سنڌ جي شعور ۽ شفقت جي علامت مئڊم مهتاب اڪبر راشدي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    امير راڄڙ
    [​IMG]
    تاريخ ڪوئلي جي کاڻ مثل ٿئي ٿي! انهي مان هيرا، ڪڏهن ۽ ڪيترا ٿا ملن، اهو ڪنهن تي به ظاهر ناهي هوندو. ڪوئلن جي کاڻ مان هيرن جو ملڻ اهڙو لقاءُ آهي، جيڪو قدرت پنهنجي هٿ وس رکيو آهي. ڪوئلي جي ابدي محرومي ۽ ڪوجهائپ جي درد مان روشني ڳوهجي ٿي ۽ انهي روشني مان وري هيرا جنم وٺن ٿا.

    سنڌ جي محرومي جي اٿاهه گهري کاڻ مان جيڪي هيرا هٿ آيا، انهن مان مئڊم مهتاب اڪبر راشدي تمام اهم ۽ وڏي مان وارو اسم آهي.

    مهتاب اڪبر راشدي جو جنم اهڙي ڏينهن تي ٿئي ٿو، جڏهن هندوستان جو ڪو هنور تاريخ جي سيني ۾ ٽٽي ٻه اڌ ٿيو هو. هڪ حصو هندوستان ٿي رهيو. ٻئي حصي کي پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. سنڌ جيڪا حيران انهي سموري لقاءَ کي ڏسي رهي هئي، سا هڪ صوبي طور پاڪستان جو حصو بڻي. پاڪستان جي انهي ٺهڻ واري ڏينهن تي مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جو جنم ٿيو. اهو جنم هڪ انسان جو جنم ته هيو ئي مگر اهو هڪ قدر جو به جنم هيو. هڪ آواز جو به جنم هو. احساس جو به جنم هو. عقل، شعور ۽ صلاحيتن جو به جنم هيو. شفقتن جو به جنم هيو، وري احتجاج ۽ انڪار جو به جنم هيو.

    هونئن ته ڪنهن به اهڙي شخصيت تي ڳالهائڻ يا لکڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿئي ٿو، جنهن شخصيت جي ذات ۾ انوکائي ۾ اڃا ڪيترائي روپ لڪيل هجن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪا شخصيت مئڊم مهتاب وانگر تمام گهڻين صلاحيتن ۽ خوبين جي حامل هجي ته ان تي لکڻ لاءِ قلم به نڪور گهرجي ۽ ذهني سطح به ان معيار جي هئڻ گهرجي……! مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پاڻ کي هڪ سٺي استاد، تعليمي ماهر، قوم کي دڳ ڏيندڙ ليکڪ، سماجي اڳواڻ، ٽي وي اينڪر، ڪمپيئر، صلاحڪار، مقرر، بيورو ڪريٽس ۽ سياستدان طور مڃرايو آهي.

    شايد اهو ستر جو ڏهاڪو آهي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هڪ اهڙو آواز گونجي ٿو، جنهن سنڌ جي عورت ۾ خود شناسي جو ٻج ڇٽيو ۽ ان آواز سنڌ جي شعور جو ڪڙو کڙڪايو. هن مرداڻي سماج ۾ جتي عورت هجڻ ئي ”ڏوهه“ هجي ان سماج ۾ سنڌ جي سڀني مظلوم عورتن جو آواز بڻجندڙ اهو آواز ان شخصيت جو هيو، جيڪا اڳتي هلي سنڌ جي اتهاس ۾ ”مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي نالي سان سڃاپجڻ لڳي. ريڊيو پاڪستان انهي دور ۾ ابلاڪ ۽ رابطي جو اڪيلو ذريعو هو. جنهن جو وقتائتو ۽ صحيح استعمال ڪري مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي صلاحيتن سان سنڌ ۾ شعور جي چڻنگ دکائڻ جي شروعات ڪئي. اڳتي هلي مئڊم مهتاب راشدي سنڌ جي ماڻهن سان پنهنجي تڪڙي رابطي کي ضروري سمجهيو ته هن پاڪستان ٽيليوزن جوائن ڪيو. هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان سنڌ جي ٻارڙن لاءِ روشن تارا جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ڪيو. جنهن ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جي گڏيل اسڪول جي حيثيت اختيار ڪري ورتي. مئڊم مهتاب جي شروع ڪيل انهي مڪتب فڪر جڏهن سنڌ جي شعور کي جاڳائڻ شروع ڪيو ته کانئس سنڌ جي عوام سان سڌي رابطي جو وسيلو واپس ورتو ويو. مئڊم راشدي کي انهي ڳالهه جو پهريان کان ئي ادراڪ هيو ته جنهن رستي جي هن چونڊ ڪئي آهي، انهي رستي تي پوکيل هر گل ۾ ڪيئي ڪنڊا آهن پر چپ ڪري ويهي رهڻ ته هن ڪڏهن سکيو ئي نه هيو. هوءَ ته هميشه لطيف سرڪار جي کاهوڙي ڪردار وانگر رهي آهي.

