي حڪومت مڊٽرم اليڪشن ڪرائڻ لاءِ به تيار ٿي وئي هُئي، پر گهيراءُ ڪرڻ وارن چيو ته هاڻ ڳالهين جو وقت گذري ويو. هاڻ ته پهريان ڪرپشن ۽ خانداني آمريت جو اصطبل صاف ٿيندو اُن کان پوءِ ڪا ڳالهه ٿيندي، تنهنڪري اسٽيٽ رٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ بادشاهه جي اجازت سان دل تي پٿر رکي ٿائي فوج کي اقتدار عارضي طور تي هٿ ۾ کڻڻو پئجي ويو. تڏهن کان اُتي اسٽيٽ رٽ پوريءَ طرح بحال آهي ۽ ڪنهن کي به نين چونڊن جي تڪڙ ناهي.

    آمريڪا، يورپي يونين ۽ اقوامِ متحده وغيره کي اهڙيون حرڪتون بلڪل پسند ناهن، پر اُنهن سڀني جي اها سُٺي ڳالهه اها آهي ته جڏهن اسٽيٽ رٽ قائم ڪرڻ وارا پهريان پنهنجي مجبوري ٻڌائيندا آهن ته عالمي محلي جا وضعدار بزرگ به اهو چوندي مڃي وٺندا آهن ته هاڻ جيڪڏهن تو حرڪت ڪري ئي ورتي آهي ته آئيندا نه ڪجئين، نه ته ڪن پٽينداسين. هاڻ هلو اسان سان گڏ.

    مصر ۽ ٿائي لينڊ ۾ اسٽيٽ رٽ قائم ڪرڻ جو اهو فارمولو ايترو مجرب ۽ ڪامياب ثابت ٿيو آهي جو هاڻ اهو ڪنهن ٻئي مُلڪ ۾ دهرائڻ ۾ ڪو حرج ناهي.

    جڏهن ڪالهه رات پاڪستان جي سڀني ٽي وي چينلز پارليامينٽ جي ويجهو ڪرين سان لٽڪيل ماڻهو ڏيکاري رهيا هُئا ته مون جهڙا دانشورانه موتئي ۾ مبتلائن کي ائين نظر آيو، جيئن اسٽيٽ رٽ ڪرين تي لٽڪي رهي هُجي.

    پر مون کي آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل اُن بيان سان گهڻو اطمينان ٿيو ته ڌريون صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي هڪ ٻئي سان ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

    قاهره ۽ بئنڪاڪ جي آءِ ايس پي آر به آخري ڏينهن ۾ اهڙي ئي دردمندانه اپيل ڪئي هُئي.

    ڄڃ ته ڊي چوڪ تائين پهچي وئي آهي، هاڻ اسٽيٽ رٽ جي گهوڙي تي سوار گهوٽ به ايندو ئي هوندو. (منهنجي وات ۾ مٽي)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو