واه گهڙا تيڏي گهاڙ گهڙي نهائين کان نينهن سک منهنجا سپرين سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري گهڙو جيڪو اسان کي ٿڌو پاڻي ميسر ڪري ٿو مگر اسان کي ڪڏهن به جتائي نه ٿو ته مون سان ڇا گذري آ، مگر پوء به مان توهان کي ٿڌو پاڻي ڏيڻ ۾ ڪڏهن ڪيٻايان ڪو نه ٿو. گهڙي کان ڪنهن سوال ڪيو ته گهڙا توکي اهيو شان مان ،عزت ۽ احترام ڪيئن مليو جو تون محبوب جي چيلهه تي چڙهيو ويٺو آهين، ان تي گهڙي جواب ڏنو ته مان ائين ڪو آساني سان انهيء منزل تي ناهيان پهتو، ۽ پوء پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ٿو ڪري، ۽ گهڙو ٻڌائي ٿو ته اي سوال ڪندڙ ڪن ڏئي ٻڌ، پهرين ته مان ڪجهه به نه هئس ۽ هڪ مٽي جي ڳوڙهو هئس، پر پوء مون کي ان منزل تي پهچائڻ وارو ڪنڀار آهي، ڪنڀار ويچاري مون کي کنيو ( جڏهن مان مٽي جو هڪ ڳوڙهو هئس ) پوء ان مٽي کي کڻي اچي ڪٽيائين سٽيائين ، ۽ سٽڻ ڪٽڻ کانپوء ان کي ڇاڻي ۾ ڇاڻيائين ، ۽ جيڪي مون ۾ بي ڪميون شيون هيون اهي ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪيائين، تنهن کان پوء مون کي پاڻي ۾ پسائي چڪ تي چاڙهي وٺي گهمايائين، ۽ گهمائڻ سان گڏ پنهنجي هٿن سان چيڀاٽيون ۽ زور پڻ ڏنائين، تنهن کانپوء ٽن ڏينهن تائين ته مون کي اس ۾ رکي منهنجي مان، آڪڙ، ۽ تڪبر کي ختم ڪيائين ، تنهن کانپوء مون کي ٻين کي فائدو ڏيڻ لاء اهيو سبق سيکاريائين جو مون کي هڪ وڏي باه جي مچ ۾ کڻي وڌائين، ۽ جڏهن مان اها باه بچائي بلڪل تيار ٿيس تنهن کانپوء به منهنجي ائين جان نه ڇٽي پر مون کي بازار ۾ وڪڻڻ لاء رکيو ويو ۽ بازار ۾ منهنجو ملهه هڪ هڪ ٽڪو پيسو، رپيو بڻيو، ۽ پوء اتان جڏهن وڪاڻيس ته اچي کوه تي پهتس ۽ کوه تي به مون کي سک نه مليو پر مون کي پاڻي ۾ وجهي ٻه چار گهوته پڻ کارايا ويا تنهن کانپوء اچي محبوب جي چيلهه تي چڙهي ويٺو آهيان. ۽ ايڏي محنت جفاڪشي۽ سختيون برداش ڪرڻ کانپوء ئي مون کي اهيا منزل ملي آهي. ۽ ان ۾ صرف منهنجي محنت شامل نه آهي پر ان ۾ وڏي محنت ته انهيء ڪنڀار جي آهي، جنهن هن مٽي جي ڳوڙي مان هن منزل تي پهچايو آهي۔ ( سبق توهان ڏٺو هوندو ته اڪثر ماڻهون اهيو چوندا آهن ته فلاڻي کي ته هي شيء به حاصل آهي، فلاڻوته هن منزل تي پهتل آهي، پوء اها منزل روحاني هجي يا دنياوي.