    ”کرڪڻا لاهي سُک نه ستا ڪڏهين،

    اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو.“

    انهي دوران مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي اعليٰ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي شعور جو مرڪز سمجهي ويندڙ سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل ريليشن ڊپارٽمينٽ ۾ بطور هڪ استاد جي پنهنجون ذميواريون نڀايون. هڪ استاد ۽ تاريخ جي سمجهدار شاگرد هئڻ جي ناتي مئڊم مهتاب کي نه رڳو ان ڳالهه جو ادراڪ هيو ۽ سندس ان ڳالهه تي پختو يقين هيو ۽ آهي ته تعليم ئي اهو اوزار آهي، جنهن سان زندگي جي خراب ٿيل هر گاڏي کي ٺاهي سگهجي ٿو. مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جو اهو دور جيڪو مئڊم سنڌ يونيورسٽي ۾ بطور استاد جي گذاريو، اهو به عجيب، حسناڪ دور هيو. سنڌ يونيورسٽي جا ان زماني جا شاگرد اڄ به جڏهن گڏجي ويهندا آهن ته هو سنڌ، سنڌ يونيورسٽي سان گڏوگڏ مئڊم مهتاب جو ۽ روسٽرم جي پويان بيهي زندگي جي گوناگون موضوعن تي ڏنل مئڊم جي ليڪرچس جو ذڪر به ضرور ڪندا آهن. مئڊم مهتاب جي ذورائتن دليلن جا پڙاڏا اڄ سنڌ جي موجوده شعور منجهان کوجندي محسوس ٿين ٿا. استاد جي وقار ۽ فرض کي هڪ جيترو سمجهڻ ۽ ادا ڪرڻ مئڊم جي ڪردار جا خاض محرڪ رهيا آهن.

    ملڪ مٿان جڏهن ضياءَ جي نحوست ڪڙڪي هئي ته انهي سچي سياسي ۽ سماجي شاڪ جو شڪار مئڊم مهتاب پڻ ٿي ۽ مئڊم مهتاب محمدود وسيلن ۽ موقعن جي اڻ هوند جي باوجود به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ پي چاهيو. اهو ئي سبب هيو، جو مئڊم انهي عرصي دوران پاڪستان ٽيليوزن تان مشهور ۽ هميشه ياد رهندڙ پروگرام ”فروزان“ بطرو هڪ ميزبان شروع ڪيو. انهي پروگرام ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تمام وڏي ناماچاري حاصل ڪئي ۽ هي اهو دور هيو، جڏهن ڪنهن سنڌي عورت جو تصور گهرن ۾ ڪم ڪندڙ مشينن کان مٿي نه هيو. اهڙي دور ۾ هڪ پڙهيل، لکيل با شعور سحر انگيز آواز ۽ شخصيت رکندڙ سنڌياڻي پنهنجي صلاحيتن، ذهانت، علم، عقل ۽ قابليت ذريعي سنڌ جي عورت بابت ماڻهن جي تصور کي يسڪر تبديل ڪري ڏيکاريو. ”فروزان“ جي ڪمال عروج وقت جمهوري سوچ تي پابنديون لکيل هيون.

    14 آگسٽ تي مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جو ته جنم ٿيو پر ساڳئي وقت هڪ انڪار جو به جنم ٿيو. اهڙو انڪار جنهن عورت جي ازلي آزادي جي حفاظت ڪئي ۽ اها به ڌرتي جي اهڙي خطي تي جتي عورت انسان کان وڌيڪ هڪ رَئي جي صورت ۾ موجود هئي. جنهن کي مٿي تي رکڻ ۽ مٿي تان لاهڻ جو اختيار مردن وٽ هيو. مئڊم پنهنجي انڪار ذريعي صدين کان عورتن مٿان راڄ ڪندڙ مرداڻي سماج ڏانهن هڪ بغاوت ڀريو پيغام موڪليو ته هاڻ گهڻو ئي ٿيو. اڄ مئڊم مهتاب جي ان انڪار کي ٽي ڏهاڪا گذري چڪا آهن پر تاريخ جي درگاهه ۾ مئڊم جو انڪار هڪ ڌمال جيان گونجي رهيو آهي.

