• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صوفي راڳي فقير عبدالمجيد سيال سان سچل ڳوٺ ۾ هڪ شام

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
صوفي راڳي فقير عبدالمجيد سيال سان سچل ڳوٺ ۾ هڪ شام

ڪجهه ڏينهن اڳ سچل ڳوٺ جي ئي دوست سيد ارشاد شاهه ۽ اسان جي علائقي جي مشهور واڍي پنهل لاکي فرمائش ڪئي ته صوفياڻي راڳ جي ڪا محفل مچائجي پر ان ۾ مختصر دوست ئي شامل هجن جيئن محفل ۽ موسيقي جو لطف ماڻي سگهجي. ٻئي ڏينهن سائين حزب الله شاهه سان رابطو ڪري کيس ساڳيو عرض رکيم. پاڻ ان ئي وقت فون تي ڪنهن سان ڳالهائي چيائون ته بس سڀاڻي رات محفل آهي. هن ٻڌايو ته فقير عبدالمجيد سيال جهوڪ شريف آيل آهي ۽ اتان سڌو هتي سچل ڳوٺ ايندو دوستن کي اطلاع ڪيو. فقير عبدالمجيد سيال ان کان اڳ به سچل ڳوٺ ۾ صوفياڻي راڳ جون محفلون ڪري چڪو آهي ۽ سندس مشهور ڪلام آهي صوفيءَ جي سوز ساز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ.

وقت صفا گهٽ هيو پوء به دوستن کي موبائل ميسيج ۽ ڪال ڪري ٻڌايوسين، پر ڪافي دوست رهجي ويا، جنهن جو ڏک اٿم. رات ڏهين بجي روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ صوفياڻي راڳ جي من کي موهيندڙ محفل رات هڪ بجي تائين جاري رهي، جنهن ۾ فقير عبدالمجيد سيال ۽ وڌيي فقير صوفي شاعرن شاهه لطيف، سچل سرمست، پير اعجاز شاهه، جانڻ چن، غمدل فقير، چيزل شاهه، حمل فقير، امام الدين ڍڪڻ ۽ حافظ نظاماڻي سميت ڪيترن ئي شاعرن جا ڪلام ڳائي محفل کي جهومايو. ڳليان پريم نگر ديان، جڏهن ٿا پيئون پيئون تڏهن ٿا جيئون جيئون، گهنڊ کول ديدار دکائو، صوفي جي سوز ساز کي سمجهڻ ته ڏکيو آهي، ڪو آ رحمان جي پاسي ڪو آ ڀڳوان جي پاسي، اوهان جا عاشق هزار آهن سميت ڪيترائي ڪلام ڳايا. سچ اهو آهي منهنجي زندگي جي بهترين موسيقي جي محفلن مان هي به هڪ محفل هئي.

10474206_10204255070075137_7205154417185087299_n.jpg


10590604_10204255070235141_57386725872881908_n.jpg


10417687_10204255070155139_4513003916620586472_n.jpg


1511466_10204255071355169_6651794083684478246_n.jpg


10628612_10204255072875207_619105585671307153_n.jpg


10610622_10204255074955259_7463347888610227940_n.jpg


10616000_10204255088835606_3771315174292496941_n.jpg


وڌيڪ تصويرون هن لنڪ تي​
 
Back
Top