مگر دوست ان منزل حاصل ڪرڻ لاء هڪ وڏي محنت ۽ قرباني جي ضرورت پوندي آهي،۽ ان کان علاوه ان جي پٺيان پڻ ڪنهن جو هٿ هوندو آهي، ۽ اها منزل ائين ناهي ملندي. حاصل مطلب ته منزل حاصل ڪرڻ لاء هڪ وڏي قرباني ۽ سخت محنت ۽ ڪنهن ڪامل انسان جي ضرورت آهي. ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته انهيء سڀ کان وڏي ڪنڀار جي هٿ، ۽ مدد جي ضرورت آهي جنهن هن پوري ڪائنات کي خلقيو آهي۔جنهن جي مدد کانسواء تنهنجي محنت ڪنهن به ڪم جي ڪانهي۔ ) ڪنڀار"ــــــ اسان جي معاشري جو ڪنڀار هڪ محنت ڪندڙ شخص آهي هي ويچارو پنهنجي پوري زندگي ماڻهن جي سک لاء پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو، ۽ پنهنجي پوري زندگي مٽي سان کيڏندي کيڏندي گذاري ڇڏي ٿو، ۽ ان سان گڏ نهائين جي گرمي ۽ سختي ۾ پاڻ به سڙندو رهي ٿو، مگر بقول شاه صاحب ته سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاف نه نڪري. اچو ته توهان کي ان ڪنڀار بابت وڊيوز ڏيکاريون، جنهن ۾ ڪنڀار جي محنت ۽ قرباني شامل آهي. (( ممتاز علي وگهيو )) ڪجهه تصويرون
جواب: واه گهڙا تيڏي گهاڙ گهڙي بيشڪ ادا هر شيءَ کي ڪامل ۽ ڪامياب ٿيڻ لاءِ انهن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو، وقت به اسان لاءِ گهڙي واري ڪنڀار وانگر آهي، پچائي به ٿو ۽ سٽ ڪٽ به ڪري ٿو
جواب: واه گهڙا تيڏي گهاڙ گهڙي اي گهڙا تينون ڀنڃ سٽان، محبوب دي چيلهه رنجائي ئي۔ هڪ بار پاڻي دا، ٻيا ڳل وچ ڳراٺڙي پاتي ئي ۔۔۔ واه سائين واه ۔۔۔ ڀاڳ گهڙي جا ۔۔۔ جو محبوب جي چيلهه تي به ۽ وري ڳلي ۾ ٻانهون ۔۔۔ باقي ته انسان پڻ گهڙي جيئان ئي آهي ۔۔۔ ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين نهائينءَ ۾ ئي آهي ۔۔۔ پوءِ ڪي پچڻ کي پچائن ٿا ته ڪي پاڻ پچي وڃنٿا ۔۔۔ سائين هڪ عرض ته هاڻ اهو ڪنڀر وارو ڪم سڄي دنيا ۾ ترقي ڪري چڪو آهي ۽ ان ساڳي ڪم مان اهڙا ته ڪارائتا سامان ٺهن ٿا جو اهي ڪنڀارڪا ادارا ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن ۔۔۔ جن ۾ گهريلو آرائش جا سامان يا حمام جي خوبصورتيءَ جا سامان مطلب ته دنيا جا ڪنڀار هاڻ ترقي ڪري چڪا آهن پر اسانجو ڪنڀر ويچارو اڃان ڏکن ۽ بکن ۾ ۔۔۔ ساڳي رک ساڳي تپش ساڳي آزمائش ۾ آهي ۔۔۔ جنهن ۾ پوري قوم آهي ۔۔۔
جواب: واه گهڙا تيڏي گهاڙ گهڙي ڀاء توهان سڀني جون مهربانيون جو منهنجي هن ننڍي ڪوشش کي ساراهيو۔ الله توهان سڀني کي خوش رکي آمين۔ ستيون ٻن پون، جو ويڙهيو ويڙهن پاڻ کي۔ لنڊيون لک لهن ، جنهن ڏانهن عالم آسرو۔