پروفيسر نذير احمد سومرو جڏهن “دلگير”، دلگير ٿي لاڙڪاڻي کان موڪلايو لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مان چمڪندڙ هڪ هيري جو نالو؛ هري دَرياني “دلگير” آهي. ٻه چار ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي. آءٌ هري دَرياني دلگير جي لاڙڪاڻي واري پراڻي گهر جي جاءِ (جتي هري درياني دلگير بانبڙا پائي زندگيءَ جي ڏاڪڻ تي قدم رکيا هئا) وٽان گذرندي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي طبع پرسي ڪرڻ لاءِ سندس قيام گاهه ڏانهن پئي ويس، ته واٽ تي هڪ دوست مليو. مون تي نظر پوندي ئي چيائين؛ “يار! ڳالهه ٻڌئي؟ هري درياني دلگير به پرلوڪ پڌاري ويو!” وائڙو ٿي پڇيومانس ته؛ “ڪڏهن؟” ٻڌايائين؛ “هاڻي هاڻي ڪي ٽي اين خبر نشر ڪئي آهي.” ورهاڱي کان پوءِ سڄي سنڌ وانگر لاڙڪاڻي جا هندو به لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا. هري درياني دلگير جا مٽ مائٽ ۽ دوست، کيس لڏڻ جو مشورو ڏيڻ لڳا. جواب ۾ هري دلگير چين: “دلگير ته هونءَ ئي آهيان، ويتر ڇو ٿا مون کي دلگير ڪريو! آءٌ لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جو ٺهيل آهيان ۽ لاڙڪاڻي جو شمشان گهاٽ منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.” چيائونس: “هتي شمشان گهاٽ ئي نه رهندو، ته توکي اگني سنسڪار ڪٿي ڪندا؟” وراڻي ڏيندي چيائين: “شمشان گهاٽ هندن جو نه سهي پر باگڙين جو ته هوندو. منهنجو اگني سنسڪار اتي ڪيو ويندو. توهان کي وڃڻو آهي ته وڃو. مان اباڻا ڪک ڪنهن به حالت ۾ ڪونه ڇڏيندس.” ٿورن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته هري دلگير، سنڌيءَ کان سواءِ اردوءَ جو به سٺو شاعر هو. ورهاڱي کان پوءِ حيدرآباد دکن مان لڏي ايندڙ هڪ وڪيل، لاڙڪاڻي ۾ هڪ ادبي ادارو (1948ع ۾) قائم ڪيو. ان نئين ادبي اداري جو نالو به هري درياني دلگير رکيو. 23 ڊسمبر 1953ع تي سکر ۾ جيڪا ٻه-روزه سنڌي اردو ڪانفرنس ٿي، ته ان جو افتتاح، پاڪستان حڪومت جي ان وقت جي وزير قانون اي ڪي بروهيءَ ڪيو هو ۽ اختتامي اجلاس جي صدارت هري دلگير ڪئي هئي. هن ڪانفرنس ۾ اردو ٻوليءَ جا چوٽيءَ جا اديب ۽ شاعر، جهڙوڪ مولانا عبدالمجيد سالڪ ۽ شوڪت ٿانوي به شريڪ ٿيا هئا. هن ڪانفرنس جو اهتمام شيخ اياز، آفاق صديقي ۽ شيخ راز ڪيو هو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي واري انساني ٻوڏ ۾، هندستان جي رياست ڀوپال مان حاجي عبدالرزاق نالي ماڻهو، ٻين سان گڏ، لڙهي اچي لاڙڪاڻي پهتو، جتي کيس پوسٽ آفيس ۾ ڊپٽي پوسٽ ماسٽر ڪري رکيو ويو. ان پوسٽ ماسٽر جو وڏو پٽ عبدالرحمان، اڳتي هلي اردو شاعريءَ جو وڏو نالو محسن ڀوپالي بڻجي وڏي شهرت ماڻي. محسن ڀوپاليءَ جا ڪيترائي شعر، پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ گونجيا. 1954ع ۾ محسن ڀوپالي اين اي ڊي ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) ڪراچيءَ مان انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪئي، ته کيس تعميرات کاتي ۾ اوورسيئر جو آرڊر مليو. نوڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ کانئس ضمانت طلب ڪئي وئي. سندس پيءُ عبدالرزاق پنهنجي طرفان پنهنجي هم زبانن ڏانهن ڊوڙيو. هر هنڌان کيس ٺپ جواب مليو. نوڪريءَ تي چڙهڻ ۽ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ، ڏنل مدو پنهنجي اختتام واري تاريخ ڏانهن پئي وڌيو. محسن ڀوپاليءَ جي دل سست ٿيڻ لڳي. هڪ ڏينهن شام جو، لاڙڪاڻي جي مشهور سيئو چوڪ (هاڻي پاڪستان چوڪ) تي محسن ڀوپاليءَ جي اوچتو هري دلگير سان ملاقات ٿي. ٻئي بزم ادب جا ميمبر هئا. ان ڪري ٻنهي جي پاڻ ۾ گهڻي ڏيٺ وائٺ ۽ گهرائپ هئي. محسن ڀوپاليءَ جو لٿل چهرو ڏسي، هري دلگير کانئس ماجرا پڇي. محسن ڀوپاليءَ کيس سڄو قصو ٻڌايو، جيڪو ٻڌندي ئي نرم دل، دلگير جي دل ڀڄي پئي ۽ چيائينس: “ان ۾ فڪر ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ دستاويز/بانڊ ڪٿي آهن؟ مان هاڻي ٿو صحيح ڪري ڏيانءِ.” محسن ڀوپالي چيس: “ان دستاويز ۾ هڪ ڏاڍو ڏکيو شرط آهي. ان ڪري ئي هرڪو پيو نٽائي.” هري دلگير چيس: “ڀلا ڪو خالي ڪاغذ ئي کڻي اچ، ته آءٌ ان تي صحيح ڪريان. پني تي مرضيءَ سان عبارت لکي ڇڏجانءِ.” محسن ڀوپاليءَ جي چوڻ مطابق: “جنهن وقت هري دلگير ڳالهائي رهيو هو، ان وقت مون کي پاڻ ئي اعتبار نه پئي آيو. خوشيءَ ۽ بي اعتباريءَ جي گاڏڙ ڪيفيت محسوس ڪندي، پاڻ کي چهنڊڙي پائي چيم: ‘هي جاڳ آهي يا ڪو خواب آهي؟’ هي هندو جيڪو منهنجي آڏو بيٺو آهي، سو انسان جي روپ ۾ ڪو نيڪيءَ جو فرشتو آهي يا نيڪيءَ جي فرشتي جي روپ ۾ انسان.” محسن ڀوپالي پنهنجي گهر ڏانهن ڊوڙيو ۽ بنا دير اهو دستاويز/بانڊ کڻي، پنهنجي والد سان گڏ، سيئو چوڪ تي آيو. نماڻو هري دلگير، ساڳئي هنڌ تي، سندس منتظر ٿيو بيٺو هو. تڙ تڪڙ ۾، هريءَ اکيون ٻوٽي، ان بانڊ/دستاويز تي، پنهنجي ضامن طور صحيح ڪري ڇڏي. محسن ڀوپالي حال حيات آهي. نوڪريءَ تان رٽائر ٿي چڪو آهي. ناظم آباد ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. پنهنجيءَ رهائش گاهه تي، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هر ماڻهوءَ سان ملاقات دوران، اکين ۾ آب آڻي، اها ڳالهه بار بار ورجائي چوندو آهي: “هري دلگير جو اهو ٿورو ڪو ٿورو ناهي. منهنجي دل جي بئنڪ جي اڪائونٽ ۾ سندس احسان ۽ ٿورو، وياج سميت چڙهندو رهي ٿو. قرض ڏيڻ ۽ وياج وصول ڪرڻ وارو ته سرحد پار رهي ٿو.” (محسن ڀوپالي به گلي جي ڪئنسر سبب، ڪراچيءَ ۾، جنوري 2007ع ڌاري لاڏاڻو ڪري ويو: مرتب) لاڙڪاڻي جي حالت اهڙي موڙ تي اچي بيٺي، جو هري واقعي دلگير ٿي پيو. پنهنجي ڳوٺ ۽ وطن کي نه ڇڏڻ جا جيڪي پاڻ سان ۽ مائٽن سان وچن ڪيا هئائين، انهن ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا. 1958ع ۾ هڪ ڏينهن هو، لاڙڪاڻي جي بندر روڊ سان ڳنڍيل گهٽي، رضويه اسٽريٽ، جي آخري ڇيڙي وٽ ٺهيل بزم ادب جي عمارت ۾ موڳائپ، ملول دل ۽ ذهن سميت داخل ٿيو. بزم جي صدر ۽ سنڌ جي وڏي اديب سان سور سليندي چيائين: “چل چلائو جو زمانو اچي ويو آهي. مرڻ کان اڳ ڪنهن ڌارئي ديس ڏانهن اڏرڻ لاءِ پر ساهيا اٿم.” سڀني کيس منع ڪئي، ته چيائين: “ڪنهن جي دل لاڙڪاڻي ۽ سنڌ کي ڇڏڻ لاءِ چوي ٿي؟ سنڌ ته رڳ رڳ ۾ واسيل آهي. پر حالتون ڪجهه اهڙيون آهن، جو وڌيڪ هتي رهي نه ٿو سگهان.” ٻئي ڏينهن تي بزم ادب لاڙڪاڻو طرفان، سندس اعزاز ۾ الوداعي دعوت ڪئي وئي. الوداعي تقرير ڪندي شروعات ڪنهن اردو شاعر جي هن شعر سان ڪيائين: خير تو ساقي سهي ليڪن پلائي گا ڪسي؟ اب نه وه ميڪش رهي باقي، نه وه مـــئـــخانه. تقرير جي پڄاڻيءَ وقت چيائين: “يار! مان دلگير آهيان. لڳي ٿو ته ڄڻ بت مان ساهه ست ڇڏائبو ٿو وڃي. هاڻي مان پنهنجي تقرير کي اڳتي وڌائي به نه سگهندس.” پوءِ ڀٽائيءَ سرڪار جي هيءَ سٽ پڙهي روئي ويٺو: هڪ سسئي ٻيا سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾. ڪانپور، يوپي انڊيا مان ورهاڱي وقت لڏي لاڙڪاڻي ۾ پهچڻ وارو عسڪري حسين به سن ستر واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي مائٽن ۽ دوستن سان ملڻ لاءِ ڪانپور ويو. هڪ رات جو دير سان ڪانپور جي مشهور ڦول باغ جي ٻاهران گهمندي روڊ تي هري دلگير تي نظر پيس، جيڪو الائي ڪهڙين سوچن ۾، ڪنهن گيان ۾ گم، پنهنجي منهن ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. عسڪري حسين سنڌيءَ ۾ کيس سڏ ڪيو. هري دلگير وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو. تيستائين عسڪري حسين به وڌي وڃي ڀرسان بيٺس. اعتبار ۾ نه ايندڙ ڪيفيت سان، اکيون کڻي پڇيائينس: “تون عسڪري مهاجر، لاڙڪاڻي وارو ته ناهين؟ مان به چوان ته هتي اترادي ۽ لاڙڪاڻي جي مخصوص لهجي ۾ ڪير ٿو مون کي سڏ ڪري؟” عسڪري حسين کان وڌيڪ پڇيائين: “لاڙڪاڻي جي ريلوي اسٽيشن جو پراڻو پليٽ فارم ياد آهي. خبر ناهي ته ان پليٽ فارم تي اهو نم جو وڻ اڃا بيٺو آهي يا نه، جنهن جي ڇانوَ ۾ مون هيڏانهن اچڻ لاءِ، ٽيڪيٽ وٺي ريل گاڏيءَ جي اچڻ جو، دلگيرُ ٿي انتظار ڪيو هو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته منهنجي موڳي دل، ڪيئن گائون مائون ٿيڻ لڳي هئي! اها منهنجي زندگيءَ جي آخري ڇانوَ هئي. باقي سڄي عمر ته نٽهڻ اُس ۾ رلي ٿڪجي پيو آهيان.” عسڪري حسين پڇيس: “تون هتي ڪيئن؟ تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟ دهليءَ ۾ يا اڌي پور ۾؟” دلگير جواب ۾ چيس: “منهنجو گهر الائي ڪٿي آهي؟ پر منهنجو گهر ته لاڙڪاڻي ۾ آهي.” راتين جي رولاڪ ۽ بي چين دلگير جي خبر ناهي ڪهڙي گهر مان ارٿي کنئي وئي هوندي! الائي ڪهڙي شمشان گهاٽ ۾ سندس ڪرياڪرم ٿيو هوندو؟ هنن اکرن لکڻ وقت سندس پڳڙيون به ٿي ويون هونديون. پاڻ ئي ته پنهنجي جيئري چوندو هو: “زندهه لاش دلگير جي روپ ۾ ڦري رهيو آهي.” دلگير جون پڳڙيون ته ان ڏينهن ٿي ويون هيون، جنھن ڏينهن، هن لاڙڪاڻي مان لڏيو هو.