يونين فائديمند يا نقصانڪار

'مختلف موضوع' فورم ۾ نياز ابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2010۔

  1. نياز ابڙو

    نياز ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2010
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    122
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي هر دوست ميمبر آهي پوء ڇونه اهو ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجي ڪنهن کي به ڪنهن تي ڪابه فوقيت حاصل نه آهي، انهي لاء سڀني کان اها صلاح وٺڻ لاء عرض رکان ٿو ته ڇا ڪنهن به سرڪاري يا غير سرڪاري اداري لاء يونين جو هجڻ لازم آهي يا نه۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: يونين فائديمند يا نقصانڪار

    مٺڙا دوست نياز ابڙا صاحب، اوهان پنهنجي ليک ۾ ٻه ڳالهيون ڪيون آهن۔
    هڪ ته؛
    سهڻا دوست، مٿي ڏنل ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته اوهانجو ڇا مقصد آهي؟ ۔۔۔ بيشڪ ميمبر ڀلي ڪير به هجي پر هن اڱڻ جي ٻولي خاص سنڌي آهي ۔۔۔ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ کي فوقيت آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ هيءَ اوطاق آهي ئي سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ لئه، سنڌي ادب کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي۔

    ٻي ڳالهه جيڪا ڪئي آهي ته؛
    ان سوال جي جواب ۾ مان هي چوندس ته ان نظام ۾ فائدو به آهي ته نقصان به ۔۔۔ جمهوري طرز حڪومت وارن ملڪن ۾ ادارن ۾ پڻ جمهوري نظام رائج ڪيو ويندو آهي ته جيئن هر اداري ۾ اڪثريت جي ڳالهه جي تائيد ٿيندي هجي ۔۔۔ نه ڪي صرف ان اداري جي مالڪ جي يا ان اداري جي چند وڏن آفيسرن جي ڳالهه کي فوقيت هجي ۔۔۔ انڪري انهن ادارن ۾ جمهوري طرز عمل جي تحت اليڪشن ڪرائي يونين جا عهديدار چونڊيا ويندا آهن ۔۔۔ جنهن سان اهو فائدو ٿيندو آهي ته مزدور هجي يا آفيسر پنهنجي ڳالهه يونين جي سامهون آڻيندو آهي ۽ يونين ان ڳالهه کي اداري يا اداري جي عملدارن جي حق ۾ هوندو آهي ته انکي عملي جامو پهرايو ويندو آهي ۽ جي نقصان ۾ ته رد ڪيو ويندو آهي
    پر ان سڄي مانڊاڻ ۾ چند ڳالهيون ضروري آهن ته؛
    1۔ يونين آزاد ۽ خودمختيار هجي ۽ اڪثريت جي نمائينده هجي
    2۔ يونين جا عهديدار سچا ۽ مزورن جا هڏ ڏوکي هجن، وڪاميل نه هجن
    3۔ انصاف ۽ عدل جي ڇانوَ ۾ سڀ فيصلا اڪثريت راءِ سان ٿيندا هجن۔
    پر جن ملڪن ۾ جمهوريت ته هوندي آهي پر مٿي وڏن ادارن ۾ مطلق عناني (ڊڪٽيٽرشپ) هوندي يا مٿي حڪومت ۾ ويٺل عهديدار، اداران ۾ هٿ چراند ڪندا ته پوءِ فائدي جي بجاءِ نقصان ٿيندا آهن ۔۔۔ يا وري چونڊيل يونين جا عهديدار سازشي ۽ بي ايمان هوندا آهن ته نقصان ٿيندا آهن۔

    وري ٻين ملڪن ۾ جن ۾ بادشاهي هوندي آهي يا مطلق عناني واري حڪومت هوندي آهي ته اتي ملڪي قانون هوندا آهن جي ادارن تي لاڳو ٿيندا آهن ۽ بس باقي ادارن جي اندر ڪابه تنظيم نه هوندي آهي ۽ مالڪ يا ان اداري جا سربراهه اڇي ڪاري جا مالڪ هوندا آهن ۔۔۔ جيئن چاهي تيئن ڪري سگهندا آهن ۔۔۔ پر تنهن هوندي به ملڪي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سان هو ڦاسي سگهن ٿا ۔۔۔ جيئن سعودي عرب سميت سڀ بادشاهت وارا ملڪ

    ٻيو هڪ مثال به آهي جيئن برطانيا جنهن ۾ نالي ماتر بادشاهي به آهي ۽ جمهوريت به ۔۔۔ بادشاهي نالي ماتر آهي ۔۔۔ باقي سڄو نظام پارلياماني آهي ۔۔۔

    خئير اوهانجي سوال جي جواب ۾ ايترو چئبو ته يونين سازيءَ ۾ فائدو آهي جڏهن نظام عادلانه هجي ۽ نقصان آهي جڏهن نظام عادلانه نه هجي ۽ مطلق عناني جو دور دوره هجي ۔۔۔ وڌيڪ ٻيا دوست به جواب ڏيندا، ڏسجي ته هو ڇا ٿا چون، متان ڪا نئين ڳالهه سامهون اچي ۔۔۔:-bd

    سدائين جڙيل هجو
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: يونين فائديمند يا نقصانڪار

    سائين اوهان جي لکت ۾ ڪافي ڪجهه سوالن جا جواب اچي چڪا آهن يونين کي ٻين لفظن ۾ چئجي ته اتحاد ۽ اتحاد ۾ برڪت ۽ طاقت آهي ليڪن اوهان جي ڳالهه وانگر ته يونين جا فرد پنهنجو فرض صحيح طرح نڀائين ته فائدو آهي ورنه نقصان آهي۔ فقط اهي چند فرد پنهنجو پيٽ ڀريندا باقي يونين جو مقصد فوت ٿي ويندو۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: يونين فائديمند يا نقصانڪار

    سائين يونين جو لفظ يونٽي معني ٻڌي کي ظاهر ڪري ٿو۔۔ ۔جيڪڏهن ٻڌي سان يونين هلي ٿي ته هر ميمبر کي فائدو اٿس، پر جي نه ته پوءِ فائدو اٽلندو نقصان ۾ تبديل ٿيو وڃي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو