سڪندراعظم جڏھن سنڌ تي حملو ڪيو ھو، تڏھن مور پکي ڏسي حيران ٿي ويو پوءِ مورن کي پڪڙي پنھنجي ماءُ ڏانھن تحفي طور موڪليائين سندس ماءُ مور ڏسي حيران به ٿي ۽ خوش به ٿي نياپو ڪيائينس ته جنھن ملڪ جا پکي ايڏا سهڻا آھن ته اتان جا ماڻهون ڪيڏا نه سهڻا هوندا.