    پوءِ جڏهن ضياءَ پنهنجي ڊگهي اونداهي سميت پڄاڻي تي پهتو ۽ اقتدار فوج کان ٿيندو محترمه بينظير ڀٽو وٽ پهتو. محترمه بينظير ڀٽو دوست هئڻ سبب مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي صلاحيتن کان بخوبي واقف هئي. ان ڪري محترمه بينظير ڀٽو مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي صلاحيتن ۽ قابليت کي ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ ڪارائتو بڻائڻ پي چاهيو، تڏهن ۾ خود محترمه بينظير مئڊم مهتاب سان سڌو سنئون رابطو ڪري مئڊم مهتاب کي سنڌ حڪومت ۾ اهم ذميواري سنڀالڻ جي آڇ ڪئي ۽ مئڊم مهتاب اڪبر راشدي کي بحيثيت سيڪريٽري ڪلچر مقرر ڪيو.

    ۽ اهڙي طرح مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ حڪومت ۾ پهرين عورت سيڪريٽري هجڻ جو اعزاز پنهنجي نانءُ ڪرڻ کانپوءِ مئڊم مهتاب سرڪار طرفان ڏنل ذميواري کي انتهائي خلوص، قابليت ۽ ڪاميابي سان نڀايو. مئڊم سيڪريٽري ڪلچر هئڻ واري زماني ۾ پنهنجو ڪردار انتهائي شاندار نموني سان ادا ڪيو بحيثيت سيڪريٽري هجڻ دوران هندو جيئم خاني جي مالڪي کان وٺي ٻاراڻي ادب کي ترقي وٺرائڻ تائين ۽ ملڪ جي مانائتي ۽ خاص طور تي سنڌ جي عظيم شخصيتن تي ڪتاب ڇڀرائي سموري سنڌ ۾ ورهايا ويا ته جيئن سنڌي قوم ۽ خاص ڪري اسان جي ايندڙ نسل پنهنجي عظيم شخصيتن جي ڪارنامن کان واقف ٿي سگهن.

    وقت جا لاها چاڙها جڏهن مئڊم مهتاب اڪبر راشدي کي سياست جي ميدان ۾ کڻي آيا ته مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي ساکائتي ڪردار سان سياست کي عبادت سمجهي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي قوم لاءِ خدمت جي جذبي سان اڄ به جدوجهد جي ميدان ۾ آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جڏهن به اسيمبلي ۾ ڳالهايو آهي ته ائين لڳو آهي، ڄڻ سنڌ ڳالهائي رهي آهي. مئڊم سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ هر ظلم تي نه صرف آواز اٿاريو آهي پر ان تي ڀرپور احتجاج پڻ ڪيو آهي. موجوده اسيمبلي ۾ اها مئڊم جي ئي سنڌ دوست شخصيت آهي. جنهن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرايو. سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ جو معاملو هجي، سنڌ جي صحافين تي ٿيندڙ ظلم جي وارتا هجي يا سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جو نه کٽندڙ سلسلو هجي ۽ سنڌ سان ٿيندڙ هر ناانصافي ۽ ظلم خلاف مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي. اسيمبلي ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي عورت دشمن تجويزن خلاف ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ جي همت ۽ جرئت سنڌ جي هن بيباڪ ۽ بهادر نياڻي کانسواءِ ٻيو ڪير پيو ڪري سگهي.

    وقت جا لاها چاڙها جڏهن مئڊم مهتاب اڪبر راشدي کي سياست جي ميدان ۾ کڻي آيا ته مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي ساکائتي ڪردار سان سياست کي عبادت سمجهي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي قوم لاءِ خدمت جي جذبي سان اڄ به جدوجهد جي ميدان ۾ آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جڏهن به اسيمبلي ۾ ڳالهايو آهي ته ائين لڳو آهي، ڄڻ سنڌ ڳالهائي رهي آهي. مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ هر ظلم تي نه صرف آواز اٿاريو آهي پر ان تي ڀرپور احتجاج پڻ ڪيو آهي. موجوده اسيمبلي ۾ اها مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي ئي سنڌ دوست شخصيت آهي. جنهن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرايو ۽ سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ جو معاملو هجي، سنڌ جي صحافين تي ٿيندڙ ظلم جي وارتا هجي يا سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جو نه کٽندڙ سلسلو هجي ۽ سنڌ سان ٿيندڙ هر ناانصافي ۽ ظلم خلاف مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي. اسيمبلي ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي عورت دشمن تجويزن خلاف ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ جي همت ۽ جرئت سنڌ جي هن بيباڪ ۽ بهادر نياڻي مئڊم مهتاب اڪبر راشدي کانسواءِ ٻيو ڪير پيو ڪري سگهي….؟ مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ جي تعليم جي موجوده رحم جوڳي صورتحال تي سنڌ مان اڻلڀ ٿي ويل امن امان سميت سنڌ جي صحت، سنڌ جي ترقي، تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر تي ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي تي اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿاريو آهي، جيڪو اسيمبلي جي رڪارڊ تي موجود آهي.

    احساس محرومي جي زخمن تي پهي جهڙي شخصيت مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي شفقت جو اعتراف ته سنڌ جو ارڏو اديب حليم بروهي به ڪري چڪو آهي. سندس شخصيت ۾ شفقت، خلوص ۽ سهڻو سڀاءُ شامل آهي. ڪو وزير هجي يا فقير يا کڻي مون جهڙو طالب علم هجي، مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي در تي هر ماڻهو کي ايترو ئي مان ملي ٿو، جيتري مئڊم مهتاب پاڻ مانائتي ۽ شانائتي آهي.

    مئڊم مهتاب اڪبر راشدي حسن، عقل، ادراڪ، دانش، سيرت، بصيرت، صلاحيتن، قابليت ۽ شعور جو هڪ اهڙو نانءُ آهي. جنهن کي سنڌ نه صرف قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿر پر سنڌ کي مئڊم مهتاب اڪبر راشدي تي فخر ۽ ناز پڻ آهي.

    مئڊم مهتاب اڪبر راشدي شعور جي لاٽ دکائڻ کان وٺي اسيمبلي ۾ سنڌ ۾ آواز بڻجڻ تائين پنهنجي صلاحيتن ۽ محنت ذريعي پاڻ مڃرائيندي سنڌ جي symbolic sonalty طور عزت ماڻي آهي ۽ مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي شخصيت سموري سنڌ لاءِ ويساهه ۽ اتساهه جو ذريعو هئڻ سان گڏوگڏ مون سميت ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن کانپوءِ جنم وٺندڙ نسلن لاءِ Rol Model ۽ Idial بڻجي چڪي آهي. اڄ مئڊم مهتاب اڪبر راشدي کي جنم ڏينهن تي سنڌ پنهنجي هن صدوري ڌيءُ کي دل جي گهراين، دعائن، نيڪ تمائن ۽ خلوص سان واڌايون ڏئي ٿي ۽ سموري سنڌ کي ۽ سنڌ جي شعور کي پڻ مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي جنم ڏينهن جون واڌايون قبول پون. مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ جي اها سلڇڻي ۽ سڀاڳي نياڻي آهي، جنهن نه صرف سنڌ جي عورت جي انهي اعتماد ۽ احترام کي واپس ورايو، جيڪو هن کان گهڻو اڳ کسيو ويو پر مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي سنڌ امڙ جو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ اهو قرض به لاٿو آهي، جيڪو پٽن کي ادا ڪرڻو هو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    [​IMG]

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪجهه ماڻهو جڏهن اسٽيج تي يا ٽي وي تي ڳالهائينديون آهن ته دل چوندي آهي ته بس هو ڳالهائيندا رهن ۽ هنن جي ڳالهين مان سکبو رهجي ۽ پرائجي. اهڙي ئي شخصيتن مان هڪ آهي ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، جنهن سنڌي عورت جو مان مٿاهون ڪيو آهي. سندس لکڻ، ڳالهائڻ ۽ مرڪڻ سڀ لاجواب آهن. تاريخ، ثقافت، سياست، ادب، شاعري ۽ شخصيتن تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ جو فن کيس خوب اچي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو