جوابدار ڪير اياز قادري ........ هن جي تقرير، تاڙين ۽ نعرن جي شور ۾ ختم ٿي. هن کي هار وڌا ويا. ايتري قدر جو سندس منهن به گلن جي وچ ۾ نظر نٿي آيو. اڄ هرڪنهن جي وات ۾ هن جي واکاڻ هئي. هو قوم جو صحيح ترجمان هو. اهوئي سبب هو جو ماڻهن جي دلين ۾ هن جي لاءِ بيحد عزت هئي، پيار هو. اڄ به سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي جمع ٿيا هئا. هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پئي ٿيا. ميدان ۾ پير پائڻ جي به جاءِ نه هئي، پبلڪ پارڪ سڄو ماڻهن سان سٿيو پيو هو. اونهاري جي سخت گرميءَ ۾ ماڻهن جو دم پئي گهٽيو. ماڻهون پگهر ۾ شل ٿي ٿيا، مگر جيئن پوءِ تيئن ڀيڙ وئي ٿي وڌندي. سندس تقرير شروع ٿيڻ کان اڳ ٻن چئن هنڌن ڌڪا مڪي به ٿي مگر وري سانت ٿي وئي. اڄ هن ڳالهايو ۽ دل کولي ڳالهايو- سماج جي ان بدنما داغ لاءِ جنهن کي ’عصمت فروش‘ ڪوٺين ٿا، جا چند سڪن تي پنهنجو جسم ٻين جي حوالي ٿي ڪري! هن چيو ته پاڪ آستان ۾ اهڙي پليديء جا اڏا بند ڪيا وڃن، جنهن مان گناهه جي باهه ڀڙڪي ٿي اُٿي، جن جي الن ۾ هزارين گهر سڙي خاڪ ٿي ويا آهن. هن جي تقرير ختم ٿيڻ تي نعرا بلند ٿيا- هن جي ”زنده باد“ جا نعرا ”خرابيءَ جا اڏا مرده باد“ جا نعرا! هن جي زبان جاودءَ جو اثر ٿي رکيو. ان کان سواءِ هن عوام جي ترجماني ٿي ڪئي. پليديء جا اڏا، جنهن مان ڪوبه سلامت نه وريو. هڪ ٺهراءُ پاس ڪري سرڪار کان گهر ڪئي وئي ته ’يڪدم اهي اڏا بند ڪيا وڃن: جي اهي بند نه ڪيا ويا ته ان خرابيءَ جو سيلاب زياده راڱا ڪندو.‘ هو خوش هو- ڏاڍو خوش هو- پنهنجي تقرير کان، ماڻهن جي جوش کان، سندن تاڙين کان، انهن جي نعرن کان سندس ”زنده باد“ جي نعرن کان، ”پليديءَ جا اڏا مرده باد“ جي نعرن کان. هن جي ڪنن ۾ اڃا به تاڙين جي ڦهڪن ۽ نعرن جو شور ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. هو ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. هن کي بيحد هار وڌا ويا، ايتري قدر جو سندس دم گهٽجي رهيو هو. ماڻهن کيس سندس نيڪ جذبي ۽ تحريڪ تي مبارڪون ٿي ڏنيون. آخر هو ملڪ جو وڏو ليڊر هو، عوام جو ليڊر هو- وڏو سياست دان هو. هو جڏهن گهر موٽيو، ۽ ٻيا دوست به کيس ’خدا حافظ‘ چئي، پنهنجي پنهنجي گهر روانا ٿي ويا، تڏهن چپراسيءَ کيس ٻڌايو، ”هڪ عورت اوهان سان ملڻ ٿي گهري.“ هن جي خيالن جي ڪڙي ٽٽي پئي. سندس خيال ۾ رخنو پئجي ويو. هن خيال ڪيو ڪهڙي عورت ٿي سگهي ٿي؟ شايد سندس تقرير کان متاٿر ٿي ڪا عورت کيس مبارڪ ڏيڻ آئي هجي. چپراسيءَ کي کيس اندر موڪلڻ لاءِ چيائين، ۽ پاڻ وري خيالن شهرت جي خيالن ليڊريءَ جي خيالن، سياست جي خيالن ۾ گم ٿي ويو. اوچتو ”ڇم ڇم“ جي آواز سندس خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هڪ جوانيء جون منزلون طي ڪيل عورت هار کنيون بيٺي آهي. هن جي دماغ تي ڪنهن هٿوڙو وهائي ڪڍيو. هو سوچڻ لڳو، سندس ذهن تي جهونو نقش جنهن تي وقت گرد و غبار چاڙهي ڇڏيو هو، تازو ٿيڻ لڳو. گذري ويل زمانو رنگين زمانو، جوانيءَ جو زمانو، مستيءَ ڀريو زمانو- جنهن ۾ ڪيف ۽ سرور هو: سڀ جوان هئا، امنگ، جذبا هوءَ ۽ هو! عورت اڳتي وڌي، آهستي آهستي چيو، ”آءٌ انهيءَ هنڌان آئي آهيان. جنهن کي پليديء جا اڏا ڪوٺيو وڃي ٿو. آءٌ اوهان کي مبارڪ ڏيڻ آئي آهيان. مون سان گڏ منهنجي ڌيءَ به آهي.“ نوجوان ڇوڪري اڳتي وڌي. ماڻس هن ڏانهن مشڪي نهاريو. سندس انهيءَ مشڪڻ ۾ هزارين زخم پنهان هئا. ”امڙ، هيءُ اسان جي قوم جو ليڊر آهي! هن جا سڄي قوم تي ٿورا آهن! خاص طرح اسان تي سندس خاص مهربانيون آهن!“ اهو زهر جو ڍڪ جو سندس لبن تي پهچي ويو هو، هوءَ پي وئي ۽ سانت ٿي وئي. ڇوڪريءَ هن کي هار وڌو. ماءُ ۽ ڌي ٻاهر هليون ويون. ”اسان تي سندس خاص مهربانيون آهن!“ جا اکر سندس سيني ۾ چڀي ويا انهيءَ ڪنڊي وانگر جو لڳڻ کان پوءِ ڀڄي پئي ۽ سندس ڪجهه حصو اندرئي رهجي وڃي. هن جي اڳيان ماضيءَ جو ڦٽل نقش آهستي آهستي چٽيءَ طرح اُڀرڻ لڳو. اهو ڏينهن جنهن ڏينهن کان اُهو ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيو، اهو ڏينهن جنهن ڏينهن هن ڪنهن جي اميد کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن کي اها رات جا سندس گناهن وانگر ڪاري هئي، ياد اچڻ لڳي. جنهن رات هوءَ پنهنجي مائٽن کي خيرباد چئي، هن سان وڃڻ لاءِ نڪري آئي هئي. جنهن رات هن دنيا کي ڇڏيو مگر هو پاڻ دنيا کي چهٽي پيو جنهن رات هن سماج جي ڪابه پرواهه نه ڪئي، مگر هن سماج کان ڊڄي ويو. جنهن رات هن عزت کي محبت مٿان قربان ڪيو، مگر هن ”عزت“ خاطر محبت ڇڏي ڏني ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ ڪجهه ٿيڻ گهريو ٿي. ڇاڪاڻ ته هن ليڊر ٿيڻ ٿي گهريو. هن جون آهون ۽ دانهون به سندس پٿر جهڙي دل کي نرم نه ڪري سگهيون. سندس محبت جي واسطن به سندس دل تي اثر نه ڪيو. جڏهن هن هر هر گهر واپس وڃڻ لاءِ ٿي چيس، مگر هوءَ تڏهن گهر ڪيئن ٿي واپس وڃي سگهي! هوءَ مائٽن کي ڇڏي آئي. ان کان سواءِ، هوءَ ماءُ ٿيڻ واري هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪهڙي ڇوڪري مائٽن لاءِ ڪارنهن جو ٽڪو بڻجي، زندگيءَ تائين طعنا ۽ تنڪا سهندي رهي! هو سوچي رهيو هو- انهن ڏينهن ۾ هن جي ستاري چمڪڻ شروع ڪيو هو. هن ان کي اونداهيءَ جي ڪڪرن هيٺ آڻڻ نه ٿي گهريو. هن جي عوام ۾ عزت وڌندي ٿي وئي، ۽ هن کي پنهنجي آئيندي جو خيال هو. هن کي آخر رئندو ڇڏي هليو ويو هو. ”تون گهر وڃ، آءٌ توسان شادي ڪري نه ٿو سگهان. منهنجي عزت کي ڌڪ لڳندو- آءٌ زندگيءَ ۾ ڪٿان جو به ڪين رهندس.“ اڄ وري گهڻيءَ مدت کان پوءِ اٽڪل پندرهن ويهن ورهين کان پوءِ جڏهن سندس شهرت جو ستارو اوج تي هو، جڏهن سندس نالو هر ڪنهن جي وات ۾ هو، جڏهن هو ملڪ جو مشهور سياست دان ۽ قوم جو ليڊر هو، تڏهن هوءَ هن جي اڳيان آئي محبت جو اهو گل جنهن کي واس وٺڻ کان پوءِ پيرن هيٺ چيڀاٽي ڇڏيو هئائين. شراب جي اها بوتل جنهن جي ورتائڻ کان پوءِ زمين سان ٽڪرائي پاش پاش ڪري ڇڏيو هئائين! مگر هوءَ اڄ نئين رنگ ۾ هئي- سماج جو هڪ بدنما داغ هئي! ۽ هن سان هن جي ڌيءَ به هئي! هو سوچيندو رهيو. هي دنيا ۽ سماج جا بدنما داغ، ڪارنهن جا ٽڪا- مگر..... سندس دل بيهجي وئي. دنيا جي اخبارن ۾ وڏين وڏين سرخين سان سندس موت جي خبر شايع ٿيل هئي. سندس واکاڻ ۽ تعريف ۾ خاص نمبر ڪڍيا ويا. هن جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي روشني وڌي وئي. هو قوم جو ليڊر هو. ملڪ جو وڏو سياست دان هو. هن خرابيءَ جي اڏن برخلاف هلچل هلائي، پاڻ کي ماڻهن ۾ مقبول بنايو هو. ملڪ ۾ ماتم جي لهر ڇانيل هئي. هن جي لاش سان هزارين ماڻهو ساڻ هئا. پير پائڻ جي به جاءِ نه هئي. ڀيڙ جئن پوءِ تئن وڌندي ٿي وئي. هن جي لاش مٿان بيحد گل وڌا ويا. هو گلن ۾ پورجي ويو. هو عوام جو ليڊر هو، جنهن عصمت فروشيءَ جي اڏن برخلاف هلچل هلائي هئي...