دل جي ڳالھ....مولانا فلمي ۽ پهريو افسانو_ زيب سنڌي

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اڄڪلهه ڌرڻن جي سياست ٿي رهي آهي ، پر پنهنجو ڪنهن ڌرڻائي مولانا يا ڪنهن کلاڙيءَ سان ڪو ڀَتَ برادريءَ جو رستو ناهي، انڪري اسين پنهنجو رستو ٿا وٺون ۽ ذڪر ٿا ڪيون مولانا فلميءَ جو… محترم غ ـ ن ملڪ جي فلمي آرٽيڪل مان ٽڪرا کڻي هڪ نئون مضمون تيار ڪري ، مان پهريون ڀيرو زيب سنڌي جي نئين نالي سان سامهون آيس ته اهو ان نئين نالي جو ڪمال هو يا منهنجو ستارو عروج تي هو ، جو سنڌي اخبارن منهنجي ڪنهن به تحرير کي رد نٿي ڪيو. نتيجي طور ڪجهه ئي مهينن ۾ منهنجا لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪيترا ئي آرٽيڪل اخبارن ۾ ڇپجي ويا. هڪ ڏينهن رستي ويندي هڪ ننڍڙي قد ۽ وڏي ڏاڙهيءَ واري مولانا صاحب اچي ٻانهن ۾ هٿ وڌو. سندس هٿ ۾ ان ڏينهن جي تازي اخبار هئي ، جنهن ۾ منهنجو فوٽوءَ سان گڏ هڪ آرٽيڪل ڇپيل هو. پڇيائين ، ”زيب سنڌي توهان آهيو؟“ مولانا صاحب جي هٿ مان پنهنجي ٻانهن ڇڏائيندي چيم ، ” ها مان زيب سنڌي آهيان.“ مولانا صاحب اهو ٻُڌي وري کڻي منهنجي هٿ کي سوگهو جهليو ۽ مرڪي چيائين، ”مان غ ـ ن ملڪ آهيان!“ اهو ٻُڌي منهنجو ته ساهه ئي سُڪي ويو. مون کان ڪو لفظ ئي وات مان نٿي اڪليو. مولانا صاحب ڀرسان هڪ هوٽل طرف اشارو ڪي چيو، ” هل ته اتي ويهي ڪچهري ٿا ڪيون.“ نه مون ۾ هٿ ڇڏائي ڀڄڻ جي طاقت رهي هئي ۽ نه ئي چانهن جي ڪپ تي ڪچهريءَ کان انڪار جي همت. مولانا صاحب مون کي ٻانهن کان جهلي وڃي هوٽل ۾ ويهاريو. مون کي پڪ هئي ته مولانا صاحب بنا حوالو ڏيڻ جي سندس مضمون مان کنيل عرف چوري ڪيل ٽڪرن سبب سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندو ، پر انهيءَ ننڍڙي قد ۽ وڏي سونهاريءَ واري مولانا صاحب چانهن جي چُسڪي هڻندي مرڪي چيو، ” مان هڪ سنڌي فلم ٺاهڻ ٿو چاهيان!“ مون سڪون جو ڊگهو ساه کڻي مرڪي چيو، ” مونکي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪوبه شوق ڪونهي.“ مولانا صاحب وڏو ٽهڪ ڏئي چيو، ” مون وٽ به فلم ٺاهڻ جيترا پئسا ڪونهن!“ هاڻي منهنجي ٽهڪ ڏيڻ جو وارو هو. مون ٽهڪ ڏئي پورو ڪيو ته مولانا صاحب چيو، ” مان زندگيءَ ۾ هڪڙي فلم ته ضرور ٺاهيندس ، پر فلحال ايترا پئسا ناهن ، ان ڪري هڪ فلمي اخبار ڪڍڻ ٿو چاهيان ۽ انهيءَ اخبار ۾ تون مان سان گڏجي ڪم ڪر.“ مون انڪار ڪيو ته مولانا صاحب مون کي لڳاتار قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ مان وري لڳاتار انڪار ئي ڪندو رهيس. نيٺ مولانا صاحب ميڙ منٿ تي لهي آيو ۽ آخرڪار مان سندس مضمون مان کنيل ٽڪرن جو قرض چُڪانڻ خاطر سندس فلمي اخبار لاءِ ڪم ڪرڻ تي راضي ٿي ويس. ”فلم پبليڪيشن“ نالي انهيءَ هفتيوار اخبار جا ڪي چار شمارا نڪتا هئا. مولانا صاحب هر شماري ۾ اخبار جو لوگو به مَٽائي ڇڏيندو هو ته سائيز به ! فلم ٺاهڻ جهڙو مهانگو شوق سيني ۾ سانڍيندڙ مولانا صاحب جي ميڙي چونڊي فلمي اخبار جي چئن شمارن ۾ پوري ٿي وئي ۽ اخبار بند ٿي وئي. مزي جي ڳالهه اِها آهي ته اُها فلمي اخبار ممتاز عباسيءَ واري محمدي پريس ۾ ئي ڇپجندي هئي ، جنهن طرفان افسانو لکڻ جو چئلينج هن فقير قبول ڪري ورتو هو.مون سورهن سالن جي ننڍي عمر ۾ افسانو لکڻ جو چئلينج قبول ڪري ورتوهو. اخبارن جي ٻارن جي صفحن ۾ ننڍيون ننڍيون ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکڻ واري ننڍي عمر ۾ ئي ، جڏهن فلمي مضمون لکڻ واري مامري کان پوءِ افسانو لکڻ جو چئلينج به قبول ڪيم ته ، ان وقت مون کي ڪو افسانو يا ڪهاڻي لکڻ ڪا وڏي ڳالهه نه پئي لڳي، جو سمجهيم ته افسانو يا ڪهاڻي لکڻ به ٻاراڻي ڪهاڻي لکڻ جهڙو ئي ڪو ڪم هوندو. ٻيو ته ان وقت تائين نه فقط مون کي اردوءَ جا مختلف ڊائجسٽ پڙهڻ جي چُوسَ پئجي چڪي هئي ، پر لاڙڪاڻي جي چوڌري لائبريريءَ ۾ موجود ڪرشن چندر ۽ ٻين ڪيترن اردو ليکڪن جا ڪيئي ڪتاب به مسواڙ تي وٺي پڙهي چُڪو هوس. هڪ ڏينهن مون بڪ اسٽال تان ڪو اردو رسالو خريد ڪيو ۽ اتي ڀرسان ئي موجود هڪ بئنچ تي پڙهڻ ويهي رهيس. اردو رسالو پڙهندي مون کي اوچتو خيال آيو ته مون کي سنڌيءَ ۾ هڪ افسانو عرف ڪهاڻي لکڻي آهي. سوچيم جنهن رسالي ۾ ممتاز عباسي ڪهاڻيون لکندو هوندو، مان پنهنجي ڪهاڻي به اُن ساڳئي رسالي ۾ ڇپرائيندس . اهو سوچي مان بئنچ تان اٿيس ۽ بوڪ اسٽال تي موجود مختلف سنڌي رسالا کڻي ڏسندو رهيس. نيٺ هڪ سنڌي رسالي ”رهبر ڊائجسٽ“ ۾ مون کي ممتاز عباسيءَ جي ڪا ننڍڙي ڪهاڻي نظر آئي. مون رسالي جي قيمت ڏسي پنهنجي کيسي مان پئسا ڪڍيا ته اهي گهٽ هئا. هڪ ڏينهن جي خرچيءَ منجهان ٻه رسالا خريد ڪرڻ ممڪن نه هيو، تنهن ڪري بڪ اسٽال واري کي چيم ته هو مون کان اردو رسالو واپس وٺي. مان سنڌي رسالي جي قيمت مطابق وڌيڪ پئسا ڏئي اهو سنڌي رسالو خريد ڪرڻ چاهيان ٿو، پر فقط چند منٽ اڳ خريد ڪيل رسالو تبديل ڪري ڏيڻ کان بڪ اسٽال واري ٺُپُ جواب ڏئي ڇڏيو! مون بڪ اسٽال واري کي ڪجهه ميڙمنٿ به ڪئي پر هُن مونکي ڇڙٻ ڏئي ڪڍي. مان ڏک منجهان چُپ ڪري وڃي ساڳئي بينچ تي ويهي ساڳيو اردو رسالو پڙهڻ لڳس ، پر منهنجي اندر جي ٻار انهيءَ سنڌي رسالي جو کيٽو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. اندر جي ٻار جو اهو کيٽو ان حد تائين وڌي ويو جو مون بيچين ٿي ، بڪ اسٽال تي وڃي وري ان سنڌي رسالي کي هٿ ۾ کنيو ۽ بڪ اسٽال واري کان نظر بچائي اهو سنڌي رسالو پنهنجي درسي ڪتابن جي وچ ۾ رکي ڇڏيو ۽ اتان روانو ٿي ويس. سو سائين … سائين وري ڪهڙو …!؟ سو پيارا پڙهندڙئو، (۽ پيارا زرار پيرزادا) مان اعتراف ٿو ڪيان ته مون پهريون سنڌي رسالو به خريد نه ڪيو هو ، پر اُهو چوري ڪري پڙهيو هئم !!

    هاڻي مرحلو هو افسانو عرف ڪهاڻي لکڻ جو. مونکي ڪهاڻيءَ جي فن بابت ڪابه ڄاڻ نه هئي. ائين ئي ڌ ُڪي تي هڪ ڪهاڻي لکيم ۽ رهبر ڊائجسٽ جي ايڊريس تي پوسٽ ڪري ڇڏيم. هفتي کن کان پوءِ اها ڪهاڻي ايڊيٽر جي مختصر خط سان گڏ ٽپال وسيلي واپس اچي مون کي ملي. ايڊيٽر عابد لغاري صاحب بنا ڪنهن تمهيد جي لکيو هو ته اها ڪهاڻي ناقابلِ اشاعت آهي. وري ٻي ڪهاڻي لکي پوسٽ ڪيم ته اها به موٽي اچي مُنهن ۾ لڳي ، پر مونکي ته هر حال ۾ هڪ ڪهاڻي لکي ڇپرائڻي هئي ، سو وري ٽين ڪهاڻي لکي موڪليم. هن دفعي ايڊيٽر لکيو هو ته جيڪڏهن ڪوشش جاري رکندا ته هڪ ڏينهن توهان ضرور سٺي ڪهاڻي لکي سگهندا. سو مون ڪوشش جاري رکي ۽ چوٿين ڪهاڻي لکي پوسٽ ڪيم ته ايڊيٽر جو خط مليو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته منهنجي اها ڪهاڻي ايندڙ شماري ۾ شامل هوندي. سچ ته مان عابد لغاري صاحب جو احسانمند آهيان ، جنهن پنهنجي خرچ تي منهنجيون اُهي ڪهاڻيون واپس به اماڻيون ته لکڻ لاءِ منهنجي همت افزائي به ڪئي. سو جڏهن پهرين ڪهاڻي ايندڙ شماري ۾ ڇپجڻ جي خوشخبري ملي ته ايندي ويندي پيو بڪ اسٽال جا چڪر هڻندو هئس. نيٺ آگسٽ 1974ع جو رهبر ڊائجسٽ جو اُهو شمارو به آيو، جنهن ۾ ٻاراڻي ادب کان هٽي ڪري اٺن صفحن جي منهنجي اها پهرين ڪهاڻي ڇپيل هئي. وڏن جي رسالي لاءِ لکيل انهيءَ ڪهاڻيءَ وقت منهنجي عمراڃا سترهن سال هئي. مان بڪ اسٽال تان رهبر ڊائجسٽ جو اهو پرچو وٺي سڌو ممتاز عباسيءَ وٽ ويس. هُن خوبصورت اسڪيچ سان ڇپيل منهنجي ڪهاڻي ڏٺي ۽ پوءِ ڪجهه سوچي چيائين،”مان ريڊيو تي فرمائشي پروگرامن ۾ خط به لکندو آهيان. روز منهنجو نالو ڪنهن نه ڪنهن ريڊيو اسٽيشن تان نشر ٿيندو آهي. تنهنجو ڪڏهن ڪنهن ريڊيو اسٽيشن تان نالو نشر ٿيو آهي؟“ مون ٽهڪ ڏئي چيو، ”نه يار، ريڊيو تي فرمائشي پروگرامن ۾ خط لکڻ جو شوق تون پال ، مان اهڙي ڪم ۾ پنهنجو وقت نه وڃائيندس.“ انهِيءَ پهرين ڪهاڻي کان پوءِ مون وقت نه وڃايو ۽ لڳاتار منهجيون ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. ڪيترائي ٽي وِي ڊراما لکيم ۽ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ مون پهرين سرڪاري نوڪري ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر جي حيثيت سان وڃي ڪئي هئي. 1989ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ پنهنجي آفيس جي ٽيبل تي رکيل خطن جي ڍير طرف منهنجي نظر وئي ته هڪ لفافي تي ڪجهه ڄاتل سڃاتل اکر نظر آيا. مون خط کڻي کولي ڏٺو ته اُهو فرمائشي خط ممتاز عباسيءَ جو هو، جيڪو هُن هڪ لسنر جي حيثيت سان مونکي ئي لکيو هو! تڏهن بي اختيار منهنجي چپن تي شاهه سائينءَ جي بيت جي سِٽَ اچي وئي هئي

    اُتي ئي آهين ، جتي اوهان ڇڏيون.

    پيارا ممتاز عباسي! جتي هجو، خوش هجو. مان توهان جو ٿورائتو به آهيان ۽ توهان لاءِ دعاگو به.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو