امام انقلاب: مولانا عبيدالله سنڌي

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    عزيز الله ٻوهيو

    امام سنڌيءَ کي پنهنجي استاد شيخ الهند مولانا محمود الحسن صاحب افغانستان ان مقصد لاءِ موڪليو هو ته هو اتي جي بادشاهه کان انگريزن جي حڪومت هندستان مٿان جنگي حملا ڪرائي جنهن سبب انگريز ڪمزور ٿي واپس موٽي وڃي سو بلڪل ائين ٿيو به سهي جو سنڌي صاحب ائين ڪري به ڏيکاريو جنهن جو تفصيل پروفيسر سرور جي ڪتاب ”ڪابل مين سات سال“۾ هر ڪو پڙهي سگهي ٿو.

    انگريزن افغانستان جي بادشاهه سان خفيه معاهدو ڪيو ته عبيد الله سنڌي کي مئل جا جيئرو اسان جي حوالي ڪيو ته اوهان جي ملڪ کي بين الاقوامي برادري ۾ آزاد مملڪت مڃي توهان کي انفرادي ۽ اجتماعي کوڙ ساريون رعايتون ۽ عنايتون ڏينداسون انهيءَ مخفي راز نياز جي ٻاڦ امام سنڌي پروڙي ورتي ۽ افغانستان کان سوويت يونين روس طرف راتين جي پيٽ ۾ سفر ڪندي ڪندي حفاظت سان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. تاج برطانيه جي هن باغيءَ کي روس پهچي اتي رهڻ سان گهڻ قومي ملڪن کي سيڪيولر ازم ذريعي ڀائيچاري سان هلائڻ جو مشاهدو ٿيو،امام سنڌي جڏهن شروع ۾ جلا وطنيءَ مهل افغانستان جي بادشاهه کي اچڻ جو سبب ٻڌايو هو ته ان کيس چيو ته توکي ان مشن لاءِ هندستان کان ٻاهر اتان جي ڪانگريس پارٽيءَ جو ميمبر ۽ نمائندو بڻجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪا ميمبر شپ امام سنڌيءَ حاصل ڪري ورتي، جنهن سان سنڌي صاحب هڪ سيڪيولر پارٽي جي ميمبر بڻجڻ ناتي پاڻ به سيڪيولر هُيا، پاڻ جڏهن جلا وطني جا چوويهه سال ٻاهر گهاري هندستان موٽيا هُيا ۽ ان عرصي ۾ گانڌي صاحب پنهنجي لاءِ هڪ مذهبي منصب ۽ لقب ”مهاتما“ مشهور ڪرائي چڪو هو، جيڪا ڳالهه امام سنڌيءَ کي پسند نه آئي ته هڪ سيڪيولر پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ کي اهڙو مذهبي ٺپو نٿو سونهين تنهن ڪري سنڌي صاحب ڪانگريس کان استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ يعني ان ۾ رهندي به سيڪيولر بنيادن تي جدا پارٽي جنما، نربدا سنڌ ساگر پارٽي ٺاهيائون، جئين ته هندستان گهڻ قومي ۽ گهڻ مذهبي وارو ملڪ هو ۽ آهي، ان ڪري سواءِ مسلم ليگين جي سمورا دانشور ۽ سياسي اڳواڻ سر سيد احمد خان، گانڌي، نهرو، ابو الڪلام آزاد ۽ عبيد الله سنڌي سڀ جو سڀ سيڪيولر ازم کي حڪومت هلائڻ لاءِ نهايت ضروري تصور ڪندا هئا.

    مدرسي دارالعلوم ديوبند جي مهتمم ۽ مسلم ليگ جي وڏي حامي قاري محمد طيب مرحوم جو هڪ رسالي کي ڏنل انٽرويو وارو رسالو گهڻي وقت تائين مون محفوظ رکيو هو، جنهن ۾ ان هندستان گورنمينٽ کان سيڪيولر ازم مٿان صحيح طور عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مطلب ته ملڪن ۽ رياستن جي پائيداري لاءِ حڪمراني جي طريقي ڪار لاءِ سيڪيولر ازم جو فارمولو نهايت فائديمند ۽ ضروري آهي. الله جل شان جو پنهنجي آخري نبي کان هي اعلان ڪرائڻ ته اي انسانو! آئون توهان سڀن جي طرف الله جي طرفان رسول بڻائي موڪليو ويو آهيان. سورت الاعراف آيت 158 قرآن حڪيم جوهي ثبوت سيڪيولر حڪومت طريقي جي وڏي ۾ وڏو ثبوت آهي. دنيا جي ملڪن جي بنياد ۽ ڀلائي لاءِ الله سائين ٽن علمن جو عطيو ڏنو هڪ سيڪيولر، ٻيو نيشنل ازم بحواله سورت 39 آيت 13 ٽيون سوشل ازم سورت 41 آيت 10 ملڪ پاڪستان ۾ هلايل تعليمي نصاب انهن ٽنهي اصولن جي خلاف آهي. انهيءَ ڪري امام عبيد الله سنڌيءَ پنهنجي ٺاهيل پارٽي جمنا نربداسنڌ ساگر پارٽي جو منشور رهي ٺاهيو هو ته هر قوم ۽ مذهب وارن جي جتي جتي گهڻائي هجي اتي اتي انهن جي حڪومت رهي ۽ سڀني جو مرڪز دهلي هجي جنهن سڀن قومن ۽ علائقن وارن جو دفاع وارو کاتو هڪڙو هو جنهن سان گڏجي عالمي سامراج سان مقابلو ڪجي جو وري هو ٻيهر اچي اسان کي غلام بڻائي نه سگهي، امام الهندابوالڪلام آزاد هندستان جي آزادي مهل ملڪ جو پهريون وزير تعليم ٿيو، تنهن به ملڪ جي تعليمي نصاب جو بنياد ۽ فلسفو هن نظريي تي رکيو ته اسان ڪارا پنهنجي هن ديس ۽ ڌرتي جا مالڪ آهيون، گورن کي هند جي مالڪيءَ جو ڪوبه حق نه ٿو پهچي، اهو ئي نظريو گانڌي جو هو ته ورهاڱو نه ٿئي جو جيڪڏهن عالمي سامراج وري موٽ کائي اچڻ گهرجن ته گڏجي ان جو مقابلو ڪري آزادي بچايون، سيڪيولر ازم جي معني عقل فهم ۽ فراست سان دنيا کي هلائڻ آهي. عقل، فڪر ۽ فهم جو ذڪر قرآن ۾ سئو ڀيرن کان وڌيڪ تعداد ۾ ٿيو آهي. پر اسان جي مذهبي درسگاهن ۾ ۽ ملڪ هلائڻ جي نصابي علمن جي ڊڪشنرين ۾ لفظ سيڪيولر ازم جي غلط ۽ ڪوڙي معني لادينيت ۽ بي ديني لکي وئي آهي.

    هڪ ڀيري امام انقلاب عبيد الله سنڌي چمچي سان کاڌو کائي رهيا هئا ته اتي موجود ڪنهن مولوي صاحب اعتراض واريو ته نبي سائين جي سنت ته هٿ سان طعام کائڻ آهي. اوهان چمچي سان کائي سنت جي خلاف ڪم پيا ڪيو ته جواب ۾ سنڌي صاحب مولوي صاحب کان پڇيو ته ڀلا چمچو ڇا ۾ آهي؟ مولوي صاحب چيو ته هٿ ۾ ان تي سنڌي صاحب چيس ته ا سان سنت تي ته عمل ٿي ويو، اوهان مولوين کي ايترو به عقل ڪونهي جو انهيءَ ٿورڙي ڳالهه کي سمجي سگهو ته چمچي سان کائڻ به هٿ سان کائڻ ئي آهي.

    امام سنڌي جڏهن نئين پارٽي جمنانريدا سنڌ ساگر جي ڳالهه ڪانگريس پارٽي جي مرڪزي قيادت اڳيان پيش ڪئي ته انگريزن کان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ملڪ اندر هر قوم ۽ مذهب وارن جي گهڻائيءَ جي بنيادن تي انهن جي آزاد ۽ خود مختيار حيثيت مڃي وڃي جيڪا دهلي جي مرڪز هيٺ صرف دفاع ۽ پرڏيهي پاليسيءَ ۾ سڀ گڏ هجن ان فارمولي لاءِ ڪانگريس وارن چيو ته اها اسڪيم اسان کي قبول آهي ان شرط تي ته جناح صاحب ۽ ان جي مسلم ليگ پاڪستان ٺاهڻ تان هٿ کڻي وڃي پوءِ امام سنڌي اها ڳالهه جناح وٽ پيش ڪرائي، پر ان پنهنجي ڳالهه تي ضد ڪيو ۽ جدا ملڪ ٺاهڻ جي ڳالهه تان هٿ نه کنيو، پر پوءِ ڪانگريس وارن آزادي کانپوءِ قومن جي پنهنجي علائقن ۾ خود مختياري جي قرار داد پاس ڪئي جنهن تي ڪيترائي مسلم ليگي جناح وٽ ويا ته ڪانگريس جي هن قرارداد کانپوءِ اسان کي جدا پاڪستان ٺاهڻ جي ضرورت ته نظر نٿي اچي. ڇو ته گڏيل هندستان ذريعي سدائين لاءِ اسان پاڻ ۾ وڙهڻ بدران عالمي سامراج جي مقابلي مهل سڀ گڏ هجون، پر جناح صاحب پنهنجي ساٿين جي ڳالهه نه مڃي، پوءِ اهي ساٿي مسلم ليگ ڇڏي ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو