گدڙ جي چالاڪي

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    [​IMG]
    هڪڙي رات هڪڙو گدڙ وڃي ڪنهن اونهين کوهه ۾ ڪريو ۽ زور سان اونايون ڪرڻ لڳو. هن جون اونايون ٻڌي، هڪڙو ڦاڙهو انهيءَ کوهه مٿان آيو، ۽ گدڙ کي کوهه ۾ ڏسي، چيائين: چاچا گدڙ! اتي ڪيئن ڦاٿو آهين؟ گدڙ چيس ته: يار! هتي رڳو ٻوڙ پلاءُ پيا اچن، جنهن ڪري هتي آيو آهيان. ڦاڙهي پڇس: چاچا جيڪڏهن تون اجازت ڏين ته آئون اچان؟ گدڙ چيس: يار تون پنهنجو ماڻهو آهين تون ڀلي اچ! تنهن تي ڦاڙهي کڻي کوهه ۾ ٽپو ڏنو. اڃا گهڙي مس گذري ته هڪڙو سهو، اچي کوهه مٿان گذريو ۽ هنن ٻنهي کي کوهه ۾ ڏسي، پڇيائين ته: ماما گدڙ! توهان ٻئي هت ڪيئن اچي ڦاٿو آهيو؟ گدڙ ورندي ڏنيس: ميان! هت رڳو پيا ٻوڙ پلاءُ اچن. تنهن تي سهي پڇين: مان به اچان؟ گدڙ چيس: ابا، ڀلي اچ. سهي به کڻي کوهه ۾ ٽپو ڏنو. اڃا گهڙي کن گذري، ته هڪ چيتو شينهن به اچي کوهه وٽ پهتو، ۽ هنن ٽنهي کي کوهه ۾ ڏسي، گدڙ کان پڇيائين: اڙي گدڙ! هتي ڪيئن اچي گڏ ٿيا آهيو؟ گدڙ چيس: سائين! هتي ٻوڙ پلاءُ پيا اچن، سي کائي پيا مزا ڪريون. اهو ٻڌي شينهن چيس: اڙي گدڙ! ڇا ڀلا مان به اچان؟ گدڙ چيس: نيڪيءَ کي منع ڪانهي، ڀلي اچو. شينهن به کڻي کوهه ۾ ٽپو ڏنو. شينهن، گدڙ جي چوڻ تي کوهه ۾ ٽپو ته ڏنو، پر جڏهن اتي ڪجهه به نظر نه آيس، تڏهن گدڙ کي چيائين: ههڙا تهڙا، ڪٿي آهن ٻوڙ پلاءُ؟ مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي، جهٽ حاضر ڪر، نه ته پهرين توکي کائيندس. گدڙ چيس: سائين! مون کي نه کائو. ڪُڻا ٿا وجهئون جنهن جو نالو نڪري اُن کي کائو. شينهن چيس: چڱو، ڀلي ڪُڻا وجهه. گدڙ وڏو چالاڪ هيو، هن هڪ چوسٽو چوندي چيو:

    ”گِدڙ دل جو مِدڙ، سو به ناهي ڪار،

    شينهن پَٽ جو رينهن، سو به ناهي ڪار،

    ڦاڙهو ڪنن ڳاڙهو، سو به ناهي ڪار،

    هڻ سيهڙ کي چنبو ته کائون.“

    گدڙ اهو چوسٽو چوڻ کان پوءِ سهي جو ڪُڻو کنيو! شينهن ڇا ڪيو جو سهيڙ کي چنبو هڻي ماري وڌائين، ۽ سڀني ويهي ان کي کاڌو. گدڙ وري ڇا ڪيو جو، سهي جا آنڊا، جيڪي کيس پتيءَ ۾ مليا هئا، سي پٺيءَ کي ويڙهي ڇڏيا.

    جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو، تڏهن شينهن کي اچي بک لڳي هن گدڙ کي چيو: اڙي گدڙ! مون کي بک لڳي آهي، ڪٿي آهن ٻوڙ پلاءَ، نه ته مان توکي کائيندس. گڏڙ چيس: سـائين! مـون کـي نه کائو، مان ڪُڻا ٿو وجهان، جنهن جو نالو نڪري، تنهن کي کائو. شينهن چيو: چڱو، جلدي ڪُڻا وجهه گدڙ وري هڪ ٽيڙو چوندي چيو:

    ”گدڙ دل جو مدڙ، سو به ناهي ڪار،

    شينهن پَٽ جو رينهن، سو به ناهي ڪار،

    هڻ ڦاڙهي کي چنبو ته کائون.“

    شينهن هڪدم ڦاڙهي کي چنبو هڻي ماري وڌو ۽ پوءِ شينهن ۽ گدڙ ويهي کاڌو. گدڙ ڇا ڪيو جو ڦاڙهي جا آنڊا به پنهنجي پٺيءَ کي ويڙهي ڇڏيا. جڏهن ٽيون ڏينهن ٿيو، تڏهن وري اچي شينهن کي بک لڳي، گدڙ کي چيائين: اڙي گدڙ بک لڳي آهي، ڪٿي آهن تو وارا ٻوڙ پلاءَ، نه ته مان توکي کائيندس. گدڙ چيو: سائين! ڏس مان پنهنجي پيٽ مان آنڊا ڪڍي پيو کانوان، تون به ائين ڪر. شينهن چيو: ڪيئن ڪريان؟ گدڙ پاڻ کي چنبو هڻي پٺيءَ تان ويڙهيل آنڊا پٽي کائڻ لڳو ۽ شينهن کي چيائين: سائين! هيئن ڪر! شينهن ڇا ڪيو جو وٺي پاڻ کي چنبا هڻڻ لڳو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پاڻ کي ڦاڙي ماري وڌائين! جڏهن شينهن مري ويو، تڏهن گدڙ هن کي ويهي کاڌو.

    ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي اچي وڏ ڦڙو مينهن وٺو ۽ اُهو کوهه ڀرجي تار ٿيو، گدڙ به ٻاهر نڪري، ڌڻيءَ جا احسان مڃڻ لڳو ۽ پوءِ گدڙ پنهنجي واٽ وٺي راهي ٿيو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    مڪاري ۽ چالاڪي ۾ لومڙي مائي گدڙ کان به وڌ مشهور آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو